سنڌي ٻولي تي جاکوڙ ڪندڙن ۽ پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ جو ماهر سمجهندڙن سڀني کي ٻانهون ٻڌي عرض ٿو ڪجي ته سنڌي ٻولي ۾ ثقافت کي ڇا چئبو آهي ؟؟؟
سر سلام عليڪم ادا سڀ کان پهريان ته سڀ مصنف ڪالم نگار ۽ تاريخ جي سڃائپ رکندڙ ماڻھون سڀ ان ڳالھ جا قائل آھن ته سنڌ جي ثقافت پنج هزار سال يا ان کان وڌيڪ پراڻي آھي توهان جو سوال سنڌي ۾ ثقافت چا کي چئبو آهي سڀ کان پهريان اسان کي اهيو ڏسڻو آھي ته ثقافت لفظ ڪٿان کان آيو ۽ ڪهڙي ٻولي مان نڪتل آھي ثقافت عربي ٻولي جو لفظ آھي جيڪو ثقف مان نڪتل آھي (يعني ثقافت لفظ ثقف جو مصدر آھي) ثقف لفظ جي معني آھي تعليم يافته هجڻ يا ذهين هجڻ ثقافت جي لغوي معني آھي پوکڻ يا سينگارڻ يا وري ٻيو لفظ استعمال ٿيندو آھي اهو لفظ تهذيب اهيو به عربي ٻولي جو لفظ آھي جيڪو هذب لفظ مان ورتل آھي جنهن جي معني آھي چانگ ڪرڻ جئين پاڻ ڪنهن وڻ جي چانگ ڪري ان کي سھڻو بڻائيندا آهيو در اصل سڄي ڳالھ جو خلاصو هي آھي ته تعليم يافته هجڻ ذھين هجڻ پنهنجو پاڻ کي سيگارڻ يعني پاڪ رهڻ ۽ ٻيون به ڪجھ ڳالهيون آھن انهن سڀن جو معني رکندڙ ڪو سنڌي ٻولي ۾ لفظ ڪونه آھي انهي ڪري ڪجھ مصنفن ثقافت لفظ کي استعمال ڪري تمام ڏکيائيون ختم ڪري چڏيون ثقافت لفظ جي معني ۾ سڀ ڳالهيون اچي وڃن ٿيون دعائن ۾ ياد سنڌ سلامت سٿ
جمالي صاحب جو سوال بهتر آهي ۽ ظهير ڀاءَ به سٺو جواب ڏنو آهي. ڪافي آهي. آءٌ پنهنجي طرفان هڪ لفظي جوڙجڪ جو اظهار ڪريان ٿو ته ان جي معنى رهڻي ڪهڻي چئي سگھجي ٿي.