zaheer hussain
سينيئر رڪن
*مباهلو*
سنڌيڪار: سردار ظھير حسين ملوڪاڻي
«نجران» جو علائقو حجاز ۽ يمن جي سرحد تي واقع آهي، اسلام جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ عربستان جو هي اڪيلو علائقو هو جنهن ۾ مسيحي رهندا هئا.
پاڻ سڳورن (صلي الله عليه واله وسلم) سڄي دنيا جي حڪومتن کي خط لکيا، هڪ خط اسقف نجران (ابو حارثه) ڏانهن پڻ لکيو
جڏهن پيغمبر (ص) جا نمائيندا نجران ۾ داخل ٿيا، اسقف هڪ ڪاميٽي جوڙي، ته انهن کي ڪهڙو جواب ڏنو وڃي. «شرجيل» نالي هڪ شخص جيڪو پنهنجي ذهانت جي ڪري معروف هو، ان چيو تہ: اسان پنهنجي مذهبي اڳواڻن کان ٻڌو آهي ته، هڪ ڏينهن نسل اسحاق، اسماعيل جي اولاد ۾ منتقل ٿي ويندي ۽ اهو به ممڪن آهي ته محمّد جيڪو اولاد اسماعيل آهي اهو ئي پيغمبر موعود هجي.
شورا ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته انهن جا 60 عالم سڳورا نبي ڪريم (صلي الله عليه وآله وسلم) سان وڃي ملاقات ڪندا. جڏهن اهو گروهه نبي ڪريم سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ويو انهن کي ابريشم جو لباس پهريل هو، آڱرين ۾ سون جون منڊيون هيون ۽ ڳلي ۾ صليب پاتل هو اهي جڏهن مديني ۾ آيا ۽ مسجد ۾ داخل ٿيا ته نبي اڪرم (ص) انهن کي اهڙي حالت ۾ ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو.
انهن عثمان ۽ عبدالرحمان کان نبي ڪريم (ص) جي ناراضگي جو سبب پڇيو. جئين ته نجراين جو ٽولو انهن ٻنهي کي اڳ ۾ سڃاڻيندو هو، تنهن ڪري ئي انهن ڏانهن رجوع ڪيائون انهن ٻنهي چيو ته: توهان جي مشڪل جو حل علي بن ابي طالب (عليه السلام) وٽ ئي آهي. مولا علي (ع) انهن کي فرمايو: اوهان پنهنجي پاڻ کي نبي ڪريم جي آڏو سادي نموني سان پيش ٿيو. انهن علي عليه السلام جي فرمان مطابق عمل ڪيو ۽ پيغمبر خدا ص جي سامهون پيش ٿيا ته پاڻ سڳورن ص انهن جي سلام جو جواب به ڏنو ۽ انهن جي تحفن کي پڻ قبول ڪيو.
[منشور جاویدج 7، ص 96]
*پاڻ سڳورن (ص) جي نجران نمائيندن سان ملاقات*
حضور اڪرم(صلی الله علیه واله وسلم)
جڏهن نجران جي نمائيندن سان ملاقات ڪئي ته، اسلام جي حق تي هجڻ کي دليلن سان پيش ڪيو، پر نجران جي نمائيندن پاڻ سڳورن (ص) کي چيو اوهان جا دلائل اسان کي قانع نه ڪري سگهيا آهن، ان جو راهه حل اهو آهي ته هڪ مقرر وقت تي مباهلو ڪريون ۽ ڪوڙن تي لعنت ڪريون، ۽ خدا کان انهن جي هلاڪت کي طلب ڪريون ته ان مهل هي آيت نازل ٿي:
«جيڏي مهل به اوهان جي خبر (مسيحت) کي پئجي وڃي ان کانپوءِ به ڪجهه اوهان سان جنگ جي لاءِ اٿي بيهن ته انهن کي چئو: توهان پنهنجي اولاد کي وٺي اچو اسان پنهنجي اولاد کي، توهان پنهجين عورتن کي وٺي اچو اسان پنهنجين عورتن کي، توهان پنهنجي نفسن کي اسان پنهنجي نفسن کي وٺي اينداسين، پوءِ مباهلو ڪنداسين انهن مان جيڪو ڪوڙو نڪتو انهن تي الله جي لعنت وجهنداسين.
(آل عمران/ 61.)
آخرڪار نجرانين پاڻ ۾ اهو طئي ڪيو ته: جيڪڏهن محمّد پنهنجي سپاهين ۽ سربازن سان مباهلي لاءِ ايندو ته معلوم ٿي ويندو اهو پنهنجي دعوا تي ڪوڙو آهي. جيڪڏهن پنهنجي اولاد ۽ گهر وارن سان ايندو ته پوءِ محمّد سچو آهي،۽ پنهنجي ايمان تي ثابت قدم آهي ۽ ان کي ڪنهن به ڳالهه جو خوف نه آهي، نجران اڃا انهن ڳالهين ۾ ئي هئا ته اوچتو نبي جو نوراني چهرو نمودار ٿيو جيڪو امام حسن (عليه السلام) ۽ امام حسين (عليه السلام) کي هٿ ڏيو اچي پيو جنهن جي اڳيان علي (ع) ۽ پويان سيده فاطمه سلام الله عليها هئا.
نجران جا نمائينده اچرج ۾ پئجي ويا ۽ هڪ ٻئي ڏانهن نگاهه ڪرڻ لڳا ۽ تعجب سان ڏندن ۾ آنڱريون اچي وين ۽ چوڻ لڳا هن مرد کي پنهنجي عقيدي تي مضبوط اعتماد آهي جيڪڏهن ڪوڙو هجي ها ته آسماني بلا جي هيٺيان پنهنجن عزيزن کي نه وٺي اچي ها.
[تفسیر نمونه ج2 ص 440)]
اُسقف چيو: محمد (صلي الله عليه وآله وسلم) جو چهرو ايڏو ته نوراني آهي جيڪڏهن هو هٿ کڻي الله کان دعا گهري ته زمين جا وڏا جبل به ريزه ٿي ويندا، انهي نوراني چهره سان ۽ انهن با فضيلت ماڻهن سان مباهلو صحيح ڪونهي.
اها حالت ڏسي نجران جي نمائيندا مباهلي کان هٿ کڻي ويا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيائون ته مباهلو ڪونه ڪنداسين پر هر سال ڪجهه پئسا، جزيه (سالانه آمدني) جي عنوان سان هرسال جمع ڪرائيندا ۽ انهي جي عيوض حڪومت اسلامي انهن جي جان ۽ مال جي دفاع ڪندي.
️
صلح نامو
الله جي نالي سان شروع جيڪو بخشڻهار ۽ مهربان آهي، هي محمّد جو خط آهي نجرانين ۽ ڀرپاسي وارين قومن لاءِ، الله جي رسول محمد جو حڪم ۽ فيصلو اهو آهي ته اهي پنهنجي مال ۽ ملڪيت مان هر سال ٻه هزار لباس حڪومت اسلامي کي ڏيندا، هر لباس جي قيمت چاليهه درهم کان مٿي نه هوندي... انهن جي جان، مال، عزت آبرو الله ۽ ان جي رسول جي امان ۾ هوندي، ان شرط سان گڏ ته اڄ کان ئي هر قسم جي وياج کان پاسو ڪندا.