• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

استاد محترم مهان ڪوي

Asghar Ali Jamali

سينيئر رڪن
استاد بخاري مهان ڪوي

قابل احترام تمام معذزين و حاضرين اسلام عليڪم
جئين ته استاد بخاري تي تمام دوستن ۽ ساڃاهه وندن بهترين ڳالهايو آهي ۽ گهڻا دوست پنهنجي خيالن جو اظهار به ڪندا استاد بخاري ڪو عام نه هو. هو هڪ مهان ڪوي ۽ هڪ عظيم سوچ رکندڙ انسان هو . هن جي شاعري عام ماڻهو جي به سمجهه ۾ به آهي ته هڪ محقيق جي سمجهه ۾ اچيو وڃي دادو جي سڃاڻپ استاد بخاري آهي يا بخاري جي سڃاڻپ دادو اهو آئون وهي ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچيندو آهيان مگر اڄ تائين ان سوال جو جواب ناهيان گولي سگهيو استاد هن ماروڙن سانگهيڙن جو شاعر آهي سونهن پريتم جو شاعر آهي استاد جي شاعري ۾ سڪ اڪير به آهي ته محبوبن جي ناز و نياز جو حسين تسلسل به ملي ٿو استاد بخاري تي جيترو ڳالهائجي گهٽ آهي هو هڪ وڏو ۽ مهان ڪوي ٿي گذريو آهي جيڪو پنهنجو وارو وڏي جدوجهد محنت و سچائي سان گذاري ويو آهي آئون آخر ۾ استاد جو هي شعر پڙهي پنهنجي جاء وٺندوس
ڪائناتِ حسن ۾ ھلندو وتان،
ڄڻ ته بحرِ عشق ۾ ترندو وتان،
حسن کي ڏسندو وتان ٺرندو وتان،
حسن ۾ "استاد" آ ڏاڍو مزو،
حسن کي پوڄي وٺو پوڄي وٺو.

اصغر علي جمالي/ دادو
_______________/________________
 
Back
Top