شاگرد يونينن جي بحاليء کان ڀو ڇو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هاڻي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن جي حيثيت رڍن ٻڪرين جيان آهي جن کي يونيورسٽي انتظاميه هڪ ئي لٺ سان هڪلي ٿي.جهڙيء طرح چوزن کي فارمن ۾ قيد ڪيو ويندو آهياهائي صورتحال هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن سان هوندي آهي.گھڻن ادارن ۾ ته ٽرانسپورٽ جي سهولت آهي ئي ڪانه.شاگرد بسن جي درن تي لٽڪي رهيا هوندا آهن،ٻن سالن جو ڊگري پروگرام ختم ڪري چئن سالن جوڪيو ويو،سيمسٽر سسٽم متعارف ڪرايو ويو،سال ۾ ٻه ٻه ڀيرا فيون وصول ٿيڻ لڳيون ۽ سيميسٽر سسٽم جي برڪتن مان مستفيض ٿيڻ لاء اسائينمينٽس،پريزنٽيشنز،سيشنلز،مڊ ٽرمز،ڪوئز ۽ فائنل ٽرمز جي اهڙي ته منجھيل چڪر ۾ ڦاسايو ويو جو شاگردن کي مٿو کنهڻ جي به فرصت نه ملي.اهو سڀ ڪجهه تعليمي نظام کي جديد گھرجن مطابق بنائڻ جي نالي تي ڪيو ويو.خود مختياريء جي نالي تي يونيورسٽين کي خانگائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو.گذريل ڪجهه سالن اندر يونيورسٽين جي فين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو.مزدورن ۽ هارين جي ٻارن لاء اعليٰ تعليم جا دروازا ڪڏهوڪا بند ٿي چڪا آهن.هاڻي ته وچين طبقي جي ٻارن لاء به پڙهڻ مشڪل ٿيندو ٿو وڃي پر انهن تعليمي دوڪانن ۾ پڙهايو ڇا ٿو وڃي؟ سيڪيورٽي جي آڙ ۾ هر تعليمي اداري ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي ويهاريو ويو جيڪي هر ايندڙ ويندڙ شاگرد لاء ذهني اذيت جو سبب بڻجي چڪا آهن.دهشتگردي جي شڪ ۾ معصوم شاگردن کي سخت جبر جو نشانو بنايو ويو.ايئن ٿو لڳي ته اهي تعليمي ادارا نه پر ڪي فوجي بيرڪون آهن.جيڪو به آواز شاگرد پنهنجي ڪنهن حق لاء بلند ڪن ٿا انهيء کي طاقت ذريعي دٻايو وڃي ٿو.اڄ پنهنجن حقن جي بچاء ۽ جدوجهد لاء شاگردن وٽ ڪوبه پليٽ فارم موجود ناهي.جيستائين شاگرد يونينون موجود هيون تعليمي ادارن جو انتظام هلائڻ ۾ شاگردن جو اهم ڪردار هو،سمورن اهم معاملن ۾ شاگرد نمائندن جي راء شامل هوندي هئي،شاگرد يونين جا نمائندا سينيٽ ۽ سنڊيڪيٽ جا ميمبر هوندا هئا ۽ شاگردن جي حقن جي تحفظ جي ذميداري سندن ڪلهن تي هوندي هئي.جيڪڏهن رياست يا انتظاميا ڪو شاگرد دشمن قدم کڻندي هئي ته شاگرد يونيون ان قدم جي مزاحمت ڪنديون هيون.هاڻي ته ڪنهن يونيورسٽيء جو وائيس چانسلر هٽلر کان گھٽ ناهي.پر ستر جي ڏهاڪي ۾ جڏهن شاگرد يونين جي سياست موجود هئي ته هر مهيني ”روبرو“ جي نالي سان هڪ سيشن ٿيندو هو جنهن ۾ وائيس چانسيلر شاگردن سامهون موجود هوندو هو ۽ انهن جي مسئلن ۽ سوالن متعلق جواب ڏيندو هو.هاڻي به اسان سمجھون ٿا ته هر ڪاليج ۽ يونيورسٽيء ۾ فين ۾ اضافي کان سيڪيورٽي جي نالي تي ٿيندڙ جبر،سيميسٽر جي مسئلن کان فيميل اسٽوڊنٽس سان پيش ايندڙ جنسي هراس مينٽ جي معاملن تائين شاگرد يونينز پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون.انهيء ڪري شاگرد يونينز جي بحاليء جي جدوجهد ڪنهن به صورت ۾ غير جمهوري ناهي.عالمي سرمائيداري جي تاريخي بحران واري هن دور ۾ شاگرد يونينز جي بحاليء وارو اهو نعرو هڪ جمهوري مطالبي کان وڌي ڪري هڪ انقلابي نعرو بڻجي چڪو آهي ۽ هاڻي گھڻي وقت تائين ان جدوجهد کي روڪي نٿو سگھجي.جتي شاگرد يونينز ۽ شاگردن کي درپيش ٻين مسئلن لاء جدوجهد وقت جي ضرورت آهي اتي شاگرد تحريڪ کي درست ۽ سائنسي نظرين سان ليس ڪرڻ به اوتروئي ضروري آهي.صحيح نظرين ۽ پروگرام سواء ڪابه جاکوڙ اڳتي وڌائي نٿي سگھجي.ماضيء ۾ شاگرد توڙي مزدور تحريڪن جي ناڪامي ۽ زوال جو هڪ وڏو سبب نظرياتي غداريون هو جڏهن نظرين کي ڪنهن ٻئي درجي جي شيء سمجھيو ويو ۽ ايڪٽو ازم تي زور ڏنو ويندو هو.اڄ شاگرد يونينز جي بحاليء واري نعري کي صحيح نظرياتي بنياد ۽ پروگرام مهيا ڪندي ان کي مفت تعليم،روزگار ۽ ٻين اهم مسئلن سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي.سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن ۾ زندهه رهندڙ دانشورن ۽ تجزيي نگارن جي سوچن جي ابتڙ پاڪستان ۾ هڪ شاگرد تحريڪ پچي راس ٿي چڪي آهي جيڪا ترت ئي ڪنهن ڌماڪي جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگھي ٿي.2008ع جي عالمي سرمائيداري نظام جي بحران جتي سڄي دنيا ۾ انقلابي تحريڪن کي جنم ڏنو اتي پاڪستان به ان عمل کان محفوظ ناهي رهيو توڙي جو ڪنهن وڏي سطح تي ان جو ڪو منظم اظهار سامهون ناهي آيو تنهن هوندي به ڪيترن ئي واقعن مان شاگرد تحريڪ جي چرپر ۽ هلچل جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي بعد نوجوانن خاص طور تي شاگردن پاران ايندڙ ردعمل حڪمران طبقي ۽ رياست کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.ان وقت اهڙيون حالتون موجود هيون جو ڪا طاقتور شاگرد تحريڪ بڻجي وڃي ها پر سيڪيورٽي جي نالي تي ٻن مهينن لاء تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو ۽ ايندڙ وقت ۾ اهڙي ڪنهن تحريڪ کي روڪڻ لاء يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي جيلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ويو پر تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ سان شعور ۾ آيل تبديلين کي رول بيڪ ڪري نٿو سگھجي.ان کان بعد ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مختلف مسئلن جي آسپاس شاگردن جا احتجاج اڀرندا رهيا.مشال خان جي رياستي سرپرستيء ۾ قتل بعد پوري ملڪ ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڊوڙي ويئي.قتل جي ٽئين ڏينهن وڃي اصل ڪهاڻي سامهون آئي ته مشال خان فين ۾ اضافي،انتظاميا جي ڪرپشن ۽ ٻين مسئلن خلاف جدوجهد کي منظم ڪري رهيو هو.هر شخص ان ظلم ۽ بربريت خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ توهين رسالت کي بنياد بنائي انتظاميا طرفان سماج تي مسلط ڪئي ويندڙ سوچ عوام قبول نه ڪئي،اها عوامي شعور۾ آيل واضح تبديليء جو مثال هئي.ان ظلم خلاف ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاج ٿيا.مشال خان جي قتل خلاف آيل رد عمل رياست کي هڪ ڀيرو ٻيهر بيڪ فٽ تي وڃڻ تي مجبور ڪيو ۽ اهو شاگرد تحريڪ جي پوٽينشل جواظهار هو.ان دوران شاگرد تحريڪ کي نسلي ۽ قومي بنيادن تي ورهائڻ لاء پنجاب يونيورسٽي ۾ پشتون ۽ بلوچ شاگردن تي حملا ڪرايا ويا پر ڪا گھربل ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي.گذريل سال قائد اعظم يونيورسٽي جي شاگردن جي فين ۾ اضافي خلاف ڪامياب هڙتال ۽ ان جي حق ۾ پوري ملڪ ۾ ٿيندڙ يڪجهتي مظاهرن پوري ملڪ جي شاگردن لاء مثال قائم ڪيوپر ان هڙتال جي نتيجن کي به بلوچ شاگردن تي تشدد ڪري ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.ان بعد پشاور يونيورسٽيء ۾ فين ۾ اضافي ۽ ٻين مسئلن خلاف اڀرندڙ شاگرد تحريڪ،جنهن بعد زرعي انسٽيٽيوٽ پشاور يونيورسٽي تي دهشتگرد حملو ٿيو ۽ هڪ ڀيرو وري شاگردن کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.گذريل سال پهرين پنجاب ۽ هن سال بلوچستان ۾ انٽري ٽيسٽ ۽ امتحاني نتيجن خلاف تحريڪون هليون.گذريل پنجن سالن جي ئي ڳالهه ڪجي ته تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي مسئلن ۾ نه رڳو ڪئين ڀيرا واڌارو آيو آهي بلڪه اهي مسئلا دکي رهيا آهن.رياست جا پاليسي ساز سمجھن ٿا ته تعليمي ادارن ۾ پوليس ۽ رينجرز جون چيڪ پوسٽون جوڙي ان اڀرندڙ شاگرد تحريڪ جو رستو روڪي سگھجي ٿو پر اهي اها ڳالهه سمجھڻ کان لاچار آهن ته گھڻو امڪان آهي ته ڪنهن به رياستي جبر جي نتيجي ۾ اها تحريڪ هٿن مان ئي نڪري سگھي ٿي.تعليمي ادارن جي حالت اها آهي جو پيئڻ جو صاف پاڻي به ميسر ناهي.سخت گرمين ۾ لوڊ شيڊنگ انهن شاگردن جي ذهن ۽ جسم تي ڪهڙا اثر مرتب ڪندي هوندي.رياست جي چڱن مڙسن ڪڏهن ان ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته آباديء جو سٺ سيڪڙو حصو نوجوان جيڪي اڄ سمورين سياسي جماعتن کان ٻاهر آهن جيڪا ڳالهه نه رڳو حڪمران طبقي بلڪه خود رياست لاء به خطرناڪ آهي.پي ٽي آئي جو ڦوڪڻو ته ڪڏهوڪو ڦاٽي چڪو.پاڪستان جي هاڻوڪي ڪيفيت ۾ ڪنهن به وقت ڪنهن ڌماڪي جي صورت ۾ شاگرد تحريڪ جو طوفان اٿي سگھي ٿو.اهڙين حالتن ۾ جيڪر هڪ انقلابي جدوجهد ذريعي شاگرد يونيون بحال ٿيڻ وڃن ٿيون ته اهي شاگرد تحريڪ کي هڪ توانائي مهيا ڪرڻ جو سبب بڻبيون.مستقبل ۾ اڀرندڙ شاگرد تحريڪ رڳو شاگردن جي مسئلن تائين محدود نه رهندي بلڪه سرمائيداري جي ان بحراني دور ۾ ان جا مطالبا پورا ڪرڻ شايد رياست جي وس ۾ ئي نه رهن.انهن حالتن ۾ اها تحريڪ ڪنهن مزدور تحريڪ کي به جاڳائڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي جنهن سان رياست لاء مسئلا وڌيڪ ڳنڀير بڻجي سگھن ٿا.ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان جدوجهد کي نظرياتي بنياد مهيا ڪندي سماج جي انقلابي تبديلي جي جدوجهد سان ڳنڍيو وڃي.ان لاء شاگردن جي نظرياتي ۽ سياسي تربيت ڪري هڪ انقلابي پارٽي جي تعمير هاڻوڪي دور جي واحد گھرج آهي.
    منهن جا بلاگس

    سنڌ سجاڳ بلاگ ـــ مهراڻ سائنس ڪلب ــــ

    هيپي هرٽ پوائنٽ ـــ شعر ۽ شاعري بلاگ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو