ڪهاڻي ليکڪ :- اصغر علي جمالي/ دادو عنوان :- انسانيت جو علمبردار جڏهن کان وٺي رٽائرڊ ٿيو آهيان تڏهن کان واندڪائيء واندڪائيء آهي آفيس ۾ رهي ڪري گهڻيون ئي حرام خورايون ڪيون سين ڇو ته تپيداري جي ڪم ۾ سڃو ڏينهن آهن ئي ٻه نمبر ڪم ڪنهن جا کاتا ڪنهن ٻئي جي کاتي ڪرڻا هجن نقلي کاتا ٺاهيڻا هجن ڪوڙيون رسيدون ڪٽڻيون هجن مقصد ته ڪمائي به ته ٻه نمبر ئي ڪمن ۾ هوندي آهي سو اسان به رڳو پنهنجو پيٽ نه ڀريندا هئاسين پر اسان کي وڌ مان وڌ مختيارڪار جو ئي خيال ڪرڻو پوندو آهي مون پنجٽيهه سال نوڪري ڪئي مگر ان وچ ۾ جيڪو به مختيارڪار اسان وٽ بدلي ٿي ايندو هو مون سان بلڪل ئي سيٽپ ۾ ئي هوندا هئا مون سان سيٽ ڪئين نه هوندا ڇو ته مان جيڪو آفيس ورڪ ۾ ايڪٽوَ هوندو هئس اهڙو ٻيو ڪو نه هو باقاعده مختيارڪارن کي مون مال چٽرايا لفافن مٿان هنن کي لفافا ملندا هئا. تڏهن ته هر مختيارڪار منهنجو ئي چيو وٺندو هو هر ڪم ۾ تقريبن مون کان ئي صلاح وٺندا هئا. منهنجو اهو به رڪارڊ آهي ته پنجٽيهن سالن ۾ ٽيھ سال رڳو هڪ ئي ديھ چرڻاٺ تپو جاداڻي جو ئي تپيدار رهيس مگر مال به پوري ضلعي کان ان ئي ديھ ۾ جام ملندو هو ڇو ته ان ديھ چرڻاٺ ۾ جيڪي وڏا ذميندار ھوند هئا مون ڪڏهن به انهن سان نه فٽايو جيڪا ڍل ڏيندا هئا بسم الله پڙهي رکي ڇڏيندو هئس پر ننڍن ننڍن زميندارن تي ته اک ئي نه ٻڏندي هئي انهن کي اهڙو ته چوتيو ڪيو وتندا هئا سين جو انهن کي خبر ئي نه هوندي هئي جئين ڪچي ۽ درياهه جي پس گردائي علائقي جي زمينون جو آبيانو ڍل سڀ معاف هوندي آهي سورهن ايڪڙن وارن کان گهٽ ذميندار کان به ڍل يا آبيانو ناهي وٺڻو مگر اسان نه ڏسندا هئاسين گرمي نه سردي انهن کان به ڇڪي پئسا وٺندو هوس مان ته ٻين ايڪڙن وارن کان به ڍل وصول ڪندو هس جيڪو ٿورو نمونو ڪندو هو ته پوليس جي گاڏي ڪاهي وڃي ان جي در تي ڀهي رهندو هيم ڍل ڏي يا جيل جي هوا چکيو سڀ ڪو شريف ماڻهو عزتدار هوندا هئا سو پوليس جي سامھون ڪڇي ڪئين نه سگهندا هئا جلدي جلدي پئسا ڏئي ڇڏيندا هئا هڪوڻ جي ٻيڻ ڍل وصول ڪري ويندو هيو مان ابيانا ٻابيانا ڍل ٻل لگائي ميڙئي پئسا ڪڍي ويندو هيومان هاڻ جڏهن کان رٽائرڊ ٿيو آهيان اهي ڳالهيون ياد ڪري ڏاڍو روئيندو آهيان مون ڪيڏا نه ظلم ڪيا آهن منهنجي زندگي جي هي پهريون ماه رمضان شريف گذريو آهي جنهن جا سڀ روزا به رکيا اٿم تراويحون به پوري مهيني جون هن سال ئي پوريون پڙهيون اٿم سنت ڏاڙهي مبارڪ به ڇڏي اٿم الله پاڪ جا لک احسان جو دير ئي سهي مگر وري به پنهنجي در تي جهڪڻ جي توفيق ڏني اٿس ادبي ۽ سماجي جلسن گڏجاڻيءَ ۾ به وڏي شونق سان ويندو آهيان اسلامي ڪتابن جو مطالعو به ڪندو رهندو آهيان ڇهن مهينن جي اندر ٽي ته قرآن پاڪ جا تفسير ورتا اٿم اهي به پڙهندو رهندو آهيان شام شام جو روزانو ڏتل ۽ مان ٻه ڪلاڪ کن هوٽل تي ويهندا به آهيون ڏتل منهنجو بچپن جو دوست آهي پر ويچاري جي پوري حياتي ڏکن ۽ سورن ۾ گذري آهي هن جي گهر واري هميشه بيمار ئي بيمار رهندي آهي هڪڙو پٽ جو اولاد اٿس جيڪو ڪجهه منهنجي مدد ڪجهه پنهنجي هيمت سان هن سال سول انجنيئرنگ جي ڊگري کڻي آيو آهي ويچارو ڏينهن رات نوڪري جي تلاش ۾ هوندو آهي مون کي رب پاڪ ۾ پڪي اميد آهي ته ڪٿي نه ڪٿي هن کي نوڪري ملي ويندي ڇو ته هن جا عزم و ارادا ڏاڍا پکتا هوندا آهن هو ڪڏهن به مايوسي جون ڳالهيون ته ڇا پر وڏو بردبار ماڻهو آهي مان سوچيندو آهيان ته اسان جي قوم جا سڀ نوجوان هن وانگر پُر عزم هجن ته اسان جي قوم گهڻو اڳتي نڪري وڃي سگهي ٿي. اڄ منهنجي ۽ ڏتل جو هڪ سماجي تنظيم جي طرفان ڪنهن سماجي اڳواڻ جو استقباليه پروگرام رکيو ويو هو ان سماجي اڳواڻ جي باري ۾ ٻڌايو ويو هو ته هو پھريان اسان جي شهر ۾ رھندو ھو هاڻ ڪراچي ۾ پنهنجو لوھ جو ڪاروبار ٿو ڪري ان ۾ اسان کي به دعوت هئي سو مان به ڏتل جو انتظار ڪري رهيو هئس تان جو ڏتل آيو اسان ٻئي ان پروگرام ۾ پهتاسين مگر سماجي اڳواڻ سماجي ورڪر سڀ جا سڀ پهچي ويا هئا اسان کي شايد دير ٿي وئي آهي ڏتل چيو نه سهي ٽائيم تي پهتا آهيون مون چيو پروگرام وڏي زور و شور سان هلي پيو اسٽيج تي ويٺلن پئي خطاب ڪيو جنهن به پئي ڳالهايو سو سيٺ مجيد ماڏائي جي واکاڻ ڪندي نه پئي ماپيو سيٺ مجيد ماڏائي وڏو همدرد وڏو انسان پرست ماڻهو آهي جنهن کي رب راضي ڪرڻو آهي اهو انسان ذات جي خدمت ڪري سماجي ڪم ڪندڙ مجيد ماڏائي جنهن جي دل ۾ هميشه احساس ئي هوندي آهي هن هميشه مفلس جي لاءِ غريبن لاءِ مسڪينن لاءِ ئي پنهنجي زندگيءَ وقف ڪري ڇڏي آهي هي عظيم شخصيت انسان پرست دوست آهي من تن سڄي نيڪ نيتي سان ئي بي ساهرن بي پهچن جي ئي مدد ڪندو رهندو آهي جنهن جنهن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ٿئي ويو تنهن جي چپن لبن زبان تي رڳو سيٺ مجيد ماڏائي جون ئي تعريفون ئي هيون هي انسانيت پرست انسانيت جو علمبردار عظيم انسان آهي هن جهڙا ماڻهو صدين پڄاڻا پوء پيدا ٿيندا آهن. منهنجي پنهنجي دل سٽون کائڻ لڳي اهڙي عظيم انسان سان هڪ محبت جو ڳانڍاپو ڪجي ڇو نه ان انسان سان دعا سلام ڪجي مون به دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته هن سان اڄ هٿ ضرور ملائي هن جي ٽي پارٽي مان پاڻ وٽ رکندوس اسٽيج تي به گهڻا ماڻهو ويٺل هئا ڪجهه ائين پيا محسوس ٿين ڄڻ ڏٺل هجن پر انهن جي نالن ۽ ذاتون جي خبر نه هئي پر خير پروگرام هلندو رهيو تان جو انويسٽمينٽ ڪندڙ ان خاص محفل جي مور جناب مجيد ماڏائي کي گهرايو جڏهن منهنجي سيٺ مجيد ماڏائي تي نظر پئي ته مون جي حيرت جي ڪا حد نه رهي اڙي ڏتل مون کان رڙ نڪري وئي ڇا ٿيو ڏتل مون کي ڄڻ هوش ڏياريندي چيو ڇو ته منهنجي صفا حالت اهڙي ٿي وئي هي مجيد ماڏائي هو ساڳيو ماڻهو آهي جيڪو ڏھ سال اڳ منهنجي آفيس ۾ آيو هو زمين جا کاتا تبديل ڪرائڻ هن پنهنجي ڀاءُ کي زهر ڏئي ماريو هو ان جي زمين پنهنجي کاتي تي مون کان ڪرائڻ جو زور ڀريو هو مگر مون کي انهن ڏينهنن ۾ الائي ڇا ٿي ويو هو جو مون هن کي کتو جواب ڏئي واپس ڪري ڇڏيو هو وري ڪجهه ڏينهنن کان پوءِ مان پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هيم ته پٽيوالو ناصر آيو هو چيائين سر اوهان کي صاحب ٿو سڏي مان جڏهن صاحب جي آفس ۾ داخل ٿيم ته هي صاحب سان گڏ ويٺو هو جي سر رجب ماڏائي جي پنجاھ ايڪڙ زمين ڪهڙي ديھ ۾ آهي صاحب پڇيو هو سر اها ديھ چرڻاٺ ۾ آهي منهنجي ديھ ۾ آهي رجب ماڏائي ته هي جهان ڇڏي ويو آهي هي مجيد ماڏائي ان جو ڀاءُ آهي هاڻ ان جو وارث هي آهي سو هاڻ کاتا سيٽ ڪري سڀ زمين مجيد ماڏائي جي نالي ڪرڻي آهي صاحب جي هي لفظ ٻڌي منهنجي اندر ۾ صفا باھ لڳي وئي هئي مون به جذباتي ٿيندي چيو سر هن جي ڳوٺ وارا ٿا چون رجب ماڏائي کي هن زهر ڏئي ماريو آهي ۽ رجب جا پنهنجا ٻه يتم ٻارڙا به آهن ان جي بيواھ گهر واري به آهي مون کان سر هي ڪم نه ٿيندو منهنجو جواب ٻڌي مختيار ڪار ٿورو خاموش ٿي ويو هو پوء مون کي پيار مان سمجهائيندا چيو هوائين جهانگير ايترو جذباتي نه ٿي ٿورو سمجهه کان ڪم وٺ هي پاڻ پنهنجي ڀائٽين جو بلو ڪندو هي انهن جو پنهنجو گهرو مسئلو آهي ان ۾ اسان جو ڪجهه به نه وڃي ٿورو هيڏانهن ڏس صاحب چيو هو مون جو ڏٺو هو ته صاحب جي هٿ ۾ هڪ لفافو هو پوءِ مون کي چيائين هاڻ وڃ ۽ ٻين ڏينهنن جي اندر کاتا ڳول ۽ سيٽ ڪري ڏي ائين هن پنهنجي ڀائيٽن جو حق کائي ويو هو اڄ اهو ماڻهو وڏو سماجي تنظيمن جو اڳواڻ ٿي ويو هو . مجيد ماڏائي ڇا ڇا ڳالهايو هو مون کي ته سمجهه ۾ ئي نه آيو هو بس ايترو سمجهي سگهيو هس ته مان پنهنجي طرفان ٽي ايمبولينسون ڏيان ٿو ڇو ته انسانيت وڏي مان وڏو ۽ عظيم مذهب آهي انسانيت جي خدمت آئون پنهنجي مٿان فرض ٿو سمجهان پوء تاڙين جا ٽاڪوڙا ٿي ويا هئا ائين جلسو ختم ٿي ويو هو انسانيت جو علمبردار پراڊو گاڏي تي چڙهي گارڊن سان هليو ويو هو مان جئين ڪرسي تي ويٺو هيم تين ئي ويٺو هيم ٻه ٽي دفعا ڏتل چيو ته ادا هلون ادا هلون مگر منهنجي جسم مان پوري ست ختم ٿي چڪي هئي ۽ پنهنجي جسم جو وزن تمام پاڻ مٿان بار سمجهو هيم اهيا پڪ ٿي وئي هيم ته منهنجي جسم جو وزن ٽنگون نه جهلي سگهنديون سو وهيڻ ئي بهتر سمجهو هيم مون هن کي چيو ٿورو ترس پوء هلون ٿا ائين ڏھ مينٽ کن مان ويهي ويو هيم پنهنجا ٿڪل قدم بي ساهو جسم پنهنجي مٿان بار ٿي پيو هو ارڙهن سالن جي نوجوان تي نظر پئي جيڪو ڪرسيون گڏھ گاڏي تي لڳائي رهيو هو پڇيو مانس بابا ڪير آهين سائين ماڏائي آهيان مجيد ماڏائي مائٽ اٿئي مون پڇيو مانس آهستي ڪجهه چپن ۾ چيائين جيڪو مان سمجهي نه سگھيس پوء چيائين سائين مجيد ماڏائي منهنجو چاچو آهي ڇا تون رجب ماڏائي جو پٽ آهين جي ها سائين ننڍڙي جئين ٻڌايو ته منهنجي دماغ کي چڪر اچي ويو زمين چوڏول جيان ڦرندي محسوس ٿي هئي آسمان ڦاٽندڙ محسوس ٿيو هو ۽ مان پاڻ کي نه سنڀالي سگهيس تان جو ڏتل تڪڙ ۾ ڀاڪر اچي وڌو هو ۽ جڏهن اک کلي ته اسپتال جي بيڊ تي هيم هڪ پاسي ڏتل ڀيٺو هو ته ٻئي پاسي اهو ننڍڙو . __________________________________________________ اصغر علي جمالي /دادو 03113072726