نئين اعصابي جنگ ۽ عمران حڪومت لاء چيلينج!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ڌرڻو ختم ٿي چڪو آهي ۽ ملڪ جو سياسي منظرنامو به بدلجي رهيو آهي.جي يو آئي جي قيادت چوڌري شجاعت حسين کان ”ضمانت“ وٺي ڌرڻو ختم ڪري چڪي آهي.جي يو آئي جي ”امانت“ جي تشريح اها ڪئي پيئي وڃي ته ٿورو صبر ڪريو،سليڪٽيڊ تبديلي ٽپڙ گول ڪرڻ واري آهي.چوڌري شجاعت جي ذهن ۾ ڪٿي اها ڳالهه ويهاري ڇڏي ويئي آهي ته حالتون ئي ڪجهه اهڙيون ٿي وينديون جو آئيندي چئن کان ڇهن مهينن تائين ڪو وزير اعظم ٿيڻ لاء ئي تيار نه هوندو.حڪومت جي تلاء ۾ مسلم ليگ قاف پٿر اڇلي لوڏو پيدا ڪري ڇڏيو آهي جنهنجون لهرون نيب جي وڪڙ ۾ آيل سياسي ڪکن کي آهستي اهستي ڪناري تي آڻي رهيون آهن.هن وقت وزيرن جو موقف ڪهڙو به هجي پر حقيقت اها آهي جو شروع ۾ وزير اعظم عمران خان پاڻ ئي وفاقي ڪابينا کي اطلاع ڏنو هو ته نواز شريف گھڻو بيمار آهي ۽ جيڪڏهن کيس جيل ۾ ڪجهه ٿي ويو ته حڪومت لاء وڏو مسئلو پيدا ٿي پوندو.جنهن بعد نيب به هٿ ڪڍي ڇڏيا ته نواز شريف کي عدالت ذريعي جيل کان اسپتال موڪلڻ جو بندوبست ڪيو ويو.ان اڳڀرائيء بعد ڪجهه وزيرن کي ياد آيو ته ان رليف ڪهاڻيء سان ته تحريڪ انصاف جي سياسي بيانيي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي جنهن بعد حڪومت ”متان هيئن نه ٿي وڃي متان هونئن نه ٿي وڃي“ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيئي آهي.ان کي هڪ دفعو نه بلڪه ڪيترائي ڀيرا مشورو ڏنو ويو ته ملڪي معيشت ٺيڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي پر حڪومت اهو بيانيو کڻي هلندي رهي ته سمورو ڪيو ڪيتو ماضيء جي حڪمرانن جو آهي.عاقبت ناانديش مشيرن سبب اهو ڏينهن ڏسڻو پيو جو نواز شريف کي رليف ملي ويو ۽ ٻاهرئين ملڪ به وڃڻ ڏنو ويو.ان کان پوء به وزير اعظم ۽ سندس وزير مشير ڪو سبق سکڻ لاء تيار ناهن.حڪومت کي چوڌري ڀائرن،ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي سميت ڪنهن به اتحاديء جي غير مشروط حمايت حاصل ناهي رهي.ان دٻاء کي هٽائڻ لاء ئي وزير اعظم عمران خان موڪل تي وڃڻ ۽ سرڪاري مصروفيتون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.اتحادين بعد حڪومت کي سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻيء جي رولنگ به پريشان ڪيو.چيئرمين سينيٽ اهو نياپو موڪليو هو ته نواز شريف کي ڪجهه ٿي پيو ته حڪومت ڪڏهن به اهو داغ ڌوئي نه سگھندي ۽ حڪومت مهنگائي ۽ بيروزگاريء جي طوفان کي منهن ڏئي.ان بعد سمورا اتحادي جدا جدا ٻوليون ٻولي رهيا آهن.ڊپٽي اسپيڪر تي پهريون وار ٿيو ته حڪومت قومي اسيمبليء اندر هڪ ئي ڌڪ ۾ درزن آرڊيننس واپس وٺي پنهنجو بچاء ته ڪيو پر حڪومت جو بنياد لڏي چڪو آهي.ان کي مهنگائي،بيروزگاري ۽ تباهه ٿيل معيشت نيٺ ٻوڙي وجھندي.مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته عمران خان کي وزير اعظم بنائڻ جي فيصلي وقت ساڻس رابطو ڪري کيس حمايت ڪرڻ لاء چيو ويو هو پر سندس انڪار تي کيس پارليامينٽ مان ٻاهر ڪڍيو ويو.مولانا جو اهو انڪشاف هن ملڪ جي سياست لاء ڳرو ثابت ٿي سگھي ٿو.شايد ماضيء جي اڻ وڻندڙ سياسي حالتن سبب ۽ ڌرڻي بعد جي يو آئي هاڻي هڪ پوزيشن وٺي چڪي آهي ته ان جي قيادت هر سياسي ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿيندي پر تحريڪ انصاف سان نه ڳالهائبو ۽ هاڻي رڳو ضامنن سان ئي ڳالهيون ٿينديون.

    اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سياسي منظر نامي جا ٻه اهم ڪردار آهن.اهو ته طيء ٿي چڪو ته مستقبل ۾ ٻئي پارليامينٽ کان ٻاهر هوندا پر سياسي لحاظ کان في الحال کين نظرانداز ڪري نٿو سگھجي.ٻنهي کي رليف ڏيئي مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي لاء سياسي ميدان ۾ وڇايل ڪنڊا هٽايا پيا وڃن.ٻنهي سياسي اڳواڻن جي صحت کين سياسي ميدان مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مددگار بڻجي رهي آهي ۽ اها به فيس سيونگ جي هڪ شڪل آهي.نواز شريف سياسي لحاظ کان گھڻو ڪمزور ٿي چڪو آهي.چاليهه سال اڳ ڀٽي جو انجام ڦاسيء جي شڪل ۾ ٿيو هو ۽ هاڻي ووٽ کي عزت ڏيو جي پڪار عبرت جو نشان بڻجڻ وڃي رهي آهي.ڀٽي بعد سندس نياڻيء ڪمپرومائيز ڪيو پر نون ليگ جي ”بينظير“ شهباز شريف ۽ نواز شريف جي حياتيء ۾ ئي ٺاهه ڪرڻ وڃي رهي آهي ۽ سندس جماعت ساڳي پگھار تي ڪم ڪرڻ لاء تيار آهي.ڊاڪٽرن جي سرڪاري بورڊ جي سفارش ۽ سياسي مخالف جي صحت جي ان ڪيفيت باوجود تحريڪ انصاف رڳو پنهنجي سياسي بيانيي کي بچائڻ لاء ضمانتي بانڊ گھريو هو،عدالت هڪ نئين ”ضمانت “ملڻ تي نواز شريف کي شروعاتي طور تي چئن هفتن لاء ۽ بعد ۾ صحت جي صورتحال جي پيش نظر وڌيڪ مهلت مهيا ڪرڻ جي گنجائش سان ٻاهرئين ملڪ موڪلڻ جو فيصلو ڏنو.مسلم ليگ نون هاڻي بنان ڪنهن شرط جي ڪنهن به پگھار تي ڪم ڪرڻ لاء تيار ٿيندي.بلاول ڀٽو زرداري لاء به آفر موجود آهي.ٿي سگھي ٿو ته عمران خان جي رخصتي مهنگائي يا بيروزگاريء سبب ٿئي پر سياسي طور تي پڪ سان اهو ڪو سٺو سوڻ نه هوندو جو”تبديلي“ سياست شهيد بڻجي وڃي ۽ ايئن ملڪ ۾سياسي ڇڪتاڻ وڌي سگھي ٿي.بيشڪ هن وقت ملڪ آڏو آيل سياسي،معاشي ۽ سفارتي چيلينجز کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.رياست ۽ عوام وچ ۾ٿيل عمراني معاهدي تي نظرثانيء جي ضرورت آهي.سياسي ڳالهه ٻولهه لاء تحريڪ انصاف جي قيادت کي ذهن صاف ڪري ويهڻو پوندو.کين ڏيڍ سال جي اقتداري تجربي گھڻو ڪجهه سيکاريو آهي.هاڻي ضد ۽ هٺ ڌرميء بدران زميني حقيقتن کي ڏسڻ گھرجي.ضد ۽ هٺ ڌرميء سبب تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان خود سندس ڪابينا ۽ پارٽيء ۾ به اڪيلو ٿيندو ٿو وڃي.تحريڪ انصاف هن وقت ٻن پڌرن ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي.ان جا پراڻا ۽ باني رڪن مزاحمت ڪري رهيا آهن ته وزير اعظم عمران خان حالتن سان ٺاهه ڇو ٿو ڪرڻ گھري! ان جي ابتڙ تحريڪ انصاف ۾ موجود اليڪٽيبلز جو گروپ گھري ٿو ته هر صورت ۾ مفاهمت هئڻ گھرجي.ميان نواز شريف کي علاج لاء ٻاهر موڪلڻ بابت فيصلو پڻ اهو ثابت ڪري چڪو آهي ته ڪابينا جي هڪ وڏي اڪثريت ان فيصلي جي حمايت ۾ راء ڏني ۽ اتي به عمران خان اڪيلو رهجي ويو هو.اهو صحيح آهي ته معاملا گھڻي حد تائين طيء ٿي چڪا آهن تنهن هوندي به اپوزيشن جي جلدبازي ۽ وقت کان اڳ پنهنجا ڪارڊ ظاهر ڪري ڇڏڻ ڪري هاڻي ان معاملي ۾ ڪجهه رنڊڪ پئجي رهي آهي.وزير اعظم سندس بقا لاء پاڻ مزاحمت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.اهڙيء طرح حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ هڪ نئين اعصابي جنگ شروع ٿي ويئي آهي پر معيشت حڪومت لاء اصل امتحان آهي.وزير اعظم ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته ڪاروباري طبقي جو حڪومت تي اعتماد بحال ڪيو وڃي،اٺ ارب روپين جو ٽيڪس گڏ ڪرڻ ڪو ڏکيو مسئلو ناهي پر احتساب نه رڪجڻ گھرجي.

    نواز شريف جي طرز سياست سان سوين اختلاف سهي پر سچ اهو آهي ته ان جي بيماري رڳو پيليٽليٽس جي گھاٽي واڌيء تائين محدود ناهي بلڪه هن کي ڪيتريون ئي بيماريون لڳل آهن.گردن جو به مسئلو آهي،دل ۽ بلڊ پريشر جو به معاملو آهي.اهو به صحيح آهي ته نواز شريف جي سخت بيمار ٿيڻ کان اڳ سندس علاج ۾ رنڊڪون وڌيون وييون ۽ جنهن وقت هن ضمانت لاء درخواست ڏني ته ان وقت سندس طبيعت واقعي گھڻو خراب ٿي چڪي هئي.ان ڪري حڪومت،عدالتن توڙي نيب کي منجھائس هٿ ڪڍڻا پيا!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو