• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مدثر علي مدثر

Zeeshan Ali

سينيئر رڪن
غزل

سائو ڪارو جوڙو پائي ڇڏيو ٿئي
رب ڄاڻي سڄڻ صفا ماري ڇڏيو ٿئي

کلين ٿي تڪين ٿي ڪرين ٿي ناز نکرا
او رحم ڪر دلبر سڄو ڳاري ڇڏيو ٿئي

بھين ٿي اچي بي نقاب ٿي ڊائيس تي
خيال ڪر چري ھوش وساري ڇڏيو ٿئي

سھيلن سان ملي ڪري تذڪرا پڙھڻ جا
زولاجي ڊيپارٽمينٽ ڄڻ سينگاري ڇڏيو ٿئي

وڃي ٿي گم ٿي لڪي ڇھپي او سھڻي
ايڏو ن ڪر جبر پاڻ کي خاري ڇڏيو ٿئي

ايس ايس سي تان وٺين ٿي بوتلون۽چپسون
لطيف جو ننڍڙو نگر پرين اجاري ڇڏيو ٿئي

ڪلاس ۾ پڇي پئي اھيو مدثر ڪھڙو آھي
ڏسي ڪري ياد نالو حانو ٺاري ڇڏيو ٿئي

ـــــــــــــــــــــــــ مدثر علي مدثر ـــــــــــــــــــــــ
 
Back
Top