فياض منصور
سينيئر رڪن
وکَ تڪڙي کڻي هلي ناهي،
راتڙي توسوا کٽي ناهي
ياد تنهجي وجهي نه ڀاڪر جو،
رات اهڙي ڪڏهن ڏٺي ناهي
عڪس تنهجو چٽو پٽو آهي،
عمر جي آرسي ٽٽي ناهي
ڪاش ڪنهن ڏينهن هوءَ چوي هان ايئن،
توسوا دل ڪٿي لڳي ناهي
آس جا گل نه ٿا ٽڙن هاڻي،
زندگي زندگي رهي ناهي
درد تنهجو ملي پيو مونکي،
وڌ انهئَ کان ته ٻي خوشي ناهي؟
راتڙي توسوا کٽي ناهي
ياد تنهجي وجهي نه ڀاڪر جو،
رات اهڙي ڪڏهن ڏٺي ناهي
عڪس تنهجو چٽو پٽو آهي،
عمر جي آرسي ٽٽي ناهي
ڪاش ڪنهن ڏينهن هوءَ چوي هان ايئن،
توسوا دل ڪٿي لڳي ناهي
آس جا گل نه ٿا ٽڙن هاڻي،
زندگي زندگي رهي ناهي
درد تنهجو ملي پيو مونکي،
وڌ انهئَ کان ته ٻي خوشي ناهي؟