سي ايم ايس معلومات کي ورهائڻ جو هڪ ذريعو آهي. ان کي مختلف مشينن تي ظاهر ڪرڻ لاءِ ماڻهن هڪ لينگويج تيار ڪئي جنهن کي ايڇ ٽي ايم ايل چيو ويندو آهي، جنهن مشين کي ٻڌايو ته ان معلومات کي ڪيئن ظاهر ڪيووڃي. سي ايم ايس کي استعمال ڪندي مواد ايڊيٽر ۽ آرگنائيزيشن جيڪي ڪم ڪن ٿا اهي هيٺيان ڪم آسانيءَ سان ڪري سگهن ٿا اهي اسٽينڊرڊ فارميٽ ۾ مواد کي لکي ۽ پبلش ڪري سگهن ٿا بنا ايڇ ٽي ايم ايل سکڻ جي اهي مختلف ماڻهن يا ليکڪن کي اهو اختيار ڏئي سگهن ٿا ته اهي مختلف جڳهين تي ويهي ويب سائيٽ ۾ مواد لکي ۽ پبلش ڪري سگهن جيڪا ڊزائن چاهين تمام ٿوري دير ۾ مٽائي سگهن مختلف ڪلرس، ڊيزائن ۽ لي آئوٽ تيار ڪري پنهنجي ويب سائيٽ کي منفرد بڻائي سگهن