ڪتاب ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪڙا نصابي ڪتاب هوندا آهن ۽ ٻيا غير نصابي ڪتاب هوندا آهن. نصابي ڪتاب جهڙوڪ سرڪار جي نصاب جوڙيندڙ اداري جي سرپرستي ۾ ترتيب ڏئي ڪري ڇاپيا ويندا آهن ۽ غير نصابي ڪتاب جهڙوڪ ادب جي دنيا جا ڪتاب جنهن ۾ ڪهاڻيون، ناول، افسانه، جيل ڊائريون ۽ شعر و شاعري سان لاڳاپيل ڪتاب اچي وڃن ٿا. هتي هڪ ڳالھ جي وضاحت ڪندو هلان ته ادب ۾ تحقيق ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب پڻ نصابي ڪتابن جي فهرست ۾ شامل ڪيا ويندا آهن. ڳالھ جي اصلي مقصد ڏانهن ايندي اِهو ته انهن ٻنهي قسمن جي ڪتابن جي شروع ۾ ڪتاب جي اهميت بابت ڪجھ لفظ لکيل هوندا آهن. جن کي ادبي لغت مطابق مهاڳ، مقدمو، پيش لفظ، ٻه اکر يا ديپاچو چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ هنن لفظن جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي ۽ معنيٰ جي نوعيت سان هنن جي لفظن لکڻ جون گهرجون به الڳ آهن پر انهي جي باوجود اسان مان کوڙ سارا علم ادب سان وابسطه فرد هنن لفظن کي ساڳي ڳالھ سمجهي ڪري نظر انداز ڪندا آهن. ان لاءِ هنن لفظن جي وچم بنيادي فرق کي هيٺ واضع ڪجي ٿو. تصنيف (Writing): تصنيف عربي زبان جو لفظ آهي. جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ٺاهيل (جوڙيل). اصلاحي زبان ۽ علمي ڪارنامو يا لکيل ڪتاب کي ”تصنيف“ چئبو آهي. ڪو ماڻهو پنهنجي علمي ڄاڻ ۽ تجربي جي آڌار تي ڪو ڪتاب لکي تيار ڪري ته اُن کي اُن ماڻهو جي تصنيف ۽ ليکڪ کي اُن تصنيف جو مصنف سڏبو آهي. مهاڳ (Preface ): ڪنهن به ادبي، تحقيقي يا تنقيدي ڪتاب جي شروعات ۾ هڪ نوٽ لکيل هوندو آهي. جنهن کي مهاڳ يا پيش لفظ چوندا آهن. اڪثر طور تي مهاڳ، لاڳاپيل ڪتاب جي صنف جي مطابقت سان اُنهي صنف جي ڄاڻو فرد کان لکرايو ويندو آهي. مهاڳ لکندڙ ليکڪ يا دانشور ڪتاب ۾ موجود مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سندس اهميت تي تفصيلي گفتگو ڪندو آهي. اُنهي گفتگو ۾ ڪتاب جي عنوان کان وٺي ڪري سندس هر هڪ لکڻي تي کيس جامع رايو ڏيڻو هوندو آهي. اِها الڳ ڳالھ آهي ته اڄڪلھ جا مهاڳ اڪثر دوستي، ياري ۽ واقفيت جي بنياد تي لکيا ويندا آهن. جن ۾ ڪتاب تي گهٽ پر ڪتاب جي لکندڙ تي گهڻيون تعريفي لائينون درج ٿيل هونديون آهن. سنڌي ادب ۾ هن وقت اڪثر ڪتابن جا مهاڳ ليکڪ پاڻ لکن ٿا. اِها روايت شيخ اياز به اختيار ڪئي هئي ۽ اُن به پنهنجي کوڙ سارن ڪتابن جا مهاڳ پاڻ لکيا هئا. اِهڙي نموني هلندڙ دور ۾ شايد ئي ڪي اهڙا ڪتاب هجن جن جو مهاڳ نه لکيل هجي. مهاڳ جي لفظي معني آهي منڍ يا شروعات، هڪ اهڙي شروعات جنهن ۾ ڪتاب تي جامع انداز تي گفتگو ٿيل هجي. مهاڳ ڪنهن به صورت ۾ ڪتاب جي بهتر هجڻ يا نه هجڻ جو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي. ڪتاب بابت حتمي فيصلي ڪرڻ جو اختيار صرف جو صرف ڪتاب پڙهندڙ کي هوندو آهي. ڪتاب پڙهندڙ ئي اِهو فيصلو ڪندو آهي ته ليکڪ پنهنجي ڪوشش ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهي. مهاڳ لکڻ جي روايت ڪئين شروع ٿي: گُلگُون نالي هڪڙو يوناني ليکڪ هو. جيڪو تاريخ جو به وڏو ڄاڻو هو ۽ ڪتابن سان سندس گهڻو وقت گذرندو هو. عمر جي آخري ڏاڪي ۾ کيس خيال آيو ته ڇو نه يونان جي تاريخ تي هڪ جامع ڪتاب لکجي ۽ اُن ۾ يونان جي علم، ادب ۽ تعليمي ادارن جو تفصيلي احوال تحرير ڪجي. انهي ارادي سان اُن هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو. جنهن ۾ انهي دور جي سڀني، عالمن، ليکڪن، دانشورن جو يونان جي تاريخ بابت لکيل جائزن کي نظر مان ڪڍي ڪري ”باب يونان“ جي نالي سان ڪتاب ڇپرائڻ جو ارادو ڪيو. ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ کيس خيال آيو ته هن ڪتاب ۾ ڪنهن ٻي تاريخدان کان ڪجھ لفظ لکرائي ڪري ڪتاب جي مُنڍ ۾ رکجن. جنهن ۾ ڪتاب جي اهميت واضع ٿيل هجي ۽ ڪتاب پڙهندڙ، ڪتاب جي شروعاتي ڪجھ صفحن جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ سگهو ئي ڪتاب جي باقي مواد کي سمجهي سگهي. اِنهي ارادي سان هن پنهنجو مسودو پنهنجي ويجهي دوست ۽ هَن وانگر تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ ٽيل نالي شخص کي ڏنو. جنهن هن جي ڪتاب تي هڪ مختصر پر جامع انداز ۾ سهڻي نموني نوٽ لکيو ۽ اُن نوٽ ۾ ڪتاب جي مواد جي اهميت ۽ افاديت کي به واضع ڪيو. جيڪو نوٽ اڳتي هلي ڪري مهاڳ طور مشهور ٿيو. اِنهي نموني مهاڳ لکڻ جي روايت شروع ٿي ۽ گُلگُون جي ڪتاب کي شهرت ملڻ جو هڪ سبب ٽيل جي مهاڳ کي به سمجهيو ويندو آهي ۽ اِهو پڻ چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ٽيل هن ڪتاب جو مهاڳ نه لکي ها ته شايد ماڻهو هن ڪتاب کي سمجهڻ ته ڇا پر خريد ڪرڻ به مناسب نه سمجهن ها ۽ گُلگُلون جي ڪتاب لکڻ وارو خواب ائين جو تئين اڌورو رهجي وڃي ها. مقدمو (Introduction): ادبي دنيا ۾ مقدمي جو مقصد آهي ڪنهن به ڪتاب تي دليلن ، حوالن ۽ ذاتي تجربي آهر ڀرپور نموني راءِ ڏيڻ. ڪنهن تصنيف يا ترتيب ڏنل ڪتاب تي مصنف، مرتب يا ٻيو ڏاهو يا ڄاڻو اديب مقدمو لکندو آهي. مقدمو، مهاڳ کان وڌيڪ تحقيقي ۽ اثرائتو هوندو آهي. مقدمي نگاري کي اڄ تائين تحقيق جي ميدان ۾ نه فن ڪري مڃيو ويو آهي. نه ڪي هن جي لاءِ ڪي خاص اصول ئي مقرر ڪيا ويا آهن، جيتوڻيڪ هر تحقيقي ڪتاب جي لاءِ مقدمو ضروري هوندو آهي. سنڌي ڪتابن ۾ مقدمي جي بدران ٻيا ڪيترا لفظ ڪم آندا آهن وڃن ٿا، جيئن ديباچو، تعارف، ٻه لفظ، پيش لفظ، وغيرهه. مولوي حڪيم محمد صادق راڻيپور واري سچل سرمست جي سرائڪي ڪلام کي ترتيب ڏيندي ڪلام جي اڳيان (preface) کي مولف جي گذارش ۽ (Introduction) کي تعارف ڪري لکيو آهي، جنهن ۾ سچل سرمست جي زندگي ۽ شاعري تي تفصيلي روشني وڌي اٿس. اهڙي طرح سنڌي ڪتابن ۾ (Introduction) لاءِ ڪوبه هڪ خاص لفظ مقرر نه آهي. تنهن ڪري پڙهندڙن جي نظر ۾ مقدمو ، ديباچو، تعارف، ٻه لفظ ۽ ٻه اکر وغيره سڀ هڪ ڳالهه ڪري سمجھيا وڃن ٿا؛ ۽ انهن ۾ جيڪو مواد ڏنو وڃي ٿو انهيءَ ۾ به گهڻو ڪري فرق نه هوندو آهي. انگريزي ۾ لکيل تحقيقي ڪتابن جي اڳيان (preface) ۽ (Introduction) ضروري هوندو آهي ۽ ٻنهي جو مقصد بلڪل جداگانه ۽ انداز بلڪل مختلف هوندو آهي. پر جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته (preface) لاءِ سنڌي ۾ لفظ ”مصنف جي گذارش“يا رڳو لفظ ”گذارش“ هئڻ گهرجي ۽ (Introduction) لاءِ مقدمو يا تعارف هئڻ گھرجي، جيڪي مقصد ۽ موضوع جي لحاظ کان ٺهڪي اچن ٿا. (Preface) ۾ مصنف پنهنجي ڪيل جدوجهد، مشڪلاتن ، ڪتاب جي ضرورت ۽ همدردن مددگارن جي مڃتا جو ذڪر ڪري ٿو. تنهن ڪري هر ڪتاب لاءِ ضروري آهي. پر جيڪڏهن مصنف چاهي ته ڪتاب بابت مختصر بيان به ڪري سگھي ٿو. پر مقدمو (Introduction) خاص تحقيقي ڪتابن لاءِ ضروري آهي. جنهن ۾ ڪتاب جي تحقيقي مقصد تجزئي ۽ مواد جي مختصر بيان کي جامع انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، جيئن پڙهندڙن کي پوري ڪتاب جي اهميت ۽ ضرورت جو پتو پوي ۽ پڙهندڙن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي دلچسپي پيدا ڪري. سنڌي ادب جي ڪتابن ۾ هونءَ ته ڪيترائي مقدما لکيا ويا آهن، جيڪي پنهنجي الڳ حيثيت رکن ٿا. پر گربخشاڻي جي مقدمي لطيفي ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي ڪتابن جي مقدمن کي جيڪڏهن غور سان ڏسنداسين ته اهي مقدما فني توڙي ادبي لحاظ کان پنهنجي خصوصيتن جي ڪري وڏي اهميت رکن ٿا. انگريزي ڪتابن ۾ جيڪو مقدمي جو انداز ۽ سٽاءَ پيش ٿيل هوندو آهي تنهن کان مٿئين صاحبن جا لکيل مقدما گهڻو اڳتي وڌيل نظر اچن ٿا، ڊاڪٽر بلوچ صاحب هر ڪتاب جو مقدمو اهڙي انداز سان لکيو آهي جو مقدمي جو مواد، مقصد، تحقيق ڪندي جيڪي نيون کوجنائون ڪيون آهن، تن کي بلڪل مختصر انداز ۾ پڙهندڙن جي اڳيان هڪ ئي نظر ۾ آڻيو ڇڏي. ائين کڻي چئجي ته ڊاڪٽر صاحب جا مقدما سندس تحقيق جو روح هوندا آهن. سندس انهيءَ انداز بيان ۽ سٽاءَ مان مقدمي نگاري جي فني حيثيت ۽ اصول ظاهر نظر اچن ٿا. جيڪڏهن لکيل مقدمن جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته مقدمي نگاري هڪ مڪمل فن آهي ۽ انهيءَ جا ڪي منطقي اصول آهن، جن کي مقدمي لکڻ وقت مصنف کي پنهنجي خيالن ۾ ضرور رکڻ گھرجي. اهڙي طرح ڪن ضروري ڳالهين ۽ اصولن جي مجموعي امتزاج سان، هن فن جي تشڪيل ۽ تعمير ٿي سگھي ٿي ۽ مقدمو ادبي دنيا ۾ وڌيڪ اهميت حاصل ڪري سگھي ٿو. مقدمو ڪنهن ڪتاب جي باري ۾ محص تعارف جي صورت ۾ لکيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري مقدمي نگاري جي حيثيت نڪي ڪنهن مستقل ادبي صنف جي لکي ويئي آهي، نڪي ڪنهن زبان جي ادب ۾ هڪ باقاعدي ادب جي شاخ سمجھي وڃي ٿي. عام طور ڪنهن به ڪتاب جو مقدمو رسمي هوندو آهي، جيڪو ڪڏهن مصنف خود لکي ٿو ۽ ڪڏهن ڪنهن جي فرمائش تي لکيو ويندو آهي. پر اهڙن فرمائشي مقدمن ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانه هوندي آهي، جيڪا ڪنهن ادبي تحقيقي صنف لاءِ ضروري هوندي آهي. اهڙا مقدما تعريفي هوندا آهن ڪنهن به ڪتاب جي مقدمي ۾ جيڪي اهميت واريون ڳالهيون تفصيلي بيان ڪيون وينديون آهي، تن جو تحقيق ڪندڙ مسئلي کي حل ڪرڻ کانپوءِ تفصيل ڏيندو آهي، پر انهن اهم مسئلن کي، هن جي نڪتي نگاهه کان ايتري اهميت هوندي آهي جو هو انهن کي مسئلي جي شروعات ۾ ڏيندو آهي. اهڙي طرح تحقيق ڪندڙ اهو مناسب سمجھندو آهي ته تحقيق ۾ جيڪا ضروري معلومات پيش ٿيل آهي تنهن کي مختصر ڪري پڙهندڙن جي پيش نظر رکي. انهيءَ ڪري چيو ويو آهي ته ”مقدمي نگار جو ڪم آهي ته ڪنهن تدوين جي انهن مختلف شعبن کي پڙهندڙن جي نگاهه ۾ آڻي، جن مان انهن کي معلوم ٿئي ته لکندڙ جو مقصد اصل تحقيق ۽ اصل تنقيد لاءِ، صحيح ترين مواد، عام ضروري تفصيلات سان پيش ڪرڻ آهي“ يعني مقدمو ڪتاب جو هڪ قسم جو روح هوندو آهي جيڪو سڄي جسم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ لکيو ويندو آهي. جنهن ۾ پوري مواد کي نچوڙي انهيءَ جو خاص مقصد ڏنو ويندو آهي. ”۽ انهي لاءِ ته ڪتاب پڙهڻ کان اڳي پڙهندڙن جي ذهن ۾ ڪتاب جو مقصد ۽ اهميت واضح هجي ته جيئن ڪتاب جي مطالعي وقت موجھارو نه ٿئي. اهڙي طرح ”مقدمو“ ڪتاب جو پهريون حصو آهي جيڪو پنهنجي وجود جي اعتبار کان آخري ليڪن ڪم جي لحاظ کان اولين هوندو آهي يا ائين چئجي ته مقدمو پوري ڪتاب جو عڪس يا ايڪس ريز هوندي آهي جيڪا ڪتاب جي هر سٺائي ۽ خرابي کي هڪ ئي نظر ۾ اڳيان ڏئي ٿي. تحقيق ڪندڙ ڪهڙي طرح ۽ ڪهڙي انداز ۾ اهو مواد تنقيد ڪندڙ ۽ پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪري، جو هو بنا ڪنهن وڌيڪ جدوجهد ۽ محنت جي ڪتاب جي اهميت ۽ مقصد کان ڪتاب پڙهڻ کان اڳي واقف ٿي وڃن. مقدمي بابت حبيب الرحمان خان شيرواني لکي ٿو ته: ”توهين جڏهن ڪاروبار جي ڪنهن وڏي مرڪز جي ڀرسان لنگھندا ته ڏسندا ته دڪان جي سامهون وارو حصو سڀني کان اڳيان سليقي ۽ دل فريب طريقي سان سينگاريل هوندو آهي، جيڪو پنهنجي دل فريبي سان نگاهن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪندو آهي ۽ متوجهه ٿيڻ تي جڏهن نگاهون تفصيل سان وجھيون ته ٻڌائينديون ته توهان کي جيڪي شيون ملنديون اهي ڪهڙيون آهن. اهوئي حال ڪتاب جي مقدمي جو هوندو آهي جو توهان کي دلڪش نموني ذهن نشين ڪرائيندو آهي ته ڪتاب ڇا آهي. ديپاچو( Preamble ): ڪتاب جي تهميد، مهاڳ، ڪتاب جي شروع ۾ ليکڪ جي مقصد ۽ وضاحت ڏيڻ لاءِ ديپاچو لکيو ويندو آهي. ديپاچو لاءِ اَهو پڻ چيو ويندو آهي ته ديپاچي ۾ ليکڪ ڪتاب جي لکڻ جي خيال کان وٺي ڪري ڪتاب مڪمل ڪرڻ تائين جو سڄو قصو لکندو آهي جنهن ۾ اِها وضاحت پڻ ڪندو آهي ته کيس ڪتاب لکڻ جو خيال ڪئين آيو ۽ سندس ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ تائين کيس ڪٿان کان ۽ ڪنهن ڪنهن کان مدد حاصل ڪرڻي پئي. انهي سڄي وضاحت کي ديپاچو چئبو آهي. پيش لفظ (Foreword): پيش لفظ کي مهاڳ به سڏيو ويندو آهي. جنهن ۾ ليکڪ يا ڪو ٻيو اديب پنهنجي ڪتاب جي سلسلي ۾ ضروري وضاحت ۽ لکڻ جي ضروري ڄاڻ ڏيندو آهي. پيش لفظ اِهو به ضروري آهي ته اُهو ڪتاب جو ليکڪ پاڻ لکي ڇو ته ڪنهن ٻي جو ليکڪ تاثر يا رايو گهڻو تڻو مهاڳ ئي سڏبو آهي. هن وقت ته حالت اِها آهي جو مهاڳ ليکڪ پاڻ لکن ۽ پيش لفظ ٻين کان وتن ٿا لکرائڻ سو انهي حساب سان جديد دور ۾ مهاڳ، پيش لفظ، ديپاچو، ٻه اکر ۽ مقدمو ۾ گهڻي قدر فرق ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. دانشور توڙي اديب هنن ٽنهي قسمن جي لکڻين کي هڪ ئي طرف ۾ وٺي ڪري لکن پيا جنهن جي ڪري هنن جي اصلي سڃاڻپ گهڻي قدر گهٽجي وئي آهي. ٻه اکر (Short Analysis): ٿيندو ائين آهي ته ڪنهن به ادبي يا تحقيقي ڪم تي مختصر ترين رايو ڏيڻ يا ڪتاب جي ليکڪ يا ڪتاب جي اهميت جي هڪ پهلو تي ڳالهائڻ کي ٻه اکر چيو ويندو آهي. ٻه اکر اهو تاثر ڏيندا آهن ته جيتوڻيڪ رايو مختصر آهي پر جامع رايو آهي. جنهن ۾ ٿورن لفظن سان ڪتاب جي اهميت تي روشني وڌي ويندي آهي. حولا: ادبي اصلاحن جي تشريحي لغت - مرتب: مختيار احمد ملاح https://www.pahenjiakhbar.com/مهاڳ-لکڻ-جي-روايت-ڪيئن-شروع-ٿي؟-يوسف-جميل-لغاري/ https://sd.m.wikipedia.org/wiki/مقدمو https://ur.m.wikipedia.org/wiki/دیباچہ https://ur.m.wikipedia.org/wiki/پیش_لفظ