شفيق الرحمان شاڪر وري ڪا اڏام کٽولي آئي ۽ اڏامي ويئي.پاڪستان نالي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي جدوجهد پويان اها سوچ شامل هئي ته هندستان جهڙي ملڪ ۾ جتي مالمان اقليت ۾ هئا انهن کي سماجي، قانوني ۽ معاشي انصاف برابريء جي بنيادن تي نه ملي سگھندو.انگريزن جي ملڪ ڇڏڻ جي صورت ۾ مسلمانن سان ٻئي نمبر شهريء وارو سلوڪ ٿيندو۽ کين آزاديء سان ترقي ڪرڻ جا موقعا نه ملي سگھندا ۽ اهو به ته کين انساني بنيادي حقن جي معاملي ۾ محروم رکيو ويندو.ان سوچ هيٺ پاڪستان ته ٺهي ويو پر ڇا ٿيو؟ ڇا سماجي،قانوني ۽ معاشي انصاف وارو خواب پورو ٿيو؟ڇا عوام لاء ڪو سکن جو سج اڀريو؟ ڇا قانون سمورن شهرين لاء هڪ جهڙو بڻجي ويو؟ڇا سمورين مجبورين، مصيبتن ۽ محرومين کان نجات ملي ويئي؟گذريل ٻاهتر سالن کان ملڪ ۾ جيڪو تماشو متل آهي انهيء مان ته اهو ئي ثابت ٿيو آهي ته غلاميء کان آزاديء طرف ان سفر ۾ عوام لاء ڪجهه به ناهي بدليو.اهو ئي طاقتور مافيائن جو راڄ،اها ئي اشراف طبقي جي ارهه زوري،اهو ئي قانون جو رڳو ڪمزور جي پير جي زنجير بنجڻ،اهي ئي بکون،بدحاليون،بيماريون ۽ بي روزگاريون،اهي ئي آزار،ايذاء ۽ اذيتون،اهائي جهالت جي ڪاري رات،اهو ئي ناانصافين ڀريو نظام،اها ئي معاشي اڻ برابرين جي پاليسي،اهو ئي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا،اها ئي عوامي مال ۽ وسيلن جي چوري ۽ مٿان سينا زوري،اهي ئي غريب مار ۽ عوام آزار استحصالي پاليسيون،اهي ئي سنگدل،ظالم ۽ بي حس حڪومتون،ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھندڙ دوکي واري سياست،اها ئي جمهوريت جي ويس ۾ هڪ خاص طبقي جي سنگين فسطائيت،اهم حڪومتي ۽ رياستي مامرن تي عوام سان حڪمرانن جي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت،عالمي استحصالي مالياتي ادارن جي وفاداريء ۾ انسانن جي معاشي نسل ڪشي،ملڪي ۽ عوامي خزاني کي هڙپ ڪندڙن جي اها ئي امامت،عزت ۽ اڳواڻي،اها ئي رهزنن جي رهبري،اها ئي سياسي مظلوميت جي پراڻي ڪهاڻي.انهن ٻاهتر سالن ۾ عوام جي قسمت بدلجڻ بدران سندن زندگيون وڌيڪ آزار ٿينديون رهيون آهن.غربت پنهنجون سڀ حدون پار ڪيون، مهنگائيء ماڻهن کي پيڙهي ڇڏيو،عام مريض سرڪاري اسپتالن جي بدبودار بسترن تي مناسب علاج نه ملڻ سبب تڙپندي تڙپندي مرندا رهيا،ڳورهاريون عورتون رستن ۾ لڇي لڇي دم ڌڻيء حوالي ڪنديون رهيون ،معصوم ٻارڙا مناسب کاڌو نه ملڻ سبب زندهه لاش بڻجي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا.معمولي ڏوهن ۾ قيد غريب سالن تائين جيلن جي بي رحم فضائن ۾ سڙندا رهيا ۽ ڏاڍن کي غريب قوم جا اربين کربين ڦرڻ ۽ لٽڻ جي الزامن هيٺ آيل عدالتي سزائن باوجود شاهي پروٽوڪول ڏيئي پرڏيهه روانو ڪيو ويو.آباديء جو هڪ وڏو حصو ڪاري ڪامڻ ۾ ورتل،هڪڙي ٻئي حصي کي ايڊز جي موذي مرض ڪنهن ڪم جو نه ڇڏيو،لکن ۾ اهي جيڪي ٽي بي سان وڙهندي کٽون خالي ڪري ويا.باقي جيڪي رهيل تن تي ڊينگيء جا خطرناڪ ڦيرا،غريبن جي لاء زڪوات، ،بيت المال ۽ خيرات جا پئسا به اشرافيا جي عياشين ۾ لڳندا رهيا.ڳرن وياجن تي عوام جي نالي تي ورتل غير ملڪي قرضن جون قسطون وڏن پيٽن ۾ وڃڻ بعد ان جو پورائو مسڪينن جو گوشت پٽي ٿيندو رهيو.قومي نفعي بخش ادارا به هڪ هڪ ڪري پهرين برباد بعد ۾ ڀڳڙن مٺ تي نيلام ٿيندا رهيا. نانگن ۽ ڪتن جا ڏنگيل ماڻهو ويڪسين جي لاء رڙيون ڪندي مرندا رهيا پر حڪومتون توڙي رياست وڏي بي حسيء سان اهو سارو تماشو ڏندي رهي.سياست جو باغ آباد رهيو پر عوام مٿان آيل خزائن جو عذاب ٽري نه سگھيو.سياستدانن جا ڪاروبار جرڪندا رهيا پر عوام ٻن ويلن جي مانيء لاء نهاريندو رهيو.تقريرن،نعرن،دعوائن ۽ بيانن جو سمنڊ موجون هڻندو رهيو پر ملڪ جي هڪ وڏي آبادي پيئڻ جي صاف پاڻيء کان محروم رهي.حڪمرانن جا محل مهڪندا رهيا پر غريبن جا چلها وسامي ويا.اصولن جا جنازا نڪتا،قدرن جو قتل ٿيو،قانون مذاق بڻجندو رهيو ڳالهه عوامي اقتدار ۽ آئين جي حڪمرانيء جي ٿيندي رهي.نعرن جا نغما ايترا وڄيا جو الحفيظ الاامان! ڪڏهن اسلامي نظام جو نعرو ته ڪڏهن عوامي بالادستيء جا اعلان،ڪڏهن ووٽ کي عزت ڏيو جو منشور ته ڪڏهن رياست مدينا قائم ڪرڻ جي دعويٰ.نام نهاه عوامي ۽ جمهوري حڪومتون هجن يا بندوق جي زور تي آيل مهربان،سڀني عوام سان ڪا گھٽ جٺ نه ڪئي.ڇا انصاف جو نظام درست ٿيو؟ ڇا پوليس سڌري ويئي؟ ڇا سرڪاري دفترن ۾ ڪو سڌارو آيو،ڇا ماڻهن جي مصيبتن ۾ ڪا ڪمي آئي؟ الميو ته اهو آهي جو عوام جو هتي ڪجهه به پنهنجو ناهي.نه حڪومت ۽ نه ئي وري حڪمران پنهنجا.نه سياست پنهنجي ۽ نه ئي معيشت پنهنجي.جڏهن ملڪ جي نصيب ۾ اهڙا حڪمران هجن جن جا سڀ لڳ لاڳاپا ملڪ کان ٻاهر،سندن جائيدادون ۽ ڪاروبار ٻاهر،سندن اولاد ۽ اقارب ٻاهر ته پوء انهن کي هن ملڪ ۽ هتان جي عوام جو درد ڇو ٿئي؟ اهي ٻاهرين اڏام کٽولين ذريعي اسان تي عذاب بڻجي ڪڙڪن ٿا ۽ مصيبتن جا موتي ورهائي انهن ئي اڏام کٽولين ذريعي واپس ٻاهر هليا وڃن ٿا.انهن کي ٻاهريون اڏام کٽوليون کڻي اچن ٿيون ۽ کڻي وڃن ٿيون.اسان پنهن جن جن دوستن کان امدادون ۽ قرض لاڳيتو پنندا ٿا اچون انهن جي اڏام کٽولين جي اسان جي سياست ۾ بنيادي اهميت آهي بلڪه اسان جي سموري سياست ئي اهڙين اڏام کٽولين جي آسپاس گھمندي ٿي اچي.جن به لاڏلن لاء اهي اڏام کٽوليون اڏامن ٿيون انهن جو تعلق ڪنهن عام مخلوق سان نه پر شاهي خاندانن سان هوندو آهي.انهن لاء اهي اڏام کٽوليون اڏامنديون ئي رهنديون توڙي اهي سزا کاڌل ڏوهاري يا وري اشتهاري ڀاڳيلا ئي ڇو نه هجن ڇو جو اسان پنهنجي ڀاڳ کي اها ڪاراڻ پاڻ ملي آهي ،سڀ ڪجهه ڄاڻندي به اڻ ڄاڻ ۽ سڀ ڪجهه سمجھي به بي سمجهه بڻيا آهيون..عوام پنهنجن انهن محبوب اڳواڻن کي اڏام کٽولين ۾ وهاريندي ۽ لاهيندي نعرن جو نذرانو پيش ڪندو رهندو.