جديد تعليمي نفسيات

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2019۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    جديد تعليمي نفسيات!
    علم نفسيات جو جامع ۽ سائنسي مطالعو
    ليکڪ: ڊاڪٽر عبدالروف
    سنڌيڪار: يوسف جميل لغاري

    اسان پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ پنهنجي آس پاس پاڻ سان لاڳاپيل ماڻهن جو گهرائي سان مشاهدو ڪندا آهيون ۽ اُنهن جي ذهني ڪيفيتن، حرڪتن، عملن ۽ اُنهن جي ڪردار تي اسان جي نظر هوندي آهي. اِنهي مشاهدي جي بنياد تي اسان ماڻهن کي سُٺي ۽ خراب هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيندا آهيون. ڪنهن ماڻهو جي سنجيدگي سان ويهڻ کي ڏسي ڪري اسان انهي بابت اِهو رايو جوڙيندا آهيون ته شايد ڪنهن سوچ ويچار ۾ گم آهي.

    ڪنهن کي مايوس ڏسي ڪري اِهو اندازو لڳائيندا آهيون ته پڪ سان هن کي ڪا ڳڻتي آهي يا هن سان ڪو فريب وغيره ٿيو آهي. اسين بد مزاج ۽ جهيڙيڪار ماڻهن سان ملڻ کان پاسو ڪندا آهيون. پر جڏهن اسان جي سامهون، اسان جو ڪو دوست اچي ويندو آهي ته انهي جي چهري کي ڏسڻ مهل اندر ۾ سرهائي محسوس ٿيندي آهي ۽ انهي سان ملڻ لاءِ پاڻهي ڄاڻ قدم اڳتي وڌائڻ شروع ڪندا آهيون.

    اِهڙي نموني ڪنهن تنظيم يا گروھ جي ڪنهن خاص فرد کان متاثر ٿي ڪري اسان انهي تنظيم يا گروھ جا حصا ٿي ويندا آهيون. دُڪاندار پنهنجي گراهڪ جي اصليت ۽ حيثيت کي ڏسي ڪري اُنهي سان سندس مزاج مطابق گفتگو ڪندو آهي. اِهڙي ئي نموني هڪ مقرر يا اُستاد به پنهنجي سامهون ويٺل ميڙ يا مجموعي کي ڏسي ڪري اُنهي ترز انداز ۾ گفتگو ڪندو آهي.

    علم نفسيات جو جامع ۽ سائنسي مطالو:
    اڄ جي دور ۾ هر ماڻهو پنهنجي واسطي ۾ رهندڙ ماڻهن مطابق ڪجھ نه ڪجھ تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي ڄاڻي وٺندو آهي ته آيا سامهون وارو ماڻهو ڪيتري قدر معتبر ۽ معزز آهي. سندس اِهو اندازو کيس گهڻن ئي جڳهن تي ڪم ايندو آهي ۽ زندگي ۾ ڪاميابي توڙي ڪامراني ۾ سندس اِها صلاحيت مددگار ثابت ٿيندي آهي.

    اِنهي جي مقابلي ۾ اُهو شخص جيڪو پنهنجي آس پاس توڙي پنهنجي ماحول کان بي خبر رهي ٿو اُن کي زندگي ۾ ڪافي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ ماڻهن سان ميل جيل توڙي آئي ويل ڪم اچڻ واري اصلاح کان محروم رهي ٿو. ماهر نفسيات به انساني ڪردار ۽ انساني عملن جو مطالعو ڪندا آهن. پر عام ماڻهو جي مقابلي ۾ سندس مطالعو جامع ۽ سائنسي مطالعو هوندو آهي.

    ماهر نفسيات، انساني خواهشن، انساني حرڪتن، انساني لاڙن ۽ انداز فڪر کان وٺي ڪري اُن جي روزاني زندگي ۾ پيش ايندڙ مونجهارن ۽ تضادن جو به باقاعده جائزو وٺندا آهن. اِنهي جائزي مان فائدو وٺندي ماهر نفسيات سامهون واري ماڻهو کي مستقبل ۾ درپيش ايندڙ واقعي بابت پيشن گوئي ڪندا آهن ۽ زندگي جي ڪافي متضاد معاملن ۽ مونجهارن ۾ رهنمائي پڻ ڪندا آهن. ذهني زندگي جي انهي جائزي ۽ انساني ڪردار جي هن جامع مطالعي توڙي تعميري رهنمائي جو نالو علم نفسيات آهي.

    علم نفسيات:
    علم نفسيات انتهائي پراڻو علم آهي. پنهنجي پاڻ کي ٻين کي سمجهڻ وارو شوق حضرت انسان ۾ ازل کان آهي. انساني فڪر ۽ ڪردار کي سمجهڻ لاءِ باقاعده مشاهدن ۽ تجربن جو جيڪو سائنسي سلسلو شروع ٿيو آهي اُنهي کي تمام گهڻو نه بلڪ ٿورو عرصو ٿيو آهي جنهن جي بنياد تي هن علم کي جديد علم چئي سگهجي ٿو. هن ڪائنات ۾ مختلف شيون موجود آهن جن کي مختلف شعبا پنهنجي تحقيق جو موضوع بڻائن ٿا.

    ڪافي شُعبا بي جان شين جي مطالعي ڪرڻ ۾ مهو آهن ته وري اتي ئي ڪجھ شعبا انسان، حيوان، پکي پکڻ توڙي گُل ٻوٽن تي تحقيق ڪري رهيا آهن. اِنهي نموني انساني زندگي جي مختلف پهلوئن کي جاچڻ لاءِ کوڙ سارا شعبا انهي ڪم ڪار ۾ رُدل آهن. نفسيات جي علم جو شمار انهن شعبن ۾ ٿيندو آهي جيڪي انساني ذهن جي گوناگون پهلوئن جو مطالعو ڪن ٿا. انهي قسم جي علمن ۾ علم نفسيات کي سڀني کان برتري حاصل آهي.

    علم نفسيات جون شاخون:
    علم نفسيات جون کوڙ ساريون شاخون آهن جيڪي انساني زندگي جي مختلف شعبن تي تجزيا ڪن ٿيون ۽ انهن بابت معلومات گڏ ڪن ٿيون.

    علم نفسيات ۽ جديد زندگي:
    علم نفسيات جي مختلف قسمن جي شاخن جي تحقيقن، اسان جي زندگي جي مختلف پهلوئن تي تمام گهڻي روشني وڌي آهي. جنهن سان اسان کي انساني زندگي جي گهرائين ۽ وسعتن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي آهي. جيڪڏهن اسان کي تعليم جي شعبي ۾ تدريسي عمل بابت اسان کي علم نفسيات آگاهي ڏني آهي ته اتي ئي اسان کي مزدور جي محنت کي سمجهڻ جي سگھ، ڪارخاني جي ماحول کي خوشگوار بنائڻ ۽ ڪم جي رفتار کي وڌائڻ جو طريقو به اسان کي علم نفسيات مان ملي ٿو.

    جنهن تي عمل ڪري صنعتي دنيا ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻي سگهجي ٿو. ذهني بيمارين کي سمجهڻ ۽ ذهني مونجهارن جي علاج کي ڳولهي لهڻ وقت اسان علم نفسيات جا احسان مند آهيون ڇو ته هن علم جي ئي مدد سان انساني ذهن جي کوڙ سارن لڪل پهلوئن جو پتو پيو آهي. علم نفسيات اسان کي ازدواجي زندگي کي خوشگوار بنائڻ جا درست طريقا، ٻارن جي پرورش، روزاني جي زندگي ۾ برپا ٿيندڙ حادثن کان ۽ غير متوقع پريشانين سان جهيڙن جو فن عطا ڪيو آهي. زندگي جو اهڙو ڪوئي شعبو ڪونه آهي جنهن بابت علم نفسيات ڪجھ نه ڪجھ ٻڌايو هجي.

    تعليمي نفسيات:
    هر ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ مختلف مرحلن مان گذري ڪري ڪافي شيون پاڻهي ڄاڻ سکندو آهي. سندس واسطو مختلف ماڻهن، مختلف شين ۽ مختلف حالاتن ۽ واقعن سان به پوندو آهي. انهي سلسلي ۾ کيس سکڻ لاءِ ڪافي ڪجھ ملي پوندو آهي. انهي طريقي ماڻهو مشاهدو ڪندو آهي. سکندو آهي. ڪوئي رايو قائم ڪندو آهي. ڪنهن ڪم متعلق ارادو ڪندو آهي. اڳتي هلي ڪري ارادن تي عمل ڪندو آهي. انهي نموني سندس سموري ڄمار ڄڻڪ مڪمل احساسن جي گهيري ۾ ته قابو ٿي ويندو آهي. انهن تجربن ۽ مشاهدن ۾ سندس ذهني ۽ جسماني واڌ ويجھ ٿيندي آهي. انهي سکيا واري عمل کي ئي تعليم چوندا آهن.

    تعليمي نفسيات، علم نفسيات جي هڪ اهڙي شاخ آهي جيڪا تعليم جي بابت مختلف پهلوئن جو سائنسي انداز ۾ مطالعو ڪندي آهي. هي علم انهن سڀني عنصرن جو ويجهي کان جائزو وٺندي آهي جيڪي انساني اوسر ۽ واڌ ويجھ تي اثر انداز ٿيندا آهن. تعليمي نفسيات جا ماهر پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ علمي جائزي جي بنياد تي تعليم جي حاصلات ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ مونجهارن جا حل ڳولهيندا آهن ۽ انهن جي مدد سان تعليم حاصل ڪرڻ واري مرحلي کي آسان کان آسان تر بنائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ شروع ڪندا آهن ۽ پوءِ سائنسي بنيادن تي اصول ۽ ضابطه قائم ڪندا آهن ۽ اُنهن جي مدد سان تعليمي ادارن جي اندر ملندڙ تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن.

    ---- هلندڙ -----
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو