12 مئي..مائرن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسب سان... اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن آهي، هن ڏينهن تي هر ڪو پنهنجي پنهنجي امڙ سان محبت جو اظهار ڪري رهيو آهي، مون کي خبر آهي ته تنهنجو مون لاءِ پيار ڪو مخصوص ڏينهن لاءِ ناهي، پر اڄ الائي ڇو دل مان آهه نڪتي ته، جيڪر! تون گڏ هجين ها ته هي ڏهاڙو ڪيڏو نه پرمسرت ٿي پوي ها…! پوين ٻن ورهين کان تنهنجي لاءِ رڳو ڳوڙها ئي ڳاڙيندي رهي آهيان، اڄ دل گهريو ته، پنهنجي اڌمن جو اظهار تو ڏانهن لکي اماڻيان. اهو به پتو ناهي ته هيءُ خط تو تائين پڄندو يا نه، تون الائي ڪٿي آهين؟ توسان وڏي عرصي کان ڪچهري ناهي ڪئي، وجود اٻاڻڪو لڳو پيو آهي، دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ پنهنجا احساس پني تي اتارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان. منهنجا ٻڄا! اهو ڏينهن خالي ناهي، جڏهن تنهنجي باري ۾ نه پڇيو هجي تون ڪيڏانهن هليو ويو آهين!. ڪيترائي ڀيرا ان سوال جو جواب مليو آهي ته تو کي اڻ ڏٺل قوتون کڻي ويون آهن. ڪهڙيون اڻ ڏٺل قوتون؟ ٻڌو آهي ته اهي اڇي ڪاري جون مالڪ قوتون آهن. ملڪ سڄي جو ڪارنهوار سندن هٿن ۾ آهي. ڇا اهي قوتون منهنجي ٻچي کي وقت تي پاڻي ڏينديون هونديون؟ ويلي مهل ماني ڳڀو مهيا ڪنديون هونديون؟ اهڙا سوال پڇڻ تي سدائين تنهنجي ڀائرن توڙي دوستن جي ڳلن تي ڳوڙها لار ڪري وهي آيندا آهن، پوءِ هو بنا جواب ڏيڻ جي هليا ويندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ اخبار ۾ پڙهيم ته اعجاز تنيو گهر واپس وريو آهي، کيس آزاد ڪيو ويو آهي. خبر پڙهي هڪ پاسي خوشيءَ ٿي، ٻي پاسي منهنجو هانءُ ٻه اڌ ٿيندو ويو. اخبار ۾ اعجاز جون ٻه تصويرون ڏسي رڙ نڪري وئي! هڪڙي تصوير اها جيڪا سندس گم ڪرڻ کان اڳ واري هئي، ۽ ٻي تصوير سندس آزادي کانپوءِ واري هئي. قيد دوران اها حالت ڪئي وڃي ٿي؟ تنهنجي باري ۾ سوچيندي اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا، ذهن ۾ وسوسن جو طوفان اچڻ لڳو، ڦٿڪڻ لڳيس ته منهنجو ٻچو ڪهڙي حال ۾ هوندو. دورا پوڻ لڳا. خبر ناهي پوءِ مون سان ڪهڙي حالت ٿي. جڏهن اک کلي ته پاڻ کي اسپتال جي بيڊ تي ستل ۽ ڊرپ لڳل ڏٺم..! تنهنجي باري ۾ پڇي جهٽ پل ۾ ئي اٿڻ جي ڪوشش ڪيم ته تنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن اٿڻ نه ڏنو. منهنجي جگر جا ٽڪڙا…! اڄ دل چاهيو ته تو کي ٻڌايان ته تنهنجا ڀائر، ڀينرون ۽ دوست به تنهنجي گمشدگي تي ڪيترا غمگين آهن. سمجهان ٿي ته کين هڪ تنهنجو ڏک ٻيو منهنجي هر آئي ڏينهن خراب ٿيندڙ طبيعت جو غم، ڪيترو نه وڪوڙي ويو آهي جو ڄڻ ته تنهنجي وئي کانپوءِ خوشيون رُسي ويون آهن. الائي جي ڇو مون ۾ ايتري همٿ نٿي ٿي سندن بابت ٻڌائڻ جي، پر اهو پڇڻ ٿي گهران ۽ حيرانگيءَ ۾ پنڊ پهڻ بڻيل آهيان ته تو کي ڪهڙي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪيو ويو آهي؟ ڪن ماڻهن جي واتان ٻڌو آهي ته تو کي سنگين ڏوهه جي بنياد تي کنيو ويو آهي. انهن کان سدائين اهو سوال پڇندي آهيان ڪهڙي سنگين ڏوهه ۾؟ ٻڄا..! تون ته ايترو حساس آهين، ڪڏهن جيتامڙو به ناهين ماري سگهيو. پوءِ اهي ماڻهو ڪيئن ٿا چون ته تو سنگين ڏوهه ڪيو آهي..! مون کي ته ٽڪو به سمجهه نٿي اچي ته قتل ڪندڙ ماڻهو به عدالت پيش ڪيا وڃن ٿا. پر ٻڄا…! تو اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو تو کي ظاهر به نٿا ڪن…؟ حد جي ٿاڻي کان ويندي ايس ايس پي ضلعي تائين پڇا ڪئي، پر هر ڀيري اهو جواب مليو ته کين تنهنجي باري ۾ ڪو اتو پتو ئي ناهي، هنن گرفتار ئي ناهي ڪيو. پريس ڪلبن توڙي آفيسرن جي آفيسن آڏو ڪيترائي احتجاج ڪري دانهون ڪوُ ڪون ڪيون، پر تنهنجو اتو پتو ئي نٿو پوي. مون کي خبر آهي ته تون هڪڙو گم ناهين. تو جهڙين سوين ڳڀرو جوانن کي گم ڪري سندن امڙين، ابن، ڀينرن، ڀائرن ۽ مٽ مائٽن کي رت روئاڙيو ويو آهي. پريشان آهيان ته هاڻي ته توهان جي آزاديءَ لاءِ احتجاج ڪرڻ کي به ڏوهه مڃيو وڃي ٿو. خبر اٿئي منهنجا ٻڄا..! گذريل سال، جڏهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي، تڏهن احتجاج ڪندڙ ڌيئرن، ڀينرن ۽ ٻين نارين جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري مٿن تشدد ڪيو ويو هو. هاڻي ڪنهن در واجهايون ۽ ڪنهن کي دانهن ڏيون، ڪنهن کان انصاف گهرون…! ٻڄا…! تون دل ننڍي نه ڪر، مون پوءِ به آسرو ناهي پليو. بس گهر ويٺي آلن نيڻن سان تنهنجي آمد جو انتظار ڪندي رهندي آهيان. گذريل عرصي کان ڪيترائي گم ڪيل آزاد ٿي پنهنجي پيارن سان مليا آهن. شل اهو ڏينهن ضرور اچي. تون گهر اچين ۽ تو کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وڪوڙي رکان.. تو کي پنهنجي هٿن سان ماني کارايان…! تنهنجي پرگهور لهان. تو کي گهر جي چوديواري کان ٻاهر پير رکڻ نه ڏيان. متان ظالم ڏائڻن جي تو تي بري نظر پوي. پر الائجي ڇو مون کان اتنظار ڪرڻ جي سگهه وڃائجي رهي آهي، هاڻي مون کان وڌيڪ برداشت نٿو ٿئي، ڏينهون ڏينهن دل جو ڌڙڪو وڌيڪ تيز ٿيندو پيو وڃي، مٿي کي چڪر ۽ بيهوشيءَ جا دورا ڄڻ ته معمول بڻجي ويا آهن، مرض به وڪوڙي ويا آهن…! ٻڄا، جلدي اچ، انهن دردن ۽ مرضن جي دوا صرف تون ئي آهين، منهنجي جگر جا ٽڪڙا هاڻي بس جلدي اچ، متان دير ٿي وڃي….!