شفيق الرحمان شاڪر پندرهن ويهن ڏينهن جي پراسرار خاموشيء بعد وزير اعظم عمران خان جڏهن پنهنجا چپ چوريا ته سندس لفظن ۽ لهجي ۾ آيل تيزي ۽ تکاڻ اندر جي عظيم مايوسي،بيزاري ۽ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهي هئي.ڪجهه ڏينهن پهرين آرمي چيف سان ٿيل ملاقات بعد جڏهن هو پنهنجون سموريون سياسي ۽ سرڪاري سرگرميون معطل ڪري ٻن ڏينهن جي موڪل تي هليو ويو هو ته وفاقي گاديء واري شهر ۾ افواهن ۽ انومانن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو جيڪو اڃا تائين جاري آهي.ان قسم جا گمان به ظاهر ڪيا ويا ته وزير اعظم ۽ فوجي قيادت وچ ۾ لاڳاپا ڪجهه ڇڪتاڻ وارا محسوس ٿي رهيا آهن جنهن جي ترديد توڙي جو فوج جي ترجمان طرفان ڪئي ويئي پر افواهه ۽ انديشا آهن جيڪي رڪجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.انهن انديشن کي وڌيڪ هٿي هيڪاري عمران خان جي ان تقرير ڏني جيڪا هن موٽروي جي افتتاح جي موقعي تي ڪئي.ان تقرير مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان کي نه رڳو ملڪ جي اعليٰ عدالتن کان شڪايت آهي پر هو مخالف ڌر سان گڏوگڏ پنهنجن اتحادين جي رويي کان به سخت ناراض آهي.اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته وزير اعظم مقتدر ڌرين جي هاڻوڪي سموري سياسي گھوٽالي ۾ اختيار ڪيل موقف ۽ پاليسيء کان به مطئمن ناهي.مولانا جي ڌرڻي دوران جهڙيء طرح مولانا کي انتظامي رعايتون ڏنيون وييون،اسٽيج تي مولانا سان گڏوگڏ مخالف ڌر جي سمورن اڳواڻن ڪهڙيء طرح اڪيلو عمران خان کي پنهنجي تضحيڪ ۽ تنقيد جو نشانو بنايو ۽ جهڙيء طرح عمران خان تي سخت الزامن جي برسات ٿي ۽ بعد ۾ جهڙيء طرح حڪومت جي اتحادين خاص طور تي چوڌري ڀائرن ان سموري معاملي ۾ هڪ پراسرار ڪردار ادا ڪيو،انهيء تي خان صاحب اڳ ۾ ئي تپيل هو وڌيڪ ڪسر ميان نواز شريف کي مليل عدالتي رليف ۽ ان کي بنان ڪنهن شرط جي ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ واري معاملي تي حڪومت جي اتحادين جي مطالبن،صلاحن،بيانن ۽ بعد ۾ ڏنل ٽي وي انٽرويوز باهه تي تيل وارو ڪم ڪيو.هڪ طرف عمران خان ۽ سندس ڪجهه وزير ۽ مشير مولانا تي ملڪ دشمنيء جا الزام هڻي هڪ بيانيو جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا انهيء بيانني کي مقتدر ڌرين پاران مولانا کي جاري ڪيل”محب وطن “ جي سند ۽ هڪ ”زيرڪ سياستدان “ واري سرٽيفڪيٽ حڪومت جي پوري بيانيي مان هوا ڪڍي ڇڏي.اهو سمورو رد عمل عمران خان جي اميدن مطابق نه هو.ان سڄي معاملي ۾ چوڌري ڀائرن پنهنجا سياسي ڪارڊ نهايت هوشياريء سان کيڏيا.انهن نه رڳو ميان صاحب جي اخلاقي حمايت ڪري نون ليگ سان ايندڙ ڏينهن ۾ وسيع مفاهمت جو رستو سڌو ڪيو بلڪه انهن هڪ نموني سان عمران حڪومت کي غلط سياسي پاليسين ۽ روين لاء چارج شيٽ به ڪري ڇڏيو.چوڌري پرويز الاهيء جو اهو چوڻ ته مولانا کي خالي هٿين واپس ناهي موڪليو ويو،انهيء صورتحال عمران خان کي وڌيڪ پريشان ڪيو بلڪه هن کي گھڻو غصو ڏياريو.اها ڳالهه ته صاف آهي ته ميان نوازشريف کي پرڏيهه موڪلڻ وارو معاملوبيماري نه پر هڪ اهڙي ڊيل جو نتيجو آهي جنهن ۾ عمران خان جي مرضي شامل ناهي.لنڊن پهچڻ بعد ”شديد بيمار” نواز شريف جون وڊيو ڪلپس ۽ تصويرون ”سيلف ايڪسپلينري” آهن.انهيء ڊيل جي ٻئي حصي ۾ مريم نواز به ڪجهه ئي عرصي ۾ ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃڻ واري آهي ۽ ان لاء به ڪو نه ڪو رستو نڪري ايندو. توڙي جو عمران حڪومت لاء نواز شريف ۽ مريم نواز جو ملڪ کان ٻاهر رهڻ وقتي طور تي فائديمند ٿيندو پر اصل مسئلو نواز شريف جي ٻاهر وڃڻ يا نه وڃڻ جو نه پر اصل مسئلو ست ارب روپين جي بانڊ جو آهي.عمران خان جيڪي احتساب ۽ انصاف جون دعوائون ڪيون انهن جو عوام ۾ ڀرم رکڻ جو اهو ئي واحد طريقو هو ته ماڻهن کي ان معاملي تي بيوقوف بنايو وڃي ته حڪومت پئسا وصول ڪري پوء نواز شريف کي ٻاهر موڪليو آهي پر عدالت جي انهيء شرط ختم ڪرڻ سان عمران خان جي پوري بيانني کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.عمران حڪومت ۾ اندروني توڙي ٻاهرئين طور تي ايتري سگھه نه هئي جو اها ان معاملي تي مزاحمت ڪري سگھي.بيوسيء جي ان احساس عمران خان کي گھڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ته ڪيو آهي پر هو هو ڇا ٿو ڪري سگھي؟.اصل واڳ ڌڻين کي هڪ مقرر حد کان وڌيڪ ناراض ڪرڻ جي صورت ۾ کيس خبر آهي ته سندس ڪجهه اتحادي ساٿ ڇڏي ويندا جنهنجي نتيجي ۾ سندس حڪومت ڊهي پوندي.اهڙي صورتحال ۾ عمران خان وٽ رڳو هڪڙو ئي آپشن رهجي ويو آهي ته هو اسيمبليون ٽوڙِي نين چونڊن جو اعلان ڪري پر ان معاملي ۾ به ٻه انديشا آهن.پهريون اهو ته جيڪر عمران خان اسيمبليون ٽوڙي ٿو ته ڇا عدالتون انهن اسيمبلين کي ٻيهر بحال ته نه ڪري ڇڏينديون؟ ٻيو اهو ته عمران حڪومت پوين پندرهن مهينن ۾ جيڪا خراب ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ جهڙيء طرح تيزيء سان سندس مقبوليت جو عوامي گراف ڪريو آهي،ڇا انهيء صورتحال ۾ ايندڙ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف وري ڪا واضح اڪثريت حاصل ڪري سگھندي؟ جڏهن اهو به يقين ناهي ته ايندڙ چونڊون ڪهڙي طريقي سان ٿينديون ۽ ڪنهن کي کٽايو ۽ هارايو ويندو.هن وقت انهن سمورن معاملن گڏجي نه رڳو خان صاحب کي ڪاوڙائي وڌو آهي پر هو سخت منجھيل محسوس ٿئي ٿو.نواز شريف سان ٿيل ڊيل يا مفاهمت جي نتيجي ۾ توڙي جو ميان صاحب تڪڙو ملڪ موٽڻ وارو ناهي تنهن هوندي به ان جو مطلب اهو ناهي ته مسلم ليگ نون جي سياست ئي ختم ٿي ويندي بلڪه ميان شهباز شريف ان ئي عظيم قومي مفاهمت جي نتيجي ۾ پاڪستاني سياست ۾ سرگرم رهندو ۽ اقتدار ڌڻين وٽ هڪ متبادل وزير اعظم طور موجود رهندو.سو عمران حڪومت لاء ايندڙ وقت ايترو پرسڪون نه هوندو جيترو سمجھيو پيو وڃي. چوڌري پرويز الاهي مولانا جي جنهن ”امانت“ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي،تجزيي نگارن مطابق اها امانت مولانا جو بلوچستان حڪومت ۾ مناسب حصو پتي يا وري ان هائوس تبديليء ذريعي مائينس عمران به ٿي سگھي ٿو.حڪومتي اتحادين پاران ٽڙيل پکڙيل ڳالهيون ڪرڻ ۽ عمران حڪومت جا عيب ثواب ڳڻائڻ وارا بيان ان طرف اشارو ڪري رهيا آهن ته عمران خان کي مائينس ڪرڻ جي تياري ٿي رهي آهي.عمران خان جي بيوسيء جو اظهار ان اپيل مان ٿئي ٿو جيڪا هن اعليٰ عدالتن جي ججن کي طاقتورن کي سزا ڏيڻ لاء ڪئي آهي. جنهن جي جواب ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته عدليا کي انصاف جون صلاحون ڏيندڙ پنهنجو پاڻ کي ڏسن .هن چيو ته نواز شريف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت عدالت نه پر وزير اعظم پاڻ ڏني آهي.هن اهو به چيو ته عدليا کي اهڙيون صلاحون ڏيڻ ۾ احتياط کان ڪم ورتو وڃي.چيف جسٽس اهو به چيو ته عدالتن کي طاقتور سان رعايت ڪرڻ جا طعنا ڏيندڙ اهو به ياد رکن ته عدالتن ئي هڪڙي وزير اعظم کي نااهل ڪيو ته ٻئي وزير اعظم کي جيل موڪليو.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر عدالتون عمران خان جي خواهش موجب پورو انصاف ڪرڻ تي اچن ته خود عمران خان جي پنهنجي اڌ ڪابينا ئي جيل ۾ هلي ويندي.جهڙيء طرح ان کان اڳ نيب چيئرمين اهو بيان ڏنو هو ته جيڪر نيب پوريء طرح احتساب ڪري ته عمران خان جي حڪومت ئي ختم ٿي ويندي.رڳو اعظم سواتيء واري معاملي کي ڏسجي ته جڏهن عدالتون کيس سزا ڏيڻ واريون هيون ته عمران خان هن کي اڳواٽ استعيفا ڏياري سزا کان بچائي ورتو ۽ جيئن ئي تڏهوڪو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار رٽائر ٿيو ته اعظم سواتيء کي پوري اعزاز سان واپس وفاقي ڪابينا ۾ موٽايو ويو.رڳو هڪڙو سواتي ناهي،هتي ته حڪومتي صفن ۾ ڪيترائي ملزم آهن جن تي مالي بدعنوانين جا سنگين الزام آهن پر عمران خان جي نظر ۾ ڪرپٽ ۽ ڏوهاري رڳو اهي آهن جيڪي ساڻس گڏ ناهن.هو انصاف ته گھري ٿو پر پنهنجي مرضيء جو.اصل ۾ خان صاحب دلي طور تي ڪنهن جمهوري ۽ پارلياماني نظام جو حامي ئي ناهي جنهنجو اظهار هو ڪيترا ئي ڀيرا ڪري چڪو آهي.هو هن ملڪ ۾ چين جهڙو ڪو نظام آڻڻ گھري ٿو جنهن ۾ سمورا اختيار سندس هٿ ۾ هجن پوء هو جنهن کي چاهي تنهن کي چوڪن ۽ چوراهن تي اونڌو ٽنگي ڇڏي.عدالتون سندس فيصلن تي آمين چون،فوج ۽ ٻيا رياستي ادارا سندس ها ۾ ها ملائين، ميڊيا به سندس ئي ساراهه جا ڍڪ ڀري،نه ڪو مٿانئس تنقيد ڪري سگھي ۽ نه ئي ڪو اختلاف جي جرئت ڪري سگھي. پاڪستان جي موجوده سياسي نظام اندر ان خواهش جو پورو ٿيڻ ڪيئن ممڪن آهي؟پاڪستان ۾ ته پولٽ بيورو قائم ڪري نٿو سگھجي.بد قسمتيء سان سندس ذهن ۾ ويٺل هڪ آمر کي خان صاحب ٻاهر نه ڪڍي سگھيو آهي.هڪ اهڙو آمر جيڪو هر ان معاملي ۾ به ضد جو مظاهرو ڪرڻ لڳي ٿو جنهنجو حل رڳو ڳالهه ٻولهه،مفاهمت ۽ هڪ ٻئي جي تعاون سان ئي ممڪن هوندو آهي.اهو ضد هيستائين نه رڳو خان صاحب کي بار بار يوٽرن وٺڻ تي مجبور ڪندو رهيو آهي پر سندس حڪومتي ڪارڪردگيء کي به گھڻو متاثر ڪندو رهيو آهي.عمليت پسنديء بدران مثاليت پسنديء جي سحر ۾ ورتل عمران خان عوام کي ڪيستائين انهن خوابن سان وندرائي سگھندو اهو ته وقت ٻڌائيندو پر اها ڳالهه صاف نظر اچي پيئي ته ايندڙ ڏينهن عمران خان جي حق ۾ ڪو سٺو سوءڻ نه کڻي اچي رهيا آهن.نيب جي چيئرمين جو تازو ڏنل اهو بيان ته ”هوائن جو رخ بدلجي رهيو آهي“ ۽ پي ٽي آئي خلاف هلندڙ فارين فنڊز ڪيس به ايندڙ حالتن طرف واضح اشارو ڪري رهيا آهن!