شفيق الرحمان شاڪر مدت کان ملڪ ۾ متل سياسي ملاکڙي،بيانن ۽ بهتانن جي برسات،الزامن ۽ جوابي الزامن جي طوفان،هڪ ٻئي سان زور آزمائيء جي مقابلن،معصومن ۽ مجرمن جي بحث،قانوني موشگافين،آئيني توضيحن ۽ تشريحن،ميڊيڪل ٽيسٽن ۽ رپورٽن،ڊاڪٽرن جي اعلانن ۽ انتباهن ،احتجاجن ۽ ڌرڻن جي دز ۾ ملڪ جو عوام ۽ عوامي مسئلا دٻجي ڪري رهجي ويا آهن.مخالف ڌر اڃا چونڊ مهم واري ماحول مان ٻاهراچڻ لاء تيار ناهي ۽ حڪومت اڃا حزب اختلاف جي کول مان ٻاهر نه نڪري سگھي آهي.هڪڙا چون ٿا ته سليڪٽيڊ حڪومت ۽ رجيڪٽيد وزير اعظم قبول ناهي ٻيا چون ٿا ته مري وينداسين پر ڪنهن کي به اين آر او نه ڏينداسين.انهن کان ڪو اهو ته پڇي ته پاڪستان ۾ اها ڪهڙي حڪومت آهي جيڪا سليڪٽيڊ نه هئي،ڪهڙيون چونڊون هيون جن ۾ ڌانڌلي نه ٿي هئي؟ اهي جيڪي صبح سانجھيء اهي اعلان ڪري رهيا آهن ته اهي ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندا انهن کان پڇجي ته ”نيشنل رحمدلي آرڊر“ ته اوهين ڏيئي چڪا آهيو پوء اجايو اها پراڻي ۽ گسيل ڪيسٽ وڄائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هڪ طرف اعلان اهو ته وڏي دل واري وزير اعظم کي انسانيت ناتي ”رحم “ اچي ويو ته ٻئي طرف پنهنجي ئي ان ”رحمدليء “ تي پاڻ ماتم ڪيو پيو وڃي.ڪڏهن عدالتن کي الزام ڏنو پيو وڃي ته ٻئي طرف سسٽم سان شڪايتون ڪيون پييون وڃن.خبر نٿي پوي ته سڄي عوام جي عقل جو ڏيوالو نڪري ويو آهي يا اسان جي ان اشرافيا سان ڪو ذهني يا نفسياتي مسئلو ٿي پيو آهي.هڪڙا عوام جي احساس ۾ روڊ رستا بلاڪ ڪري رهيا آهن ته ٻيا قوم جي درد ۾ روزانو عام استعمال جي شين جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪندا ٿا وڃن.مٿان ماڻهن کي خوشخبريون به ٻڌائيندا ٿا وڃن ته ملڪ جو مالي خساررو گھٽجي ويو آهي،امپورٽ وڌي ويئي آهي،معيشت لوهه جهڙي مضبوط ٿي پيئي آهي، ٽماٽا سترهن روپيا في ڪلو وڪجي رهيا آهن.سڄي دنيا مان چونڊي جيڪا ماهر ترين معاشي ٽيم اسان جو مقدر بڻي آهي انهيء جي بهترين ڪارڪردگي وزير اعظم پاور پوائنٽ جي پريزنٽيشن تي ڏسي خوشيء وچان ٽپڻ ۽ نچڻ لڳي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته مهنگائي هٿرادو آهي.اها مهنگائي آخر ڪنٽرول ڪنهن کي ڪرڻي آهي؟ معزز وزير اعظم وٽ ان جو ڪو جواب ناهي يا هو ان جواب ڏيڻ جو پنهنجو پاڻ کي پابند نٿو سمجھي.صاحب چوي ٿو سڄو سسٽم خراب آهي،اهو ٺيڪ ڪنهن کي ڪرڻو آهي؟ جواب ۾ قبرستان واري خاموشي آهي.جنهن ڏينهن عمران خان معاشي ماهرن يا معاشي مسخرن جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو جتي حڪومت جي شاندار معاشي ڪاميابين جون قواليون ڳايون پئي وييون عين انهيء ئي ڏينهن تي پنجاب سرڪار جو سالار وسيم اڪرم پلس پنجاب فلور ملز ايسوسيئيشن جي مطالبي اڳيان گوڏا کوڙي اٽي جو اگهه 48 مان 60 روپيا ڪري چڪو هو.انهيء ڪري جو اٽو صرف سرنديء وارا ئي کائيندا آهن سو ان جي اگهه وڌڻ سان غريبن تي ڪو فرق نه پوندو.اهڙيء طرح غريبن کي هروڀرو ٽماٽا کائڻ جي ضرورت ڪهڙي؟ پر سوال اهو ته عوام آخر ڇا کائي؟ داليون ،ڀاڄيون،گيهه،کنڊ مطلب ته ڪهڙي شيء آهي جنهنجي قيمت آسمان سان ناهي لڳي؟دوائون مهنگيون ٿيڻ سان ملڪ کي هڪڙو فائدو ضرور ٿيندو جو آباديء ۾ اضافو بنان ڪنهن فيملي پلاننگ جي ڪنٽرول ٿي ويندو.هڪ طرف عام ماڻهن جون رڙيون ۽ ڪوڪون آهن،آهون ۽ دانهون آهن،حڪمرانن لاء بد دعائون،پٽون ۽ پاراتا آهن ته ٻئي طرف سياسي پهلوان آهن جن کي ڪشتي وڙهڻ سواء ٻيو ڪو هوش ئي ناهي.هر وقت سندرا وٽيو ۽ ٻانهون کنجيو هڪ ٻئي کي ٺونشا ۽ لتون هڻڻ مان ئي واندا ناهن.اعلان ٻڌو ته؛ ”نه هٽنداسين،نه ڇڏينداسين،مٿو ڦاڙينداسين، چيلهه ڀڃنداسين،مرنداسين،مارينداسين،اندرين هڻنداسين،ٻاهرين آزمائينداسين، کاٻي کيڏنداسين،ساڄي وڙهنداسين،اجھو هو ڪريو،اجھو هو جھريو،اجھو هن جو نڪ سڄيو،هن جي ٽنگ ڀڳي،هن جي ٻانهن ويئي،هن جو مٿو ڦاٽو،اجھو هن جي سنگهه وهي،اجھوهن جو ....نڪتو. “ آخر هي ڪهڙو تماشو آهي،ڪهڙي مسخري آهي جنهن جو ڪو دنگ ئي ناهي.ڪهڙو ناٽڪ آهي جنهن جي ڪا اينڊ ئي نٿي ٿئي.ڪهڙو ٿيٽر آهي جنهن پوري ملڪ کي پاڳل بنائي ڇڏيو آهي. لڳي ٿو ته هن ڀيري ريفري انهن جوڌن مان هٿ ڪڍي پري کان اهو سڀ تماشو ڏسي ۽ مزو وٺي رهيا آهن. نه ڪنهن بريڪ لاء ڪا سيٽي ٿي وڄي ،نه ڪو گول ٿو ٿئي ۽ نه وري راند ٿي ختم ٿئي.مهنگائي جي بگھڙ ماڻهن جو ماس ڪور ي ڇڏيو،بيمارين ماڻهن جو رت نپوڙي ڇڏيو ،بيروزگاري ماڻهن جا چلها وسائي ڇڏيا،رشوت ماڻهن جو ڇوڏو ڇلي ڇڏيو پر هي جمهوريت جا علمبردار،انساني حقن جا ٺيڪيدار،آئيني اصولن جي بالادستيء جا دعويدار،عوام جي خواشن جا سالار،هي قومي ۽ بين الاقوامي اڳواڻي جا تاجدار سڀ جا سڀ ڇا ڪري رهيا آهن؟انهن سڀني پنهن جا پارٽي منشور، عوامي ايجنڊائون،عوام سان ڪيل وعدا ۽ وچن،دعوائون ۽ اعلان ڪهڙي اونهي اوڙاهه ۾ ا ڇلي ڇڏيا آهن؟ڪنهن هڪڙي صوبي ۾ ته ٻڌايو جوڪا فضيلت ڀري حڪمراني هجي. ڪا عوام دوست ڪارڪردگي هجي.اهي سڀ هڪ ٻئي کي چور،ڪرپٽ ۽ ڪوڙو چئي رهيا آهن ۽ ان ڳالهه ۾ آهن سڀ سچا.آمريت تي ڀلي لعنتون وجھو پر اوهان جمهوريت جي جيڪا جنس بازار ۾ آندي آهي ان به ته غريبن جو جھڳو جھڻ ڪري وڌو آهي.جڏهن تحمل،صبر،برداشت،وسيع نظري،ڪشاده دلي، رواداري، ٻئي جي راء جو احترام،سنجيدگي،شائستگي،معاملا فهمي ۽ بصيرت جهڙيون عظيم شيون اوهان واري جمهوريت اوهان کي اڃا نه سيکاري سگھي آهي ته پوء پڪ ڪيو ته اوهان جي سياسي ڳٺڙيء ۾ جمهوريت واري جنس جينين آهي يا ٻيو نمبر؟ الميو چئجي يا بدقسمتي جو اسان جو اقتداري لڏو اڃا تائين سترهين صديء ۾ زندهه آهي ۽ انهن کي احساس ئي ناهي ته دنيا بدلجي چڪي آهي.عوام جيڪر خاموش آهي ته اوهان جي عظيم ڪارڪردگين سبب نه پر اوهان جي انهن پرڪارن سبب جيڪي هو آزمائي آزمائي ٿڪي پيو آهي.اهي ڏسن ٿا ته ڪنهن احتجاج يا تحريڪ جي نتيجي ۾ هڪڙا ويندا ته ٻيا جيڪي مٿان ڪڙڪندا سي به انهن ئي جهڙا يا انهن کان وڌيڪ سنگدل هوندا.تنهن ڪري ماٺ ڀلي آهي.پر اها ڳالهه وسارڻ نه گھرجي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪا پراسرار ماٺ ڪنهن ايندڙ طوفان جي اڳڪٿي به هوندي آهي.اهڙو طوفان جيڪو ماٺيڻي سمنڊ کي به اٿلائڻ جو سبب بڻبو آهي ۽ پوء ڪناري تي بيٺل تماشائي به ان جي بي رحم ٿڦڙن کان بچي نه سگھندا آهن.!