شفيق الرحمان شاڪر جناب بلاول ڀٽو زرداريء جو چوڻ آهي ته سندس والد آصف زرداريء جي ”اسٽينڊرڊ“ جي ڪا به اسپتال پاڪستان ۾ موجود ناهي ان ڪري اهي چاهين ٿا ته سندس علاج ملڪ کان ٻاهر موجود سندن ”اسٽينڊرڊ“ واري ڪنهن اسپتال مان ڪرايو وڃي.جيستائين اڳوڻي صدر جي صحت جو سوال آهي ته اها واقعي گھڻو خراب آهي ۽ سندس علاج تي به ڪو اعتراض نٿو ڪري سگھي پر جيڪا ڳالهه ماڻهن جي دلين ۾ کٽڪي ٿي سا اها ته هن پوري ملڪ پاڪستان ۾ ڪا هڪڙي به اهڙي اسپتال موجود ناهي جيڪا انهيء اشرافيا جي ”اسٽينڊرڊ“ مطابق هجي.ان کان اڳ اها ئي ڳالهه ملڪ جي ٽي ڀيرا رهندڙ وزير اعظم ميان نواز شريف جي علاج جي حوالي سان به ٿيندي رهي آهي يعني ميان صاحب جي ”اسٽينڊرڊ“ جي به ڪا اسپتال پاڪستان ۾ موجود ناهي انهيء ڪري هو به هن وقت لنڊن جون هوائون کائي رهيو آهي.سالن کان ملڪ ۽ صوبن ۾ حڪومتون ڪرڻ باوجود به جيڪر اها اشرافيا عوام لاء نه سهي پر پنهنجي لاء به ڪا اسٽينڊرڊ جي هڪڙي اسپتال به قائم نه ڪري سگھي آهي ته پوء اهو ته سندن حڪومتي ڪارڪردگي ۽ عظيم دعوائن تي پاڻ ئي وڏو سواليا نشان بڻجي ٿو ته آخر هنن هن ملڪ ۾ باقي ڇا ڪيو آهي؟مسئلو رڳو اسپتال جو ناهي پر هتي ته ڪو اسڪول.ڪو تعليمي ادارو به سندن اسٽينڊرد جو موجود ناهي.ڪيترا سياستدان آهن جن جا ٻار هن ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ پڙهندا هوندا؟ خبر ناهي اها اشرافيا پنهنجو پاڻ کي ڪهڙي گرهه جي خاص مخلوق سمجھي ٿي ۽ سندن پير زمين تي لڳي ئي نٿو.عوام کي بک، بدحالين، بيمارين ۽ بي روزگارين جي اونهي آڙاهه ۾ اڇلي ،نوجوانن کي خودڪشين تي مجبور ڪري،مائرن ۽ پيئرن کي پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ڪري،معصوم ٻارن کي اڻپوري خوراڪ سبب زندهه لاشن ۾ بدلائي،غريبن ۽ محتاجن جي زڪوات ۽ خيرات جا پئسا هضم ڪري انهن کي پنهنجي اسٽينڊرڊ جي اسپتالن جي تلاش آهي.ٻئي طرف جمهور جن جو هي ملڪ آهي،جن جي نالي تي هنن جي سرن تي اقتدار جا تاج سجايا وڃن ٿا،جن جي ووٽن سان اهي ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ بنجن ٿا انهن جي حالت ته ڏسو ته اهي ڪيئن نه سرڪاري اسپتالن جي بدبودار بسترن تي علاج جون مناسب سهولتون نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي مري رهيا آهن.ڇوڪرا ته ڇڏيو اڪثر نياڻين جي اسڪولن ۾ واش روم ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيء جون سهولتون ئي موجود ناهن.اهو جمهور جو ملڪ آهي جتي جمهوريت جي نالي تي جمهور جو جنازو ڪڍيو وڃي ٿو،ڪيتراپوڙها ۽ پوڙهيون ڊگھين ڊگھين لڳل لائينن ۾ لتاڙجي مريو وڃن ان ڪري جو انهن لائينن ۾ لڳڻ رڳو جمهور جو مقدر آهي،بسن ۽ ويگنن ۾ لٽڪڻ جي قسمت رڳو ان جمهور کي ئي نصيب ٿي آهي.اهي ڪيڙا ۽ ماڪوڙا آهن،سالن کان معمولي معمولي ڏوهن ۾ جيلن جي صعوبتن ۾ سڙندا ۽ ڳرندا رهن ٿا پر انهن لاء نه ته ڪنهن سو موٽو جي سهولت آهي،نه انهن لاء موڪل وارن ڏينهن تي ڪي عدالتون لڳن ٿيون ۽ نه انهن کي انساني همدرديء جي بنياد تي ڪا رعايت يا رليف نصيب ٿئي ٿو.انهن جو نصيب اهو ئي آهي ته انهيء اشرافيا کي ووٽ ڏيندا اچن،انهن لاء نعرا هڻندا اچن ۽ انهن جي جلسن ۾ نچندا رهن.انهن کي پيدا ئي ان ڪري ڪيو ويو آهي ته اهي سور سهن،صدما برداشت ڪن،صبر ڪن، اذيتون ۽ ايذاء اکين تي رکن،هر ستم تي شڪر ڪن ۽ پنهنجي بکن ۽ بدحالين کي قدرت جو فيصلو سمجھي قبول ڪن.هتي اسٽينڊرڊ جو سوال صرف چند خاص ماڻهن لاء اڀري ٿو جيڪي جيڪر سير سفر تي نڪرن ته جمهور لاء روڊ رستا بند ٿين،جڏهن بيمار ٿين ته پوري حڪومت ۽ رياست سڀ ڪم ڇڏي سندن تيماداريء ۾ لڳي وڃي،انهيء ڪري جو اهي املهه ۽ خاص آهن.انهن سواء سنسار هلي نٿو سگھي،ملڪ جا معاملا اڳتي وڌي نٿا سگھن.ترقيء جو ڦيٿو ڦري نٿو سگھي.ڪير ٿو چوي ته هي ملڪ جمهور جو آهي؟ هي ملڪ ته هڪ خاص طبقي جي جاگير آهي، انهن جي بادشاهي آهي ۽ اسان سڀ سندن رعيت آهيون.رعيت جو ڪم ئي غلامي ڏيڻ،خدمت ڪرڻ ۽ سلاميون ڏيڻ هوندو آهي.اهي آئين اهي قانون،اهي جمهوري ايوان ۽ ادارا رڳو ماڻهن کي وندرائڻ ۽ دنيا کي ڏيکارڻ لاء آهن.گذريل ٻاهتر سالن ۾ جمهور جي جھوليء ۾ جيڪي ڪجهه آيو آهي اهو سڀني کي ساريو پيو آهي.هن ملڪ ۾ اشرافيا جي اسٽينڊرڊ جون ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ناهن،مثال نه ته هتان جون عدالتون ۽ نه ئي احتسابي ادارا انهن جي اسٽينڊرڊ مطابق آهن نه ئي هتان جو پاڻي ۽ دوائون ئي سندن اسٽينڊرڊ مطابق آهن.ايستائين جو هتان جي عام خلق به سندن اسٽينڊرڊ موجب ناهي جنهن کي هو هر وقت جاهل،بيوقوف،اڻ پڙهيل ۽ غير مهذب سمجھندا يا چوندا رهيا آهن.سندن خيال مطابق هتان جي عوام ۾ نه ڪو سوڪ سينس آهي ۽ نه ئي منجھن دنيا سان گڏ هلڻ جي صلاحيت.پر انهيء اشرافيا کي پنهنجي ماضيء جو آئينو ڏسڻ جي نه ته فرصت آهي ۽ نه ئي حوصلو ته انهن ڪهڙيء طرح هڪ منصوبا بنديء هيٺ ماڻهن کي اڻ پڙهيل ۽ جاهل رکڻ جو پروگرام جوڙيو .اهي ته پنهن جن ڳوٺن ۽ علائقن ۾ اسڪول قائم ڪرڻ جي به اجازت نه ڏيندا هئا ته متان عام خلق پڙهي لکي سندن غلاميء کان بغاوت شروع ڪري ڏئي.انهن ماڻهن هيستائين ماڻهن سان رڳو جانورن وارو سلوڪ ڪيو آهي.اڄ به ٻهراڙين ۾ ماڻهو ۽ جانور هڪ ئي تلاء مان پاڻي پيئندي نظر اچن ٿا.اها آهي انهن جي نام نهاد ترقي پسندي ۽ عوام دوستي جنهنجو ڍنڍورو هو هر وقت ڏيندا رهيا آهن.انهن سماج کي جنهن بنياد تي تعمير ڪيو آهي ۽ جنهن نيت سان معاشري جي شڪل جوڙي آهي اهو سماج هاڻي انهن لاء جهنم بڻجي رهيو آهي.عام خلق خدا کي هن سماج سان سان ڪو خاص مسئلو ناهي جو اهي گندگين جي ڍيرن ۾ زندگي گذارڻ ۽ گدلاڻ ڀري ماحول ۾ ساهه کڻڻ جا عادي بڻجي ويا آهن.انهن بکن ۾ پاهه ٿي ڪري به زندهه رهڻ جو ڏان ء سکي ورتو آهي.اهي سرڪاري اسپتالن جي بدبودار بسترن جا عادي بڻجي چڪا آهن.انهن هر سور ۽ صدمي،هر ڏک ۽ ڏاڍ،هر ايذاء،اذيت ۽ آزار،هر مصيبت ۽ محروميء .بکن،بد حالين ۽ بيمارين کي پنهنجو مقدر سمجھي سيني سان لڳائي رکيو آهي،سو اسٽينڊرڊ،اسٽيٽس ۽ معيار انهن لاء ڪا معنيٰ نٿا رکن،انهن جو سنڌ سنڌ ساڻو ۽ هڏ هڏ هيڻو هئڻ باوجود اهي حوصلي سان جي رهيا آهن پر وقت جو بي رحم وهڪرو جيڪي ايزاء،اذيتون،اهنج ۽ آزار انهيء اشرافيا لاء کڻي اچي رهيو آهي ۽ فطرت جو مڪافات عمل انهن کي جنهن ذهني عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ وارو آهي ان کان بچاء جي واٽ سندن سمورين حرفتن،چالاڪين ۽ ناٽڪن باوجود شايد کين هٿ نه اچي سگھي.انهن کي چاهيندي يا نه چاهيندي به ان اڻ پڙهيل،جاهل ۽ غير مهذب سماج سان ئي گذارو ڪرڻو آهي جنهن سماج کي انهن پنهنجي عظيم ڪاريگريء ذريعي جوڙي راس ڪيو آهي.انهن کي اڄ شڪايتون آهن ته ساڻن سندن ”اسٽينڊرڊ“ مطابق سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي،سندن قدر قيمت نه پيئي سڃاتي وڃي،سندن هر حڪم تي لبيڪ جون صدائون بلند نٿيون ٿين.ميڊيا سندن ها ۾ ها نٿي ملائي،عدالتون سندن سڏ ۾ سڏ نٿيون ڏين.آهي ته اها وڏي اذيت پر انهيء اذيت جا ذميدار اهي پاڻ آهن ۽ اذيت جي انتها ته ڏسو جو اهي جيڪر سچ پچ سخت بيمار به هجن ته به خلق خدا سندن بيماري کي بهانو يا نئون ناٽڪ سمجھڻ لڳي ٿي!