شفيق الرحمان شاڪر سماجي ايڪتا ڇا آهي؟ ان اصطلاح کي سمجھڻ لاء اسان کي ان جي ابتڙ تصور معلوم ڪرڻو پوندو يعني سماجي ايڪتا جي ابتڙ ڇا آهي؟ ڏڦير.انتشار،نفاق،ٽڪراء ۽ بدامني وغيره.ته چئبو ته سماجي ايڪتا جو مطلب اهو ٿيو ته سماج ۾ رهندڙ ماڻهن وچ ۾ جھيڙو،تڪرار،فساد،ڏڦير ۽ نا اتفاقي نه هجي،انهن وچ ۾ تعاون،همدردي،اتحاد ۽ هڪ ٻئي جو قدر ۽ احترام هجي.مختلف رنگ،نسل،ذات ۽ مذهب سان تعلق رکڻ باوجود انهن وچ ۾ هڪ گڏيل انساني احساس ۽ جذبي وارو سماجي تعلق هئڻ گھرجي.انهيء مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڪوبه سماج رڳو ان وقت صحتمند ۽ سڌريل سڏائي سگھي ٿو جڏهن اتي سماجي ايڪتا موجود هجي.جتي سماجي ايڪتا هوندي اتي امن هوندو ۽ امن سواء ڪنهن به قسم جي هاڪاري ترقي ۽ خوشحاليء جو تصور ناممڪن آهي.جتي ڳالهه ڳالهه تي ماڻهو هڪ ٻئي سان اٽڪي پون ۽ ڪوبه پنهنجي غلطي مڃڻ لاء تيار نه ٿئي اهي سماج جمود جو شڪار ٿي وڃن ٿا.افسوس اهو جو اسان وٽ سماجي ايڪتا پيدا ڪرڻ وارو نه ته نصاب آهي ۽ نه ئي قومي ۽ رياستي پاليسي.پاڪستان ٺهڻ بعد اسان جي حڪمران اشرافيا قومي ٻڌي ۽ سماجي ايڪتا جي لاء جيڪا پاليسي جوڙي ان ايڪتا بدران انتشار،ڏڦير ۽ ماڻهن وچ ۾ فاصلا پيدا ڪيا.نتيجو اهو نڪتو جو اسان جو سماج سماجي ناانصافيء سبب شدت پسندي،دهشتگردي،تفرقي بازي ۽ تعصب جو شڪار ٿي ويوجنهن جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت پنهنجن پيرن تي نه بيهي سگھي.اسان جو هڪ وڏو قومي الميو اهو به رهيو آهي جو اسان جي رياست جي پاليسي سازن هميشه هٿرادو ۽ مصنوعي طريقن سان ماڻهن ۾ حب الوطنيء جو جذبو ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪڏهن به سماجي نااصافين کي سنجيدگيء سان گھٽائڻ يا ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي جنهن سان قوم وسيع نظر ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌيڪ تنگ نظر ٿيندي ويئي.هڪ ڊگھي عرصي تائين اسان جي قومي تربيت ئي ان انداز سان ٿيندي رهي جنهن سان اسان جنگجو قوم جو منظر پيش ڪري سگھون. متوازن سماجي زندگيء جو جيڪو اصول جديد دنيا ڏنو آهي اهو ڪثرت پسندي آهي يعني اهو سوچي جيئڻ ته دنيا جا انسان مختلف رنگن جي گلن جيان آهن.سڀ پنهن جي پنهنجي هنڌ خوبصورت آهن.سڀني جا خيال،سوچون،نظريا ۽ عقيدا احترام جي لائق آهن.نه ڪو پيدائشي گنهگار آهي ۽ نه ڪو ڄائي ڄمندي گھٽ درجي جو آهي ۽ نه ئي ڪو ڪنهنجو پئدائشي دشمن آهي.وري متوازن سماجي زندگيء لاء اهو به ضروري آهي ته طبقاتي تفاوت کي گھٽايو وڃي.عام طور تي خوشحال سماج ئي رواداري ۽ سهپ وارا امن ڀريا سماج هوندا آهن.عوام کي بهتر جديد تعليم ڏني ويندي آهي ته جيئن سندن شعوري سطح مٿانهين ٿئي ۽ اهي معاشي طور تي به پنهنجو پاڻ لاء ۽ پوري سماج لاء گھڻي ۾ گھڻو فائديمند ثابت ٿي سگھن.تڪرارن کي طاقت ذريعي نه پر ڳالهين ذريعي نبيريو ويندو آهي ۽ هر صورت ۾ قانون جي حڪمراني لازمي قرار ڏني ويندي آهي ۽ ڪنهن کي به سندس حيثيت ۽ طاقت جي زور تي قانون ٽوڙڻ جي اجازت ناهي ڏني ويندي.انهن بنيادي شين سواء اها سماجي ايڪتا ڪيئن ٿي پيدا ڪري سگھجي جيڪا انسانن کي ملي جلي سهڻي انداز ۾ رهڻ جو سليقو سيکارڻ سان گڏوگڏ انهن جي پيداواري ۽ تخليقي صلاحتين جي اوسر ڪري ٿي.اسان اها ڳالهه وساري ٿا ويهون ته هيء دنيا،ڪائنات ۽ انسان سڀ ”گھڻ رخيون“ حقيقتون آهن.اهڙيء طرح پاڪستان به رنگارنگ ماڻهن تي ٻڌل گھڻ رخو گلشن آهي پر اسان جي سياسي اشرافيا جو خبط رهيو آهي ته ان ملڪ کي ”هڪ رخو“ ملڪ بنايو وڃي ۽ انهيء نام نهاد ”قومي يڪجهتي“ تي گھڻو ڀاشڻ ڏنو ويندو آهي.اسان ٻاويهه ڪروڙ ماڻهن کي زبردستيء قومي يڪجهتيء جي پنهنجي سبيل ان ٻوريء ۾ وجھڻ گھرندا آهيون.اها ته سوچ ئي غير سائنسي،غير عقلي ۽ حماقت ڀري آهي.سڀني کي هڪ ئي انداز سان سوچڻ تي مجبور ڪرڻ غيرفطري عمل آهي انهيء ڪري ماڻهن ۾ موجود فطري،تهذيبي ۽ ذهني اختلاف کي تسليم ڪرڻ سواء سماجي ايڪتا پيدا ڪري نٿي سگھجي.انسان ڪروڙين سال جھنگلي ۽ وحشياڻي زندگي گھاري آهي.اسان جون سموريون جبلتون ۽ نفسيات انهيء ئي دور جون ترتيب ڏنل آهن.اها رڳو تهذيب ۽ معيشت جي اوسر آهي جيڪا انسان کي هڪ سڌريل انسان ۾ بدلائي رهي آهي.جيئن جيئن انسان وڌيڪ سڌرندو ويندو سندس ناڪاري رويا به بدلبا هاڪاري ٿيندا ويندا،اهڙيء طرح عالمي سطح تي سماجي ايڪتا جي سطح به بلند ٿيندي ويندي.تعصب هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا سماجي ايڪتا کي ڏاڙهي ٿي.تعصب تنگ نظري پيدا ڪري ٿو جنهن ڪري اسان پنهنجي اندروني هٿرادو جوڙيل سانچي ۾ قيد ٿي دنيا کي ڏسون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي پنهنجون اوڻايون نظر اچڻ بدران رڳو ٻين جون خرابيون ئي نظر اينديون آهن.هوڏانهن اسان جي آسپاس حقيقتون نهايت ئي تيزيء سان بدلجي رهيون هونديون آهن پر تعصب ڀريل اک کي ڪجهه به نظر نه ايندو آهي.گھڻن تڪرارن جو سبب به اهو ئي تعصب هوندو آهي جو ماڻهو سماجي،مذهبي،معاشي،تهذيبي،ثقافتي ۽ علمي تفرقن جو شڪار ٿي ويندا آهن.هر گروه پنهنجي بقا ۽ پنهنجن مفادن کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان لاء هر قسم جي طاقت استعمال ٿئي ٿي ۽ هر قسم جي قانون شڪني ڪئي ويندي آهي.جڏهن سماج ۾ معاملا رڳو طاقت جي زور تي طيء ٿيڻ لڳن ته ان سماج ۾ تشدد پسنديء جا لاڙا پيدا ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه آهي.تشدد جو اهو سلسلو گار گند کان شروع ٿي جنگين ۽ قتل عام تي پهچي ٿو.بدقسمتيء سان اسان جو سماج اهڙن ئي لاڙن جو شڪار آهي.انهيء کي روڪڻ ۽ مامرن کي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ لاء اسان نه ڪو سازگار ماحول پيدا ڪري سگھيا آهيون ۽ نه ئي ان قسم جي سکيا ۽ تربيت جو ڪو مناسب بندوبست موجود آهي.ترت ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿيڻ،بدلي وٺڻ جي خواهش رکڻ،ٻين تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۽ جڏهن به ڪنهن کي ڪو موقعو ملي ته هڪ ٻئي تي ٽٽي پوڻ اسان جو قومي مزاج بڻيل آهي.اسان جو اعلِيٰ طبقو ته ڪنهن به قانوني ۽ اخلاقي پابندين کي قبول ڪرڻ لاء تيار ئي نٿو ٿئي.جڏهن ڪو جنرل ملڪ جو آئين ٽوڙي ٿو ويهي ته آخر عام ماڻهوء کي ٽريفڪ جو اشارو ٽوڙڻ کان ڪيئن ٿو روڪي سگھجي؟احتساب جو جيڪو کل جوڳو نظام ملڪ ۾ هلندو رهيو آهي ان کان سڀ ڪو واقف آهي.اهڙي حالت ۾ تشدد پسنديء جا لاڙا ڪجهه وقت لاء دٻجي ته سگھن ٿا پر ختم ٿي نٿا سگھن.اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته سماجي لاڳاپن جون پراڻيون شڪليون ٽٽي رهيون آهن.فيملي، خاندان،پاڙيسري ۽ دوست احباب وغيره جا رشتا ڪمزور ٿي رهيا آهن.دنيا گلوبل وليج بڻجي رهي آهي.انٽرنيٽ ۽ ڪميونيڪيشن سماجي لاڳاپن جي جوڙجڪ ئي بدلائي ڇڏي آهي.پراڻا لاڳاپا قبائلي ۽ فيوڊل معاشي ماحول جي پيداوار هئا جڏهن ماڻهو پنهنجي ڪٽنب،قبيلي ۽ قوم جو وڌيڪ محتاج هوپر اڄ پاڻ ڀرائيء جو زمانو آهي.اصل ۾ هر شيء تبديلي پسند آهي،هن دنيا ۾ ڪابه شيء ڄميل نٿي رهي،پراڻيون سڃاڻپون ختم ٿينديون آهن ۽ نيون سڃاڻپون انهن جي جاء وٺنديون وينديون آهن.اسان سوين سال انهن حالتن ۾ رهيا آهيون جتي ماڻهن جي انفرادي سڃاڻپ بدران سندن خانداني،نسلي يا قبائلي سڃاڻپ هوندي آهي پر هاڻي انسان يونيورسل ڪلچر طرف وڃي رهيو آهي جتي ماضيء جون ڪيئي شناختون گم ٿيڻ جو امڪان آهي.سماجي ايڪتا لاء رواداري ۽ برداشت ٻئي ضروري آهن.برداشت ۽ رواداري ۾ وڏو فرق آهي.رواداري جو مطلب آهي ٻئي کي سندس مناسب جڳهه ڏيڻ ۽ سندس احترام ڪرڻ جڏهن ته برداشت مجبوري ۽ بيوسيء جو نالو آهي.برداشت اڪثر ناڪاري رويا به پيدا ڪري ٿي ڇو ته برداشت جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪي ڪجهه غلط به ٿي رهيو آهي ان کي خاموشيء سان برداشت ڪيو.ان سان ته سماج ۾ هيڪاري ڦيٽاڙو پيدا ٿئي ٿو. آخري ڳالهه اها ته اسان جي سماج ۾ هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن خوف جو شڪار آهي”دنيا ڇا چوندي؟” اهو وڏي ۾ وڏو سماجي خوف آهي.انهيء جو مطلب ته سماج جا فرد پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ آزاد ناهن،ايستائين جو پنهنجي تعليمي ڪيريئر جي چونڊ به اڪثرپنهن جن مائٽن جي خواهش مطابق ڪرڻي پوي ٿي.ڪنهنجي ذاتي زندگيء ۾به ٻين جي ايتري مداخلت ٿئي ٿي جو نيٺ ماڻهو بيزار ٿيو پوي. انهيء سان به سماج ۾ هڪ قسم جي فرسٽريشن پيدا ٿئي ٿي جنهن سان سماجي ايڪتا جو عمل متاثر ٿئي ٿو. منهن جا بلاگس سنڌ سجاڳ بلاگ ـــ مهراڻ سائنس ڪلب ــــ هيپي هرٽ پوائنٽ ـــ شعر ۽ شاعري بلاگ