پنهنجا لڙڪ لڪائي کلائيندڙ ليکڪ حميد شڪيل گوزائي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏30 نومبر 2019۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    حميد شڪيل گوزائي
    اصغر علي جمالي /دادو

    ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ اڪثر ڪري مشتاق ڀرڳڙي هميشه ڪنهن به تخليق تي جڏهن پنهنجي راءِ ڏيندو هو ته هي لفظ به چوندو هو "جئين شعر جو مٿيون بند سوال ته ان جو هيٺين سيٽ جواب هوندي آهي. " ائين ئي تخليق جي يا تخليقڪار جي الفاظن مان ان جي ادائگي ڪرڻ سان پڙهندڙ کي خبر پوندي آهي ته هن ڪالم. ڪهاڻي يا هي مضمون ڪيترو سگهارو آهي ليکڪ کي پنهنجي لکڻين تي اُبر حاصل آهي نثر هجي يا نظم ان جي جيستائين علم ڄاڻ يا ان صنف مطلق قانوني گهرجون جي خبر ئي ناهي ته اها ائين آهي جئين روح کان سواءِ بوتو اها ئي ليکڪ جي ڪامياب تخليق هوندي آهي جيڪا هو پنهنجي ذاتي تجربي ۽ مشاهدي سان گڏ الفاظن جي ادائگي کان وٺي ويندي تشبيهه. اشتعارو. مجاز مرسل. ڪنايو. يا علم عروض کان وٺي ويندي علم بديع جون جيستائين ڄاڻ نه ٿو رکي ان جي تقاضائن جي مطابق ليکڪ جون لکڻيون پوريون نه آهن ته ائين آهي جئين واري جو محل جيڪو سمنڊ ڪناري تي ته سهڻو لڳندو آهي مگر جڏهن پاڻي جي ڇولي اچي ان کي ناس ڪر ڇڏي ته ان جو آثار به ناهي بچندو علم و ڄاڻ کان خالي لکڻيون مضمون ڪهاڻيون يا شاعري جڏهن ڪنهن استاد يعنئ ان بابت علم رکندڙ جي نظر مان گذرندي آهي ته ان استاد جي اڳيان نه ان ليکڪ جي ڪا حيثيت هوندي آهي نه ئي ان لکڻين جي ڪا حيثيت ھوندي آهي ڇو ته ان لاءِ سڀ وقت جو زيان ئي هوندو آهي. اڪثر اهو ئي مضمون. شعر. يا ڪهاڻي اها ئي سٺي هوندي آهي جيڪا پڙهندڙ جي چانھ کي به ٺاري ڇڏي پڙهندڙ جو دکايل سگريٽ جو پهرين ڪش لڱڻ کان پوءِ پورو سگريٽ سڙي وڃڻ تان ان کي خبر ئي نه پوي. اسان جي هن دور ۾ اسان جا نوجوان ليکڪ تمام بهترين انداز سان لکي رهيا آهن جڪي هي سڀ ( جيڪو آئون مٿي لکي آيو آهيان ) ان علم جو ڄاڻ رکندي پنهنجي منزل جي طرف روان دوان آهن انهن ڪنهن حد تائين سٺو لکڻين سان نڀاءُ به ڪيو آهي. جن ۾ ڪجھ نوجوان مختلف صنفن تي نثر ۾ مختلف معاملن تي سٺو لکن ٿا پيا ڪي مذهبي معاملن تي. ته ڪي عوام و ناس تي هر روز مٿان ڪرندڙ حڪومتي آفتون تي. ته ڪي ڪهاڻيون تہ ڪي شاعري. تہ ڪي مزحيه خاڪا ۽ ڪالم پيا لکن جن جي پڙهڻ سان دل مطمئن ٿي ويندي آهي ۽ خوشي به ٿيند آهي اردوءَ ادب ۾ مزاح جو بنياد رکندڙ ڪنعيا لال هو مگر سنڌي ادب ۾ مزاح جو بنياد رکندڙ احمد بروهي ئي آهي جنهن سنڌي ادب جي اندر پنهنجي تجربي ۽ فڪري لحاظ سان ماڻهن کي کلائڻ سان گڏوگڏ سچ سامهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي.ادب ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو فن نعت ۽ مزاح لکڻ آهي. نعت شریف لکڻ وقت حضور اڪرم ﷺ جي شان اقدس جو مڪلمل خيال رکبو آهي جئين حضور اڪرم ﷺ دنيا اندر رهندڙ مڪمل انسانن کان انبيائن کان مٿانهون شان و مرتبي وارا آهن مقصد تہ الله تعاليٰ کان پوءِ حضور اڪرم ﷺ جو ئي شان آھي جنهن جو شان لکڻ وقت نہ ڪا ڪمي ڇڏڻي آهي نه ئي گهڻو حد کان وڌي وڃڻو آهي. اهڙي طرح مزاح جنهن ۾ انسان جا احساس اهڙي نموني سرجيل هجن، جنهن ۾ سچ هجي ۽ اهڙو مزاح هجي جو ماڻهو مرڪي پئي. ائين نه ٿئي جو مزاح جي چڪر ۾ ماڻهن جو پٽڪو ڌوڙ ڪندا رهو هر انسان عظمت وارو آهي ان جو مڪمل خيال رکي مزاح لکجي تُرڪيءَ جي چوڻيءَ آهي ”ڀوڳ ڀوڳ ۾ سچ ٻڌائي رهيو آهين". ۽ هجڻ به ائين گهرجي.
    شوڪت شورو پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته" حليم بروهي جو گذاري وڃڻ کان پوءِ سنڌي ادب مان مزاح جي في الحال پڄاڻي آهي. سنڌي ادب ۾ مزاح جي کوٽ کي حليم بروهي اڪيلي سر ڪنهن حد تائين پورو ڪيو هو" . اهيا ڳالھ تمام بهترين آهي ته حليم بروهي مزاح جي ڪيتري قدر کوٽ کي پورو ڪندو رهيو هو مگر حليم بروهي جي گذاري وڃڻ سان سنڌي ادب ۾ مزاح ڪڏهن به ختم نه ٿيندو ڇو ته ڪيترائي دوست مزاح تي لکن ٿا ڪيترائي لکي ويا آهن هر ڪو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پيو ۽ ڪري ويو آهي ائين ئي اسان جي نوجوانن ليکڪن جي فهرست ۾ ضلعي دادو تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ميوو چانڊيو جو نوجوان حميد شڪيل گوزائي به آهي حميد شڪيل گوزائي جا مزاحیہ ڪالم مختلف اخبارن ۾ پڙهندو رهندو هئس مگر حميد سان ايتري ويجهڙائي نه هئي حميد جا مزحيہ ڪالم جڏهن مسلسل هلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپبا رهندا هئا ته منهنجي دل ۾ ان نوجوان جي لاءِ محبت جو جذبو تمام گهڻو وڌي ويو پوءِ پاڻ ئي قرب جا قدم ڀري منهنجي اڱڻ تي پير گهمائي ويو هڪ کلڻو ٻهڪندڙ انسان منهنجي دل ۾ تمام گهڻي جاء ٺاهي ويو مون کي خوشي ٿيندي آهي ته اهڙا نوجوان دوست مسلسل سنڌ جي مسئلن تي لکندا رهندا آهن ۽ خاص ڪري ته حميد شڪيل جي مزحيہ لکڻين جو اثر ئي پنهنجو آهي جئين عزيز ٽالپر پنهنجي ڪالمن ۾ طوطن ماءُ کي ورتو آهي ته ان جي جان ئي ناهي ڇڏي شايد هي منهنجو دوست به عزيز ٽالپر جي نقش قدم تي هلندو ٿو رهي ڇو ته هن جي ڪالمن مان ائين لگندو آهي ته کلندي کلندي ايوانن جي اندر وٺلن جو هجوم هجي يا اعلئ و بالا افسر ئي ڇو نه هجن انهن بابت ڪڙو حق سچ لکي انهن ظالمن جا پول پڌرا ڪندو رهندو آهي مونکي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي پياري دوست حميد شڪيل گوزائي جي ڪالمن جو ڪتاب ٽهڪن ۾ ٽوھ مارڪيٽ ۾ اچي ٿو سندس ئي جس هجي حميد شڪيل هن معاشري جي اندر جيڪي ڪُڌن ڪرتوتن کي اجاگر ڪرڻ يا معاشي حالتن جي ور چڙهيل بيوس و لاچارن جي ڏکن کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان ڪوشش ۾ هي ڪتري قدر ڪامياب به ويو آهي.
    حميد فني ۽ فڪري لحاظ کان مون کي هڪ بهترين ليکڪ لڳندو آهي اسان جي سنڌ ادب ۾ تمام گهٽ ئي ليکڪ آهن جيڪي مزاحيہ لکي رهيا آهن مزاحيہ تخليق لکڻ وقت ليکڪ کي ان ڳالھ جو خاص خيال رکڻ گهرجي ته جيئن آئون مٿي لکي آيو آهيان ته ڪٿي آئون مزاح جي چڪر ۾ ڪنهن انسان جي بي عزتي يا ڪي بدفضيلتا الفاظ ته نه ٿو استعمال ڪريان جيستائين ليکڪ ٻين جي جذبن جو خيال نه رکندو ٻئي جي عزت جو احترام نه ڪندو ته اهو ادب ۾ اديب نه پر ادب ۾ بد نصيب ئي چئبو..
    خاص ڪري اسان جي دادو ضلعي ۾ مزاح تي لکندڙ تمام بهترين ليکڪ آهن شاعري جي حوالي سان سومرو سودائي. سائين رجب آزاد. اعظم ڇڻڪو ۽ ذلفي ناٿن شاهي جا نال تمام گهڻا مٿانھوا آهن مگر نثر ۾ شايد ئي ڪجھ ليکڪن لکيو هجي مزاحيہ ڪالم هجي يا شاعري مگر ان ۾ جيستائين ڪا حقيقت نمايان ناهي ته اها ڪنهن حقيقت کان خالي آهي ته خالي ٽهڪڙن ۾ ڪجھ به ناهي ٽهڪڙن ۾ ٽوھ حميد جو پهريون ڪتاب آهي ٽهڪڙن ۾ ٽوھ تڏهن ئي لڳندا جو انهن ۾ حقيقت ئي حقيقت هوندي آهي حميد شڪيل گوزائي پنهنجي ڪالم لکڻ ۾ ڪيترو ڪامياب آهي اهو ته پڙهندڙ ئي ٻڌائيندا باقي مون وٽ جيڪا حميد لاءِ راءِ ته اها هي آهي ته حميد شڪيل گوزائي پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو جنهن جو عنوان آهي
    "ڍولڻ ڍيڍ ۽ رانڀوٽي خان جون درد ڀريون داهون" واري مضمون ۾ لکندي لکندي حقيقت کان ٻاهر هليو وڃي ٿو. حطه ڪئ هي وڏيون غلطيون به ناهن مگر هڪ سٺي ليکڪ جي لاءِ انهن مسئلن کي نظر ۾ رکڻ لازمي آهي جيئن ليکي ٿو ته... ڳالهائڻو يار رانڀوٽي خان سان هيو پر هتي ته مائي پئي ٿي هلو هلو ڪري جواب ۾ مون چيو هلو ادي هلو, هوڏانهن وري ورندي ملي انڌو آھين ڇا نٿو سڃاڻي ان موقعي تي مون به دير نه ڪئي ۽ چوڻ لڳس ڀائو منهنجي موبائل جو اسپيڪر ڦاٽل آھي سو تنهن مان مائن وارو آواز نڪرندو آ هتي ليکڪ کان هڪ غلطي ٿي وئي آهي ته جڏهن به ڪنهن موبائل جو اسپيڪر ڦاٽل به هجي مگر ان ۾ مرد جو آواز عورت جو آواز ناهي ٿيندو اهڙي نموني جون حميد گهڻيون غلطيون پنهنجي مختلف مضمونن ۾ ڪري ويو آهي شايد هن پڙهندڙن کي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي کلائڻ جي مگر هي شيئون جيڪي حقيقت کان پري آهن تن جو لکڻ وقت لازمي طور تي خيال رکجي جيئن هن ئي مضمون ۾ لکي ٿو ته پيٽرول پمپ ٻه ڪلوميٽر پري هو هڪ اهيو ٻيو وري فون تي ٻڌائي ٿو ته مان تو کان سٺ ڪلوميٽر پري آهيان چاليهن روپين جو تيل وري سٺ ڪلوميٽر گاڏي ته هلندي ئي ڪانه مگر حميد اهڙي قسم جون مختلف مضمونن ۾ گهڻيون غلطيون ڪري ويو آهي ان طرف هن کي ڌيان جي تمام گهڻي ضرورت آهي ليکڪ جيستائين حقيقت سان نه ٿو هلي تيستائين ان جي لکڻيون بي معني آهن حميد شڪيل گوزائي حقيقت کي گهڻو اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته ڪٿي ڪٿي پڙهندڙن کي کلائڻ جي چڪر ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي.
    هن ساڳي ئي مضمون ۾ هن ائين کڻي چون ته هن پنهنجو هڪ غضب جو تجربو پيش ڪيو آهي هي بلڪل وڏا حق ۽ سچ تي ٻڌل الفاظ آهن منهنجو پنهنجو ذاتي تجربو به آهي ته جيڪي پاڪستاني پاڪستان کان ٻاھر رهيل آهن انهن کي تمام گهڻي عمران خان جي حڪومت تي ناز هو مگر عمران خان جو اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ جيڪو مهنگائي جو راڪاس لٿو تنهن ته غريب عوام جا ڌاڻا ئي ڪڍي ڇڏيا آهن حميد شڪيل گوزائي اهي سور پنهنجي هن ساڳي ئي مضمون ۾ هيئن پيش ڪيا آهن چيائين يار اسان پرديس ۾ عمران خان جي ڏاڍي هاڪ ٻڌي اتان پنهنجن عزيزن ,دوست ۽ مٽن مائٽن کي فونون ڪري پراڻي پاڪستان کي نئين پاڪستان ۾ تبديل ٿيڻ لاء سندس ساٿين کي ووٽ ڪرائڻ لاء زور ڀريا پر تنهن بعد خبر پئي ته نئين پاڪستان کان ته پنهنجو پراڻو پاڪستان ڏھ دفعا ڀلو هيو, عمران جي وزيراعظم ٿيڻ سان ٽيڪسن جا انبار لڳي ويا, پيٽرول مهانگو ٿي ويو ان سان گڏ سي اين جي جا اگهه به چوٽ چڙھيل آھن, عام واهپي جي شين کي ٻيڻ ٽيڻ تي مهانگو ڪيو ويو هيٺين طبقي جي مسڪين ماروئڙن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي,
    امن امان جي صورتحال ويتر خراب آھي, ڌارين کي صرف سنڌ ۾ آباد ڪري انهن کي نادرا طرفان اين آئي سي ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن پيا, کنڀي گم ڪيل ماڻھن لاء لفظ به نٿو ڳالهايو وڃي, وڏي ۾ وڏي ڳالهه اهيا آھي ته سنڌ جو عوام پاڻي نه هجڻ ڪري وگهي ۽ اُڃ مري رهيو آھي, واهن ۽ شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي آهي آبادگار مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن درياهه جي پاڻين تي ڌاڙا هڻي ڊيم ٺاهڻ جا سانباها ڪيا وڃن پيا, ڪاڇي, ٿر ۽ ڪوهستان ۾ معصوم ٻچڙا غذائي جي کوٽ سبب موضي مرضن ۾ مبتلا ٿي پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي ويهن ٿا جن کي ترت علاج ملڻ لاء ڪا سهولت موجود نه آھي سنڌ حڪومت جي به لاپرواهي جي ڪري سنڌ سورن سان جنگ وڙھي رهي آھي هتان جا نمائيندا به سنڌ سان سچا نه آھن نه ئي انهن کي ڪا سنڌ سان محبت آھي, هٻڪندي هٻڪندي ٿڌي آنهن ڀري شوڪارو هڻي بس ئي مس ڪيائين ته مٿان وري ڍولڻ ڍيڍ چيو ته ابا ڳالهه ٻڌو اسان واري دور ۾ سنڌ جنت هئي, ڪنهن شئي جي به کوٽ نه هئي پر هن وقت لالچي ۽ لوڀي ماڻھون اسان مٿان حڪمران ٿيا آھن پنهنجي ملڪ جو پئيسو لٽي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي ٿا ڇڏين ۽ سندن جا ڪاروبار زر زن ۽ ڌن به اتي, هنن جو اولاد به ٻاهرين ملڪن ۾ پڙھي عيش آرام سان زندگي گذارن ٿا, پنج سال پورا ڪري وري مهيني کن لاء هتي اچي ووٽ وٺڻ لاء منٿون ايلازون ۽ پٽڪا ميڙ ڪري عوام کان ووٽ وٺي اقتداري ڪرسي تي ويهڻ کانپوء وري پنج سال گم ٿي وڃن ٿا, پر هن دفعي ته پي ٽي آئي وارن حد ڪري ڇڏي, جيئن اسان سوچيو ايئن ٿيو ئي ڪونه رهندو مسئلن جي ور چڙھي وياسين هاڻي ته ڌاريا به اسان مٿان هاوي آھن عمران خان مهاجرن کي سنڌ جو مالڪ بڻائي ڇڏيو.
    هي ته اهي سور آهن جيڪي سنڌ ۽ سنڌ واسي سالن کان برداشت ڪندا ٿا اچن مگر هي روز روز جون آهون دانهون اسان جي اعلئ ادرن اندر وڏن وڏن سيٽن تي ويٺلن يا اقتدار ڌڻين کي ڪا مٿي ۾ جون ئي نه ٿي چوريء پر حميد ڀٽائي جي هن سٽ وانگي اميدون جي ڏيئن کي جلايو پيو اچي " پاڻهي ايندم ھوت پر آئون به ڪجھ اڳڀري ٿيان"..
    حميد شڪيل لڙڪ لڙي پيا لار ڪري پنهنجي مضمون ۾ وڏي فنڪارانه انداز ۾ لفظن جي ادائگي سان ليکي ٿو.
    هونئن ته هي پهاڪو مشھور آھي مينهن وسي هڪ ڪلاڪ ته غريب جو جهڳو ٽمي پورا ٽي ڏينهن پر هتي ته واپڊا وارن انهي پهاڪي جا بکيا اُڍيڙي ڇڏيا, برسات هڪ ڏينهن هلي آ ته واپڊا وارن بهانو ڪري زري گهٽ ٻه هفتا بجلي بند ڪري ڇڏي آ, مڇرن جي مار منهن سڄائي ساڻو ڪري ڇڏيو, دانهن جي درخواست کڻي خابرو اداري جي هڪ صحافي نالي کبڙ خان ککراڻي کي واپڊا عملدارن خلاف خبر هلائڻ لاء پنو پڙھڻ ۽ خبر ڇاپائڻ ڪاڻ ڏنوسين ته کبڙ خان ککراڻي ڏاڍو غور سان پني کي ڏسي چوڻ لڳو اصل ڳڻتي نه ڪيو توهان جي چوري ٿيل ڦٽ ڦٽي منهنجي خبر هلائڻ کانپوء جلد اوهان کي واپس ملي ويندي, جهڙو هي ڪنهن ٿاڻي جو ايس ايڇ او هجي, ابا ڏيو هاڻي منهن, ڪٿي منهن مريم جو ڪٿي ٽنڊو الهيار. حطه ڪئ حميد پاڻ به صحافي آهي ڪي اين شاهه پريس ڪلب جو ميمبر به پڻ آهي سو هن کي جوگاڙي صحافين جي خبر به آهي ته هي حقيقت کي لڪائي ان جاءِ تي ٻئي خبر هلائڻ جا به وڏا ماهر آهن.
    حميد شڪيل جي مضمونن يا ڪالمن جو نچوڙي ئي وفاق ئي صوبائي حڪومتن تي تنقيد آهي جيڪي وڏا وڏا واعدا ڪري پوءِ هليا ٿا وڃن ٺلهن اسرن تي عوام کي بيوقوف بڻايو اچن . حميد شڪيل گوزائي جي هر ڪالم ۾ آخر انجو نچوڙ يا مقصد اهو ئي هوندو آهي ته منهنجي سنڌ جا سور ائين ئي پنهنجي هڪ ڪالم ۾ امير سنڌ جي غريب ماڻهن جي هن طرح ٿو عڪاسي ڪري.
    سوني ڌرتي جا اصل وارث ويچارا لڏپلاڻ ڪرڻ ۾ رڌل آھن, مٿان وري عمران خان ٿر ۾ خطاب ڪرڻ وقت ٺلها آسرا ۽ بي لاڀائتا دلاسا ڏئي رهيو هيو معدني وسيلن تي قابض وفاقي سرڪار ٿر جي ڪوئلي جي ڳالهه ڪري ويتر ٿر واسين جي زخمن مٿان لوڻ ٻرڪي بنا ڪنهن امداد ۽ بهترين پيڪيج ڏيڻ جي سياست چمڪائي هليو ويو, اتان جي ماڻھن سوچيو هوندو ته ته عمران خان پاڻ سميت کاڌ خوراڪ جو امدادي سامان به کڻي آيو هوندو پر ايئن ٿيو ئي ڪون, اڃان خوابن جي دنيا ۾ هيس ته مڇر ڏنگي وڌو ڇرڪ ڀري گهري ننڊ مان جاڳي پيس بجلي ته هئي ڪان پر گُهگهه اونداھ ۾ به ٿر واسين جا اهنج سيني ۾ سمايل هيا ڏڪاريل ڏيهه ٿر جي مسڪين ۽ لاچار ماڻھن جا درد سنڌ سرڪار به سمجهي نه سگهي آ اڃان انهن سوچن ۾ ھيس ته مٿان ڪاڇي جي مجبور ماروئڙن جا سور, درد , ڏک ۽ سندس اجيرن زندگي گهاريندڙ گهڙيون به سامهون اچي ويون.
    حميد شڪيل کي گهرجي ته پنهنجي ڪالمن کي رڳو صوبائي ۽ وفاقي حڪومت تي تنقيد تائين محدود نه رکي عالمي سطح تي به ڪالمن کي کڻي اچي دنيا جي اندر ڪيترائي وڏا وڏا مسئلا آهن انهن کي به اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
    مون کي پوءِ به گهڻي اميد آهي ته هي حميد شڪيل گوزائي جو پهريون ڪتاب ٽهڪڙن ۾ ٽوھ پڙهندڙن کي ضرور پسند ايندو. حميد پنهنجا ڏک. غم درد لڪائي ماروئڙن جي ڏکن کي منظر تي آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي جئين طارق خشڪ جون ڪهاڻيون پڙهندي کلندي کلندي اکين ۾ لڙڪ ڏئي وينديون آهن ائين ئي حميد جا ڪالم پڙهندي کل کان پوءِ چهري تي اداسيون ڏئي ويندا آهن اندر ۾ مظلومن جون ڪوڪون محسوس ٿينديون آهن آخر ۾ مان هي لکندوس ته حميد شڪيل گوزائي جي هي پهرين وک آهي مگر وڏي سوڀاري وک ضرور آهي.
    جيئي سنڌ جيئي لطيف
    حق موجود سدا موجود
    اصغر علي جمالي / دادو
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو