سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’هه‘ اکر جي روپن جو ڪردار.

'مقالا' فورم ۾ nadar baloch طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2010۔

  1. nadar baloch

    nadar baloch
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    STUDENT
    ماڳ:
    HYDERABAD
    الطاف حسين جوکيو
    استاد سنڌي شعبو
    گورنمنٽ ڊگري ڪاليج محراب پور
    Cell: 0301-3427500


    سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’هه‘ اکر جي روپن جو ڪردار.

    ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا ۽ صورتخطيءَ جي سرشتي جو مدار عربيءَ جي ابجد تي هجڻ ڪري عربي فارسيءَ جيان جديد توڙي قديم سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’هه‘ اکر جا ڇهه روپ ڪم آندا ويا آهن؛ ائين جيئن ديوناگري آئيويٽا ۾ ’ر‘ جي آواز سان منسلڪ چار اکر ڪم آندا ويندا آهن.
    جديد توڙي قديم سنڌي صورتخطيءَ ۾ جيڪي ’هه‘ جا ڇهه روپ ڪم آندا ويا آهن تن جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي:
    ’هه‘، ’ـهـ‘، ’ه‘، ’ـه‘،ہہ ’ـہ‘. انجا سبب ڪجھ نظر انداز ٿيل آهن، هڪ ته: ڪن آئيويٽائن ۾ انهن جو شمار وينْجن ۽ سُر ٻنهي ۾ ٿينْدو آهي. جيئنْ ’ر‘. پر جيئنْ ته اسانْ وٽ سوچ سمجھ جا ماڻ ماپا انْگريزي عالمن جا مقرر ڪيل آهن، انڪري انهن ڏانْهنْ توجهه ئي ڪونه ٿو وڃي! ٻيو ته ۱۹۳۵ع واري عربي- سنڌي آئيويٽا جي سوني ترتيب ۾ ’هه، جھ ۽ گھ‘ گڏ پڙهائڻ ۽ سيکارڻ سان ملفوظي/ مخروطي ’هه‘ ۽ مخلوطي/ وسرڳي ’ـهـ‘ ۾ فرق واضح ڪيو وينْدو هو. اهي نڪتا اسانْ پنْهنْجي پرائمري استادن کان واضح نموني سکياسينْ، جنْهنْ ۾ مرحوم استاد مريد حسن خاصخيليءَ جو نالو وٺندي فخر محسوس ڪيون ٿا. ۱۹۶۰ع واري بي تڪي ترتيب جو نتيجو اهو نڪتو جو پڙهندڙ يا پڙهائيندڙ اهو نڪتو اڄ تائين عام طور تي واضح ڪري نه سگھيا آهن؛ ان جو وڏو سبب اسانْ جي درسي ڪتابن جي پرنٽ ميڊيا واري عملي(ڇپائيءَ وارو)،پروف ريڊرن (تصحيح ڪندڙ) ۽ ايڊيٽر عملي جي غفلت يا اڻڄاڻائي آهي.
    • ’هه‘: هيءَ هڪ طُري/ پٽڪي واري هه سڏبي آهي. ٻوليءَ ۾ هن جو ڪردار وينْجن وارو آهي.
    • ’ـهـ‘: وسرڳي سڏبي آهي، جيڪا ڪنْهنْ مخرجي اوسرڳ آواز کي ڦڦڙن مانْ هوا ڏيئي وسرڳ آواز لاءِ ڪم اينْدي آهي؛ يعني ’هايئه اصوات‘ لاءِ ئي ڪم اينْدي آهي. عربي يا فارسي ۾ اهڙن وسرڳن جو تصور ڪونهي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ان جو استعمال باقاعده آهي، جنْهنْجو احتياط نه ڪرڻ جي صورت ۾ لفظن جي صورتخطيءَ ۾ مونْجھارا ٿين ٿا. مثال: جهارِ __جُـﻫـارُ. گھِلَ __گِـﻫـِلَ. پر ٿئي ائين ٿو ته اسانْجو استاد طبقو، ۽ ڇپائيءَ توڙي تصحيح وارو عملو يا ته ان ڳالهه کانْ اڻواقف آهن يا لاپرواهيءَ کانْ ڪم ٿا وٺن، جنْهنْڪري اهو ڍنْگ اسانْجي نئينْ نسل تائينْ منتقل نه ٿو ٿئي.
    • ’ ه ‘: هيءۡ ٻن طُرن واري هه سڏبي آهي، جيڪا ’سرَ‘ طور ڪم اينْدي آهي. جنْهنْ کي فارسي يا اردو وارا مختفي هه سڏينْدا آهن ۽ لفظ جي آخر ۾ ڪم اينْدي آهي، جيئنْ: موجوده، خوامخواه، خانقاه، وغيره. ۽ ’ ة ‘ جي جڳهه پڻ وٺنْدي آهي.
    • ’ـــه‘: هيءَ هه اکر کي اڪثر زبر طور متحرڪ بڻائڻ لاءِ يا ٻيو سر ڳنڍڻ لاءِ ڪم آڻبي آهي. جيئنْ: نه، ته، وجه؛ ملڪهءِ ترنم.
    • ’ــہ‘: هيءَ هه ، ’الله‘ ۽ ’هميشہ‘ جهڙن لفظن ۾ ڪم اينْدي آهي، ۽ وينْجن توڙي سرَ جي آميزشي آواز لاءِ استعمال ٿينْدي آهي. جنْهنْ کي جهڙوڪر اڌ سرُ چئي سگھبو.
    ’هه‘ جا اهڙا تصرر عربي، فارسي توڙي انْگريزي يا هندي ٻولين ۾ به ملن ٿا، انلاءَ ته ديوناگري آئيويٽا ۾ ’هه‘ وينْجن توڙي سرَ، ٻنهي جي تصور سان سمجھايا وينْدا آهن. جيئنْ: شـﻫـر ____Shr . هميشہ ___HmyS: هنن لفظن ۾ پهرينْ هه وينْجن آهي، ۽ پڇاڙڪي سُرَ ۾ ڳڻي وينْدي آهي.
    انْگريزيءَ سانْ پڻ ساڳي ويڌن آهي، جيئنْ: Host يا Honest . اهڙن لفظن ۾ پڻ وينْجن يا سُر ٻنهي جو تصور موجود آهي.
    ڊاڪٽر سـﻫـيل بخاري جي لکڻ موجب ”عربي رسم الخط ۾ ’هه‘ جا ٽي روپ آهن، جيڪي اسانْ تائينْ منتقل ٿيا آهن. انهن ۾ هڪ کي ٻه چشمي ’ـهـ‘‘ ٻي کي ننڍي ’ ه ‘ ۽ ٽينءَ کي وڏي ’ح‘ چئبو آهي. انهن ۾ وڏي ’ح‘ صرف عربيءَ ۾ استعمال ٿينْدي آهي.“
    ڊاڪٽر سـﻫـيل بخاري مختفي ’ه‘ لاءِ وڌيڪ لکي ٿو: ”عربيءَ ۾ ننڍي ’ه‘ جا ٻه قسم ٿين ٿا؛ هڪ، ’هوز‘ واري ’هه‘ جيڪا لفظ جي شروع ۽ وچ ۾ اينْدي آهي، ۽ ٻي، مختفي جيڪا لفظ جي آخر ۾ اينْدي آهي ۽ اردو جي رسته، ڪلڪته، پته وغيره ۾ لکي وينْدي آهي.
    عربي ۾ جڏهنْ ننڍي ’ه‘ لفظ جي آخر ۾ اينْدي آهي ته اسينْ ان کي ’گول ت‘ چوندا آهيونْ؛ ڇو ته ان جو تبادل ’ت’ سانْ ٿينْدو آهي. جيئنْ: جنّه = جنت، اُمّه = امت ۽ قيامّه = قيامت. اردوءَ وانگر اسانْ عربي تبادل جو اهو اصول ڪونه اپنايو ۽ جنّه کي جنت ۽ قيامّه کي قيامت ئي لکندا آهيونْ.
    جديد فارسيءَ جا اهڙا لفظ جيڪي اڄڪلهه ’ه مختفي‘ سانْ لکيا وڃن ٿا، تن ۾ اڳي آخري حرف متحرڪ هونْدو هو: چاره = چارَ، ڪده = ڪدَ، پاره = پارَ وغيره، چيو وينْدو آهي ته لفظ ’ڪده‘ جهڙن لفظن جي آخر ۾ ’ڪاف‘ زبر لاءِ استعمال ٿينْدو هو.
    يوناني آخري زبر لاءِ اُوس(os) ۽ لاطيني اَس (us) جي پڇاڙي لڳائينْدا هئا، جنْهنْ کي مغربي محقق ويدڪ ۽ سنسڪرت جو وسرڳ چون ٿا؛ ۽ وسرڳ جو تلفظ آچاريا ۽ پنڊت ’اَه‘ ڪندا آهن، جيڪو ديوناگري جي آخري سرَ جي شڪل’:‘ (يعني نسبت جي نشانيءَ) سان ظاهر ٿينْدو آهي؛ جيئنْ: ڀيمه (خوفناڪ) BIm: ، ڪُچره (بد چلن) kuçr: وغيره مانْ به ان خيال جي تصديق ٿئي ٿي ته هند يورپي زبانن جا اهي سڀ طريقا لفظ جي آخري سُر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن. اردو املا ۾ ’ه مختفيءَ‘ جو وجود فارسيءَ جي ڪتابت کانْ ورتل آهي ۽ اردو لفظن ۾ ٻن ڊگهن سُرن ’آ‘ ۽ اَي‘ جو بدل آهي.“ (بخاري، 1988ع: 41، 42، 43)
    ( ڈاکٹر سہیل بخاری ّ اردہ رسم الخط کے بنیادی مباحث ّ مقتدرہ قومی زبان اسلام آباد ّ ۱۹۸۸ء ّ ص،ص: 41، 42، 43، )

    ان سڄي بحث جو تت اهو آهي ته ’هه‘ اکر جا ڪل پنج روپ آهن، جن ۾ ٻه وينْجن (هڪ وسرڳ سان) ۽ ٽي سُرَ جي نمائندگي ڪن ٿا؛ ۽ ڪنهن به اکر جي مختلف روپن جي وجود ۾ اچڻ جو سبب ئي ٻوليءَ جون گهرجون هونديون آهن. هيٺ مختصر انهن جو استعمال ڏجي ٿو:
    • ملفوظي ’هه‘ اکر جو استعمال: سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءِ ۾ هي اکر خاص طور متحرڪ ’هه‘ ۾ ڪم آندو ويندو آهي/ ڪم آندو وڃي. هن اکر جي متحرڪ آواز سبب کيس ملفوظي ڪوٺيو ويندو آهي؛ جيئن:
    اوندهه، اڻويــﻫ، پنـﻫـنجو، پنـﻫـور، چـﻫـبڪ، سـﻫـوليت، موهن جو دڙو، ويـﻫـڻ، مـﻫـراڻ، دهلجڻ، هئا، جـﻫـاز، مـﻫـينو، چانـﻫـه وغيره.

    • وسرڳي ’ـهه‘ اکر جو استعمال: هي اکر وسرڳ آواز وارن اکر سان لڳندو آهي/ لڳڻ کپي؛ ٻي صورت ۾ مونجھاري جو سبب بڻجي ٿو، جيئن: جهاز، جـﻫـاز. ويڇو نه رکڻ سان مذڪوره لفظن ۾ اهو واضح نه ٿيندو ته انهن لفظن ۾ ڪهڙو لفظ ’جھ‘ اکر سان پڙهجي ۽ ٻيو ’ج‘ ۽ ’هه‘ سان الڳ الڳ آواز ڪڍجي. وسرڳي ’ـهه‘ جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
    جھُڙ، جھَڪ، جھُل، جھَلڻ، گھر، گھانچو، جھار، ماڻهون، ملهه، ڇهه، سمهڻ، اڄڪلهه، سنهو، ڏاڙـهون، مَڙـهه (مڙه)، وغيره.

    • ٻن طرن واري هه (’ه‘ ة تانيث ) جو استعمال: هي اکر مختفي ’ه‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. هن جو استعمال عربي ۽ فارسيءَ ۾ گھڻو ٿئي ٿو، فارسيءِ ۾ گھڻي قدر جتي ’هه‘ جو آواز هلڪو ڪڍيو وڃي ٿو يا ان جڳهه تي ’سُر‘ (اَ، آ) جو آواز ورتو ويندو آهي، اتي ان اکر جو استعمال ڪيو ويندو آهي. اها به ڳالهه محسوس ڪئي وئي آهي ته هن قسم جي ’ه‘ لفظ جي آخر ۾ ڪنهن اڻڳنڍجندڙ اکرن (د، ڊ، ڍ، ذ، ڌ، ڏ، ر، ز، ڙ، و ۽ پڇاڙڪي ڊگھي سُر واري متصل يا غير متصل الف) سان لڳندي آهي. سنڌي ٻوليءَ تي ڄاڻايل ٻولين جي لفظن ۽ رسم الخطن جو اثر نمايان رهيو آهي؛ جنهنڪري سنڌي صورتخطيءَ تي انهن جو اثر نمايان آهي، مثلاً: ’وغيرهه‘، ’وغيره‘، هڪ لفظ جي ٻن صورتن مان اسين ’وغيره‘ جي صورت کي ئي اهميت ڏيندا آهيون. انلاءِ اسان جي لاءِ بهتر آهي ته انهن اکرن لاءِ ڪو هڪ اصول قائم ڪري ان بنياد تي سنڌيءَ ۾ ڪم ايندڙ اهڙن اکرن جي صورت مقرر ڪيون! اهڙن لفظن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
    ڊگھي سرَ (متصل الف) سان: درياه، شاه، خانقاه، ساه، باه، گاه، ڳاه، لاه، ماه…
    ڊگھي سر (غير متصل الف) سان: پرواه، خوامخواه، وه واه، ونواه، …
    غير متصل اکرن سان: موجوده، فهميده، ميسره، وغيره، باقاعده. …

    • مختفي ’هي‘ (ـه ) سان ڪٽجندڙ اکر/ لفظ: عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪي لفظ اهڙا به ٿيندا آهن جتي صورتخطيءَ جي اصولن کي ڇڏي ڪري رواج موجب لکيو ويندو آهي؛ يعني ڪنهن لفظ جي آخري اکر کي مختفي ’هه‘ ( ـه ) سان ڪٽيو ويندو آهي، خاص ڪري اهڙو ڍنگ هڪ ۽ ٻِه- اکري لفظن ۾ ڏٺو ويو آهي. ٻي صورت ۾ چار- پنج اکري لفظن ۾ به اهڙو انداز ڏٺو ويو آهي. اها ڳالهه به ذهن ۾ ويهارڻ جوڳي آهي ته اهڙو انداز خاص ڪري ڳنڍجندڙ سُرَ واري اکر سان لاڳو ٿئي ٿو. جيئن:
    • هڪ اکرو لفظ: بِه، ٻَه، تَه، نَه
    • ٻه- اکرا لفظ (همزي سان ختم ٿيندڙ): مَئُـه، ڪَئُه، چَئُه، جَئه، طئه، قئه
    • ٻه اکرا لفظ (هه سان ختم ٿيندڙ): کِـﻫ،
    • ٻٽو وسرڳ (وسرڳي ’ـهه‘ سان ختم ٿيندڙ): ڇهه،.
    • ٽي- چار- پنج اکرا لفظ (ي متحرڪ ۽ متفرقه اکرن سان ختم ٿيندڙ) : مکيه، ورهيه، سورهيه، بلڪه، پلئه،
    • ڇڙ وِ ڇڙ: متفرقه، وابسته، محترمه، آهسته، وجه، مروجه، خدا نخواسته، دانسته، آراسته،

    هتي اها ڳالهه ڪرڻ اهم آهي ته عربي يا فارسي لفظن ۾ ڪم آندل مختفي ’ه‘ جو بدل سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به سُر واري اکر سان يا جمع لاءِ ’اَن‘ آواز سان ڪيو ويندو آهي. مثلاً:

    عربي لفظ (مختفي ’ه‘ سان) سنڌيءَ ۾ ان جو بدل سنڌيءَ ۾ جمع (اضافت سان)
    اِداره اِدارو، اداري، ادارا. ادارن
    اِراده ارادو، ارادي، ارادا. ارادن
    اِشاره اِشارو، اشاري، اشارا. اشارن
    اِضافه اِضافو، اضافي، اضافا. اضافن
    مباحثه مباحثو، مباحثي، مباحثا مباحثن
    مُذاڪره مذاڪرو، مذاڪري، مذاڪرا مذاڪرن
    مُراسله مراسلو، مراسلي، مراسلا مراسلن
    مُشاهده مشاهدو، مشاهدي، مشاهدا مشاهدن
    مُعاهده معاهدو، معاهدي، معاهدا معاهدن
    مُناظره مناظرو، مناظري، مناظرا مناظرن.
    استعاره استعارو، استعاري، استعارا استعارن
    استخاره استخارو، استخاري، استخارا استخارن
    استفاده استفادو، استفادي، استفادا استفادن
    طريقه طريقو، طريقي، طريقا طريقن
    مسئله مسئلو، مسئلي، مسئلا مسئلن
    ضابطه ضابطو، ضابطي، ضابطا ضابطن
    مدرسه مدرسو، مدرسي، مدرسا مدرسن
    صحيفه صحيفو، صحيفي، صحيفا صحيفن
    روضه روضو، روضي، روضا روضن
    مشوره مشورو، مشوري، مشورا مشورن
    مُحڪمه مُحڪمو، محڪمي، محڪما مُحڪمن
    مقبره مقبرو، مقبري، مقبرا مقبرن
    نغمه نغمو، نغمي، نغما نغمن
    ذريعه ذريعو، ذريعي، ذريعا ذريعن

    فارسي لفظ (مختفي ’ه‘ سان) سنڌيءَ ۾ ان جو بدل سنڌيءَ ۾ جمع (اضافت سان)
    آبخوره آبخورو، آبخوري، آبخورا آبخورن
    آبيانه آبيانو، آبياني، آبيانا آبيانن
    برگزيده برگزيدو، برگزيدي، برگزيدا برگزيدن
    پرده پردو، پردي، پردا پردن
    پوشيده پوشيدو، پوشيدي، پوشيدا پوشيدن
    پيچيده پيچيدو، پيچيدي، پيچيدا پيچيدن
    پيچره پيچرو، پيچري، پيچرا پيچرن
    پيرزاده پيرزادو، پيرزادي، پيرزادا پيرزادن
    جهانديده جهانديدو، جهانديدي، جهانديدا جهانديدن
    صاحبزاده صاحبزادو، صاحبزادي، صاحبزادا صاحبزادن
    برجسته برجستو، برجستي، برجستا برجستن

    مٿين مختفي ’ه‘ جي بدران سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ گھڻي قدر ’سُرَ‘ ۾ ڪم ايندڙ اکرن جو استعمال ڪندا آهيون: يعني، مختفي ’ه‘ جو آواز اسان وٽ ’سُر‘ جي قريب ڄاتو ويندو آهي.
    اهو ئي اصول رکي اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي لفظن جي صورتخطيءَ تي نظر رکڻي پوندي، جيئن: ’درياءُ‘ يا ’درياه‘ جي صورتخطيءَ ۾ ڪهڙو لفظ درست ڀانيو وڃي؟ اهڙا مونجهارا خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ جي لهجن آڌار ’سنڌي لئنگويج اٿارٽي‘ پڻ اٿاريندي رهي آهي. بحث هيٺ آندل مختفي ’ه‘ جو ٻوليءَ ۾ ڪردار اهو ئي ڏٺو ويو آهي ته اهو صورتخطيءَ ۾ ’سر‘ جي حيثيت وٺيون بيٺو آهي. جڏهن مختفي ’ه‘ جي بدران سر ڪم آڻيون ٿا ته ڇا مختفي ’ه‘ مان سر جو ڪم نه ٿا وٺي سگھون؟
    سڌي سنئين ڳالهه آهي ته جنهن لفظ جي آخر ۾ اهڙي اکر جو مونجھارو ٿئي ته ’ء‘ يا ’هه‘ ڪم آڻجي ته ان جڳهه تي مختفي ’ه‘ جو استعمال ئي مناسب آهي جيڪو ’ء‘ ۽ ’هه‘ ٻنهي جي نمائندگي ڪندڙ آهي.
    • دائمي مختفي’هي‘ (ــہ) جو استعمال: هيءَ ’هه‘ ، ’الله‘ ۽ ’هميشہ‘ جهڙن لفظن ۾ ڪم اينْدي آهي، هيءَ ’هه‘ مختفيءَ جو ئي نمونو آهي ۽ وينْجن توڙي سرَ جي آميزشي آواز لاءِ استعمال ٿينْدي آهي. جنهن کي جهڙوڪر اڌ سرُ چئي سگھبو. سنڌي صورتخطيءَ ۾ هن جي مناسب استعمال نه ڪرڻ سان به مونجھارو محسوس ڪيو ويندو آهي، مثلاً: هميشه، هميشهه، هميشـــﻫـ، هميشـ ہ، هميشہ جي صورتن ۾ منهنجي خيال ۾ ان لفظ جي مختلف صورتن مان سڀ ان راءِ تي بيهندا ته ’هميشہ‘ جي صورت ئي مناسب آهي. ان جا مثال هيٺ ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي:
    الله، هميشہ وغيره.
    سنڌي ٻوليءَ جا اهي ننڍڙا مونجهارا جن تي ڪو خاص توجهه ڪونه ڏنو ويو آهي، سي گھڻي قدر ان سببان به ٿين ٿا جو حيدرآبادي لهجي جا صاحب انهن اهڙن مونجھارن کي مونجھارو ڀانئن ئي ڪونه ٿا! هي ننڍڙا مونجھارا ان صورت ۾ ئي سمجھي سگھجن ٿا جنهن صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن جي چونڊ جھونن پرائمري استادن جو باضابطه مذاڪرو ڪرايو وڃي.
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’هه‘ اکر جي روپن جو ڪردار.

    واو سائين واه تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي تواهان هن کي وري به تفصيل سان پڙبو ۽ ڪهچاري به ڪبي بس دوست حاضر ٿين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو