غلام حيدر گجو ولد محمد لائق سولنگي ڳوٺ محمد صالح سولنگي يونين ڪائونسل ۽ مشهورڳوٺ گجو گهيڙ تعلقي ڀريا ضلعي نوشهروفيروز ۾ 17 فيبروري 1950ع ڌاري پيدا ٿيو، سندس تعلق گجو گهيڙ هجڻ سبب پاڻ کي غلام حيدر گجو جي نالي سڏائڻ لڳو، سندس شمار سنڌ جي اعلى شاعرن، فقيرن ۽ عاشقن ۾ ٿئي ٿو، غلام حيدر گجو ڪو ٿورو ٿڪو پڙهيل هو، سندس ذريعي معاش پوک پلال ۽ ڍور ڍڳا چارڻ هو. جواني تي پهچڻ سان ازلي عشق جي ور چڙهي ويو جنهن کان پوءِ فقيري اختيار ڪيائين ۽ حضرت اعلى سائين مخدوم محمد زمان طالب المولى جو طالب ٿي زندگي گذارڻ لڳو. سچي عشق جي چوٽ رسڻ کان پوءِ درد ۽ فراق وچان آلاپيندو جهر جهنگ گهمندو وتندو هو درديلي دانهن سبب نڪتل لفظ شاعري جي لڙهن ۾ پوئجي ويندا هئس، سندس شاعري جي هاڪ وڌڻ لڳي، تڏهوڪي مقبول ترين عوامي فنڪار مرحوم جلال چاندئي ۽ ڦوٽي زرداري، امام بخش زرداري، گلشير تيوڻي ڳايا ته سون تي سهاڳو ٿي سنڌ جي چپي چپي ۾ غلام حيدر گجو جا ورلاپ ورجايا پئي ويا. اڄ سي آواز جي صورت ۾ بي مثال شاعري جي ساک ڏئي رهيا آهن ۽ سندس شاعريءَ جون چوپڙيون محفوظ نه رهي سگهيون آهن بس صرف ڳايل ڪلام ئي سنڌ ڌرتي جي علمي ادبي پرڳڻي ساهتي جو سينگار آهن افسوس سان ڪو به سندس سار لهڻ وارو ڪونه آهي هن يگاني شاعر ڪجهه عرصو بيماري سان ويڙهه ڪري 12 آگسٽ 2011ع ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، کيس اباڻي قبرستان ڳوٺ گجو گهيڙ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. غزلپرين پائي مون کـــي ڀاڪر، ويهاريندين تہ خوش ھوندين،سڙي سڪ ۾مري ويندس، جياريندين تہ خوش ھوندين. پنهنجـــــــــــي خاطر گناھ ڪــيئي ڪيا هوندئي زماني ۾،راھ مولا کـــــــــــــلي مون ڏي نـهاريندين تہ خوش هوندين. سڄڻ سيني لڳـــــــــــــــــــــــائيندين ڪونہ آسمان او ڪرندو،منهنجي هيءَ درد واري دل ڌتـــــاريندين تہ خوش هوندين. خدا جي واسطي سهڻا بچاء مـــــــــــــــــــــون کي حسن وارا،مون کي اڄ لال لبڙن مان پيارينديــــــن تہ خوش ھوندين. تنهنجي مان پيار جو پياسي اڃايل آھــــــيان عرصي کان،گهڙي گڏ غلام حـــيدر سان گذاريندين تہ خوش هوندين. اچين منھنجي اڱڻ، منھنجا سھڻا سڄڻ مان توکي ڏسان ، ھڪ پل نه جئيان توتان گھور ٿئيان، توتان صدقي وڃان ڪوسو واءُ نه لڳي،تون حيات ھجين خدا خير ڪري، وري مونسان ملين منھنجا سھڻا سڄڻ تنھنجا پير چمان ڏک ويندا لھي،تون کلندي سڄڻ مان دوا ٿو ڪيان ، خوش ھوندي سڄڻ جند جان پنھنجي، توتي ساھ ڏئيان منھنجو عشق به تون ، ايمان به تون منھنجو ساھ به تون، جند جان به تون چوي غلام حيدر تنھنجي در تي اچان. ”منھنجا سھڻا سڄڻ رنگ لائي ڇڏيئي، دل تو کي دلبر ڏيون اڄ وڃان ٿو، سڄڻ ساھ تو وٽ ڇڏيون اڄ وڃان ٿو،، پرين پائي ڀاڪر ويھاريندين ته خوش ھوندين،، ڇڏي تون جو ويندي منھنجو ساھ ويندو،، ڪٺو قرب تنھنجي مونکي يار پيارا، کسي دل کڻين وئين سھڻي صورت وارا، ڪري سنيگار سڄڻ بيھي مونڏي اک ٿو کڻين، پيو ٿو مونکي ڏاڍو وڻين،، پرديس ھليو وئين پيارا، تو لاءِ ويس ڪيا مون ڪارا،،