جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
نظم
ســـــنڌ مــــــنهنجي امــان،گهور تــوتان وڃان،
نانءُ تنـــهنجي مـــٿان،ســــاهه صــــدقو ڪيان.
سنڌ منهنجي امان،گهور توتان وڃان،
دل ٿـــــــــي چـــــاهي ته تـوتي مـان لکندو رهان،
پنهنــجي مادر جي ٻـوليءَ کي سکندورهان،
۽ ڀــــٽائيءَ جــــــــي بـــيتن کي پڙهندو رهان،
تنهـــنجي حــــــرمت ۽ عظمت تي ڇاڇا لکان.
سنڌ منهنجي امان،گهور توتان وڃان،
تـــــــون رهيــن آن صدين کــان اجهو ۽ امن،
تــوســـــان خوشحال آهي هـــي پيارو وطـــــن،
شـــــل رهـــــي تـــــنهنجو ســرسبز سارو چمن،
تنهـنجي نقـشي کي هرهر مان ڏسندو رهان.
سنڌ منهنجي امان،گهور توتان وڃان،
تــــون ته ڪــــعبو به آن تـــــــون ته قـبلو به آن،
دل جــــــــــــي ڌڙڪـــن ۽ اقـــرار الـــــفت به آن،
نيـــنهن وارن لـــــــئه نـــياپــــو ۽ نـــقـطو به آن،
تنهنڪري ٿو مان وک وک تي سجدا ڪيان.
سنڌ منهنجي امان،گهور توتان وڃان،
تـــون آن مــــــــشرق ۽ مــــــغرب اُتــــر ۽ ڏکــــڻ،
تــــنهنـــجو ڪـــــــــاڇو سَـــــرو لاڙ غُــــــنچه دهن،
تــــــــــو ۾ ڪــــــينجهر به آ تـــــون ۾ منڇر به آ،
تــــــن جـــــي ڪـــپرن ڪنارن کي چمندو رهان.
سنڌ منهنجي امان،گهور توتان وڃان،
تـــنــهنجي دم سان ئي منهنجو، جيئڻ ۽ مرڻ،
تـــنهـــنجي ويـــرين اڳيان ڪين ٿيندو جهڪڻ،
دودي دولــــهه دريـــــاءَ خـــــــان، هوشـــوءَ جــــيان،
وڙهنـــــدي وڙهـــــــندي ڀلي ڇو نه ماريو وڃان.
سنڌ منهنجي امان،گهور توتان وڃان،
هــــــــي جــــــــا ٽــــــوپــــي ۽ پٽڪو ۽ پـــــهرياڻ آ،
هـــــــــي ثــــــقافت اســــان جــــــــيءَ جـو اهڃاڻ آ،
۽ڀـــــــٽائـــــــي ســـــڀن جـــــــــــو ئـــــــي ســـــرواڻ آ،
تنــــــهنجي ڌرتــــــيءَ تـــــــي ”آزاد“گهمندو وتان.
سنڌ منهنجي امان،گهور توتان وڃان،
نانءُ تنهنجي مٿان،ساهه صدقو ڪيان.