ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻮ ﻋﺎﻟﻤﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ ﺍﭲ 20 ﻧﻮﻣﺒﺮ ﭘﻮﺭﻱ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻮ ﻋﺎﻟﻤﻲ ڏﻫﺎڙﻭ ﻃﻮﺭ ﻣﻠﻬﺎﻳﻮ ﭘﻴﻮ ﻭﭸﻲ 20 ﻧﻮﻣﺒﺮ 1989 ﻉ ﺗﻲ ﮔڏﻳﻞ ﻗﻮﻣﻦ ﺟﻲ ﺟﻨﺮﻝ ﺍﺳﻴﻤﺒﻠﻲ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻮ ﻋﺎﻟﻤﻲ ڏﻫﺎڙﻭ ﻣﻠﻬﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﺍﻋﻼﻥ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﻫﻮ ﺍﭴﻮڪﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺳﻨﮅ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺳﻤﻴﺖ ﭘﻮﺭﻱ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻤﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﻨﺎﺳﺒﺖ ﺳﺎﻥ ﺭﻳﻠﻴﻮﻥ ڪﮃﻳﻮﻥ ﻭﻳﻨﺪﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﺳﻴﻤﻴﻨﺎﺭ ﺗﻘﺮﻳﺒﻮﻥ ﻣﻨﻌﻘﺪ ڪﻴﻮﻥ ﻭﻳﻨﺪﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﻣﺨﻠﺘﻒ ﻓﻮﺭﻣﻦ ﺗﻨﻈﻴﻢ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻮ ﺁﻭﺍﺯ ﺑﻠﻨﺪ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺣﻘﻦ ﺗﻲ ﺁﻭﺍﺯ ﺍﭤﺎﺭﻳﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﻘﺼﺪ ﺻﺮﻑ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﻭﺍﮄ ﻭﻳﺠﻬﻪ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﺎ ﻣﺴﺌﻼ ﺍﺟﺎﮔﺮ ڪﺮﮠ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺳﺎﺭ ﺳﻨﭝﺎﻝ ڪﺮﮠ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﺍﭲ ﺑﻪ ﺍﺳﺎ ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﭔﺎﺭ ﺍﺫﻳﺘﻨﺎڪ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﮔﺬﺍﺭﻱ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﭔﺎﺭ ﺍﭲ ﺑﻪ ڪﺸﻤﺮﻳﻦ ﻓﻠﺴﻄﻴﻨﻴﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﮔﺬﺍﺭﻱ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﻣﭥﺎﻥ ﻇﻠﻤﻦ ﺟﺎ ﭘﻬﺎڙ ڪﻴﺮﺍﻳﺎ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ ﺟﺒﺮﻱ ﭘﻮﺭﻫﻴﻮ ڪﺮﺍﻳﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﺳﻨﺪﻥ ﻣﭥﺎﻥ ﺗﺸﺪﺩ ڪﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﭔﻬﺮﺍڙﻱ ﺟﻲ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ڪﺠﻲ ﺗﻪ ﭔﻬﺮﺍڙﻳﻦ ﺟﺎ ﭔﺎﺭ ﺟﺎﻧﻮﺭﻥ ﮐﺎﻥ ﺑﻪ ﺑﺪﺗﺮﻳﻦ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﮔﺬﺍﺭﻥ ﭤﺎ ﺍﺗﻲ ﭔﺎﺭﻥ ﺗﻲ ﺗﺸﺪﺩ ﺟﺒﺮﻱ ﭘﻮﺭﻫﻴﻮ ﻧﻨﮃﻱ ﻋﻤﺮ ۾ ﺷﺎﺩﻱ ۽ ﻗﻴﺪ ﺟﻮ ﺭﻭﺍﺝ ﻋﺎﻡ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﭔﻬﺮﺍڙﻱ ﺟﻲ ﺭﻫﻮﺍﺳﻴﻦ ﺟﻮ ﺭﻭﺍﺝ ﺑﻪ ﻋﺠﻴﺐ ﺁﻫﻲ ﺍﺗﻲ ﺟڏﻫﻦ ڪﻮ ﭔﺎﺭ ﺟﻨﻢ ﻭﭠﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪﺱ ﻭﺍﻟﺪﻳﻦ ﺍﻫﻮ ﭴﻤﮡ ﻭﻗﺖ ﺋﻲ ﻃﺌﻲ ڪﺮﻱ ﮀڏﻥ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻫﻮٽﻞ ﺟﻮ ﺑﻴﺮﻭ ( ﻭﻳٽﺮ ) ﭤﻴﮣﻮ ﺁﻫﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻣﻮﭼﻲ ﭤﻴﮣﻮ ﺁﻫﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﮄﻭﭔﻲ ﻣﻮﭼﻲ ﺩﺭﺯﻱ ﻟﻮﻫﺎﺭ ﭤﻴﮣﻮ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺳﻨﺪﺱ ﭘﻲﺀُ ﻫﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﭘٽ ﻫﺎﺭﻱ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﭘﻲﺀُ ﻭﺍﮂﻭ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﭘٽ ﻭﺍﮂﻭ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺍﭲ ﻧﻪ ﻟﮑﻴﻦ ﺑﺎﺭ ﺍﺳڪﻠﻮﻥ ﮐﺎﻥ ﭔﺎﻫﺮ ﺁﻫﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻧﻪ ﭤﻲ ڏﻧﻲ ﻭﭸﻲ . ﺗﻮﻫﺎﻥ ﺍﭲ ﺑﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﭔﻬﺮﺍڙﻳﻦ ۾ ﺟﺎﭺ ڪﻨﺪﻭ ﺍﺗﻲ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﮐﻲ ﭔﺎﺭ ﮔﺎﻫﻪ ڪﻨﺪﻱ ﻣﻴﻨﻬﻮﻥ ﭼﺎﺭﻳﻨﺪﻱ ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺍﻫﻮ ﭔﺎﺭ ﺟﻴڪﻮ ﻧﻨﮃﭘﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﺍﻫﻦ ۾ ڪﻴﺘﺮﻥ ﺋﻲ ﺳﻮﺍﻟﻦ ﮐﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻳﻨﺪ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻭڏﻭ ﭤﻴﻨﺪﺱ ﭘﺮﻫﻲ ﻟﮑﻲ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﭤﻴﻨﺪﺱ ﮔﺎڏﻱ ﺑﻨﮕﻠﻲ ﺟﻮ ﻣﺎﻟڪ ﭤﻴﻨﺪﺱ ڊﺍڪٽﺮ ﭤﻴﻨﺪﺱ ﻗﻮﻡ ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ڪﻨﺪﺱ ﺍﻥ ﭔﺎﺭ ﮐﻲ ﺳﻨﺪﻥ ﻭﺍﻟﺪﻳﻦ ﺗﻌﻠﻴﻢ ڏﻳﮡ ﺑﺪﺭﺍﻥ ڪﻨﻬﻦ ﺗﺮ ﺟﻲ ﻭڏﻳﺮﻱ ﻭٽ ﮀڏﻱ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺍﭲ ﺑﻪ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﮐﻲ ﮔﮭٽﻴﻦ ﺑﺎﺯﺍﺭﻥ ۾ ﭔﺎﺭ ڪﻢ ڪﻨﺪﻱ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﻭﺍﮂﻱ ﮐﺎﻥ ﺭﺯﺍﻱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺩڪﺎﻥ ﮐﺎﻥ ﺩﺭﺯﻱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻮﭼﻲ ﮐﺎﻥ ﻫﻮٽﻠﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮔﺎڏﻳﻦ ﺟﻲ ڪﻠﻴﻨڊﺭ ﮐﺎﻥ ﮔﺎڏﻳﻦ ﺟﻲ ﺳﺮﻭﺱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭔﺎﺭ ﺋﻲ ڪﻢ ڪﻦ ﭤﺎ ﺟﺘﻲ ﻧﻨﮃﻳﻦ ﻧﻨﮃﻳﻦ ﻏﻠﻄﻴﻦ ﺗﻲ ﮐﻴﻦ ﺫﻫﻨﻲ ٽﺎﺭﭼﺮ ڪﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ . ﺍﭴڪﻠﻬﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﺑﺎﺭﻥ ﮐﻲ ﺟﻨﺴﻲ ڏﺍﮂﺍﺋﻲ ﺟﻮ ﻧﺸﺎﻧﻮ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﻗﺘﻞ ڪﺮﮠ ﻭﺍﺭﺍ ﻭﺍﻗﻌﺎ ﺑﻪ ﻋﺎﻡ ﺟﺎﻡ ﺁﻫﻦ ﻫﻠﻨﺪڙ ﺳﺎﻝ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ۾ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﻭﺍﻗﻌﺎ ﭘﻴﺶ ﺍﭼﻲ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﭔﺎﺭﻥ ﺳﺎﻥ ﺟﻨﺴﻲ ڏﺍﮂﺍﺋﻲ ڪﺮﻱ ﻗﺘﻞ ڪﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﻭڏﻭ ﺍﻟﻤﻴﻮ ﺍﻫﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺻﺮﻑ ڪﺘﺎﺑﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺤﺪﻭﺩ ﺁﻫﻲ ﺍﻧﺼﺎﻑ ﺟﺎ ﺟﻨﺎﺯﺍ ﻧڪﺮﻱ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﻭﺍﻗﻌﻦ ﺟﻲ ﺭﻭڪﭥﺎﻡ ﻻﺀِ ڪﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﺟﻲ ﺁﺀِ ٽﻴﻮﻥ ﺟﻮڙﻳﻮﻥ ﻭﻳﻮ ﭘﺮ ڪﻮ ﺭﻭڪﭥﺎﻡ ﻧﻪ ﺁﻳﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ڪﻮﺭٽﻦ ۽ ﭤﺎﮢﻦ ﺟﻲ ﭼڪﺮ ڪﺎٽﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﮐﻴﻦ ﺍﻧﺼﺎﻑ ﻓﺮﺍﻫﻢ ﻧﭥﻮ ﻭﭸﻲ . ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺍﺳﭙﺘﺎﻟﻦ ۾ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﺎ ﻭﺍﺭڊ ﺗﻪ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ ﺗﻪ ﺳﻬﻮﻟﺖ ﻣﻴﺴﺮ ﻧﺎﻫﻦ ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﭘﻮﺭﻱ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﭔﺎﺭ ﺍﺳﭙﺘﺎﻝ ۾ ﺑﻴﻤﺎﺭﻱ ﻭﮔﮭﻲ ﻓﻮﺕ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ڪﻮ ﺳﺎﺭ ﺳﻨﭝﺎﻝ ﻻﺀِ ﺗﻴﺎﺭ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻠﻨﺪڙ ﺳﺎﻝ ﭤﺮ ﺟﺎ ﺳﻮﻳﻦ ﭔﺎﺭ ﺍﺳﭙﺘﺎﻟﻦ ۾ ﺑﮏ ﺑﺪﺣﺎﻟﻲ ﺳﺒﺐ ﻣﺮﻱ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻮ ڪﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﺋﻦ ﺗﻪ ﭤﺮ ﻣﺎﻥ ڪﺮﻭڙﻳﻦ ﺭﻭﭘﻴﻦ ﺟﻮ ﮔﻴﺲ ڪﻮﺋﻠﻮ ﮐﮣﻦ ﭤﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﭘﻴٽ ﭜﺮﻥ ﭤﺎ ﭘﺮ ﺍﺗﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺻﺤﺖ ﺟﻮﻥ ﺳﻬﻮﻟﺘﻮﻥ ﺑﻪ ﻧﭥﻴﻮﻥ ﻣﻠﻦ ﻭﺳﻦ ﻭﺍﺭﻥ ﮐﻲ ﮔﮭﺮﺟﻲ ﺗﻪ ڪﺠﻬﻪ ﺍﻧﻬﻦ ﻳﺘﻴﻢ ﺑﻮﺱ ﭔﺎﺭﻥ ڏﺍﻧﻬﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﮄﻳﺎﻥ ڏﻳﻦ ﺟﻴڪﻲ ﺍﺳﭙﺘﺎﻟﻦ ﺭﻭڊﻥ ۽ ﮔﮭﺮﻥ ۾ ﺑﻴﻤﺎﺭ ﭘﻴﺎ ﺁﻫﻦ ﺳﻨﮅ ۾ ﻫڪ ﻭڏﻭ ﺁﺯﺍﺭ ﻧﻨﮃﻱ ﻋﻤﺮ ﺷﺎﺩﻳﻮﻥ ڪﺮﺍﺋﮡ ﺁﻫﻦ ﻧﻨﮃﻱ ﻋﻤﺮ ۾ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻮ ﺷﺎﺩﻳﻮﻥ ڪﺮﺍﻳﻮﻥ ﭘﻴﻮ ﻭﭸﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎﻥ ڪﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﺋﻲ ﺑﻴﻤﺎﺭﻳﻮﻥ ﺟﻨﻢ ﻭﭠﻦ ﭤﻴﻮ ﺳﻨﮅ ﺍﺳﻴﻤﺒﻠﻲ ۾ ﻧﻨﮃﻱ ﻋﻤﺮ ۾ ﺷﺎﺩﻳﻦ ﮐﻲ ﺭﻭڪﮡ ﻻﺀِ ﺑﻞ ﭘﺎﺱ ﭤﻴﻞ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﻋﻤﻞ ڪﻴﺮ ڪﺮﺍﺋﻲ؟ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﭔﺎﺭﻥ ﺳﺎﻥ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﻇﻠﻢ ﺟﺒﺮ ﺁﺧﺮ ﮀﻮ؟ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﺯﻳﻮﺭ ﮐﺎﻥ ﻭﺍﻧﺠﮭﻴﻞ ﺁﻫﻦ ﭔﺎﺭ ﺗﻪ ﺑﺎﻏﻦ ﺟﺎ ﮔﻞ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﭘﻮﺀِ ﺍﻧﻬﻦ ﮔﻠﻦ ﮐﻲ ﮀﻮﭤﻮ ڪﻮﻣﺎﻳﻮ ﻭﭸﻲ ﭔﺎﺭ ﻗﻮﻣﻦ ﺟﺎ ﻭﺍﺭﺙ ﻫﻮ ﻧﺪﺍ ﺁﻫﻲ ﺍﻫﻲ ﺋﻲ ﻗﻮﻣﻦ ﺟﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﻋﻠﻢ ﺍﺩﺏ ﮐﻲ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ ڪﺮﺍﺋﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺍﻫﻲ ﭔﺎﺭ ﺋﻲ ﺗﻪ ﺁﻫﻦ ﺟﻴڪﻲ ﺳﭝﺎﮢﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﺳﻨﭝﺎﻟﻴﻨﺪﺍ ﭔﺎﺭﻥ ﮐﻲ ﺍﮘﺘﻲ ﻭﮄﮠ ﺟﻲ ﺳﮕﻬﻪ ڏﻳﻮ ﺳﻨﺪﻥ ﻣﺪﺩ ڪﻴﻮ ﭔﺎﺭﻥ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ڪﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﺋﻲ ﻧﺠﻲ ﺗﻮڙﻱ ﺗﻮڙﻱ ﺳﺮڪﺎﺭﻱ ﺗﻨﻈﻴﻤﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﺟﻴڪﻲ ﻧﺎﻟﻲ ۾ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺣﻘﻦ ۾ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﺳﭛ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺑﭛ ﭜﺮﮠ ۾ ﭘﻮﺭﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﺳﻨﮅ ﺣڪﻮﻣﺖ ﺗﻮڙﻱ ﻭﺱ ﻭﺍﺭﻥ ﮐﻲ ﺍﭘﻴﻞ ﭤﻲ ڪﺠﻲ ﺗﻪ ڪﺠﻬﻪ ﭔﺎﺭﻥ ڏﺍﻧﻬﻦ ﺑﻪ ﮄﻳﺎﻥ ڏﻳﻮ ﮐﻴﻦ ﺗﻌﻠﻴﻢ ۽ ﺻﺤﺖ ﺟﻮﻥ ﺑﻬﺘﺮ ﺳﻬﻮﻟﺘﻮﻥ ﻓﺮﺍﻫﻢ ڪﻴﻮ ﻭﭸﻦ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮﻱ ﻻﺀِ ڪﻲ ﺗﺮﺕ ﺍﭘﺎﺀُ ﻭﺭﺗﺎ ﻭﭸﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮﺀُ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﮘﺘﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺳﭡﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﮔﺬﺍﺭﻱ ﺳﮕﮭﻦ