ﺳﻨﮅ ﺍﻫﺎ ﺳﻨﮅ ﻧﺎﻫﻲ ﺭﻫﻲ !!!! ؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2019۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
    ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﭘﻨﺞ ﻫﺰﺍﺭ ﺳﺎﻝ ﭘﺮﺍﮢﻲ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﺭﻫﮣﻲ ڪﻬﮣﻲ ﺟﺎ ﭘﺴﻤﻨﻈﺮ ﺍﭲ ﺑﻪ ﻣﻮﺋﻦ ﺟﻲ ﺩڙﻱ ﻣﺎﻥ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ ﺳﻨﮅ ﺍﻫﺎ ﺳﻨﮅ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺻﻮﻓﻴﻦ، ﺩﺭﻭﻳﺸﻦ ۽ ﺑﺰﺭﮔﻦ ﺟﻲ ﮄﺭﺗﻲ ﭼﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺻﻮﻓﻴﻦ ﺟﻲ ﺩﻋﺎ ﭤﻴﻞ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺍﻣﻦ ﺟﻮ ﺩﺭﺱ ڏﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺍﻫﺎ ﺳﻨﮅ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭜﺎﺋﻴﭽﺎﺭﻱ ﺳﺎﻥ ﻫﻠﮡ ﺟﻮ ﺭﺳﺘﻮ ڏﻳﮑﺎﺭﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺍﻫﺎ ﺳﻨﮅ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻧﻴﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﺳﺖ ﻗﺮﺍﻥ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﻨﮅ ۾ ﻋﻮﺭﺕ ﮐﻲ ﺑﺮﻱ ﻧﻈﺮﺳﺎﻥ ڏﺳﮡ ﺑﻪ ﮔﻨﺎﻫﻪ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺍﻩ ﺳﻨﮅ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﺎﺭ ﻣﺤﺒﺖ ۽ ﺍﻣﻦ ﮐﺎﻥ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﭤﻲ ﺳﺎﺋﻴﺒﺮﻳﺎ ﺟﺎ ﭘﮑﻲ ﻫﺖ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠڪﻦ ﻻڏﺍﺋﻮ ﻗﺒﻴﻼ ﭘﮡ ﺳﻨﮅ ﺍﭼﻦ ﭤﺎ . ﭘﺮ ﺍﻓﺴﻮﺱ ﺍﭲ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﺍﻫﺎ ﺳﻨﮅ ﻧﺎﻫﻲ ﺭﻫﻲ ﺍﭲ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﻧﻴﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﺳﺖ ﻗﺮﺁﻥ ﻧﭥﻮ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﺍﭲ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﺳﺎﺋﺒﺮﻳﺎ ﺟﺎ ﭘﮑﻲ ﺍﭼﮡ ﺑﻪ ﮔﮭﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ ﮀڏﻱ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻦ ﺍﭲ ﺍﺳﺎﻥ ﻣﺎﻥ ڪﻨﻬﻦ ﺟﻮﻥ ﻋﺰﺗﻮﻥ ﻣﺤﻔﻮﻅ ﻧﺎﻫﻦ ﺍﭲ ﺍﺳﺎﻥ ﻣﺎﻥ ﭘﻴﺎﺭ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎﺋﭗ ﻣﻮڪﻼﺋﻲ ﻭﺋﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﭲ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﺍﻫﻲ ﺟﻮﮄﺍ ﺩﻭﺩﺍ ﻧﺎﻫﻦ ﺭﻫﻴﺎ ﺟﻴڪﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﺣﺎﻻﺗﻦ ﺳﺎﻥ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻳﻦ ﺍﭲ ڪﺎ ﻫﻮﺍ ﭴﺎﺋﻲ ﺁﺯﺍﺩ ﻓﻀﺎ ۾ ﻧﻪ ﭤﻲ ﮔﻬﻤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﺍﭲ ﺳﻨﮅ ﺍﻫﺎ ﻧﺎﻫﻲ ﺭﻫﻲ ﺟﻮ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﭔﺎﺭ ﮔﮭﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﭔﺎﻫﺮ ﻧڪﺮﻱ ڪﺮﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭔﺎﻟڪﭙﮡ ﺍﻧﺠﻮﺍﺀِ ڪﻦ ڪﻲ ﺭﺍﻧﺪﻳڪﻦ ڪﻮڏﻥ ۽ ﮔڏﻱ ﮔڏﻥ ﺟﻲ ﺭﺍﻧﺪ ﮐﻴڏﺹ ﺳﮕﻬﻦ ﺍﭲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﺮ ڪﻨڊ ۾ ﻭﺣﺸﻲ ﺟﺎﻧﻮﺭ ﻣﻮﺭﭼﺎ ﺳﻨﭝﺎﻟﻲ ﻭﻳﭡﺎ ﺁﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﺑﻪ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﮔﻞ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮﻥ ﺍﭼﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﮐﻴﻦ ﺟﮭڙﭘﻲ ﻭﭠﻦ ﭤﺎ ﺟﻴڪﻲ ﺭﻭﺯ ڪﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﺯﻧﺪﮔﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﮐﻴڏﻥ ﭤﺎ .
    ﺍﭴڪﻠﻬﻪ ﺳﻨﮅ ﺍﻧﺪﺭ ڪﺎﺭﻭ ڪﺎﺭﻱ ﺟﻮ ڪﺎﺭﻭﺑﺎﺭ ﻋﺎﻡ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺭﻭﺯﺍﻧﻮ ﭘﺎﮢﻲ ﺗﻲ، ﮄﻱ ﮐﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻳﮡ ﺗﺎﻥ، ﺯﻣﻴﻦ ﺗﻲ . ﭼﻨﺪ ﭘﻴﺌﺴﻦ ﺗﻲ ، ﭔﻨﻲ ﺗﻲ ﻭﻧﻲ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ڪﻴﻮ ﭤﻮ ﻭﭸﻲ . ﻫﻲ ﺭﺳﻢ ڪﻴﺘﺮﻥ ﺋﻲ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎﻥ ﺳﻨﮅ ۾ڪﺮﭘٽ ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻦ ﺟﻴﺎﻥ ڪﺎﻫﺠﻲ ﭘﺌﻲ ﺁﻫﻲ ڪﺎﺭﻭ ڪﺎﺭﻱ ﺟﺎ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺍﻧﺪﺭ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﻧﺎﻻ ﺁﻫﻦ ﺳﻨﮅ ۾ ڪﺎﺭﻭ ڪﺎﺭﻱ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎﻥ ۾ ﺳﻴﺎﻫﻪ ڪﺎﺭﻱ ﺧﻴﺒﺮﭘﺨﺘﻮﻧﺨﻮﺍﻫﻪ ۾ ﻃﻮﺭ ﻃﻮﺭﻩ ۽ ﭘﻨﺠﺎﺏ ۾ ڪﺎﻻ ڪﺎﻟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺳﭹﺎﺗﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﺟڏﻫﻦ ڪﻮ ﻏﻴﺮ ﻣﺮﺩ ﻋﻮﺭﺕ ﭘﺎﮠ ۾ ﻋﺸﻖ ﺟﻮ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮﻥ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﻥ ﮐﻲ ڪﺎﺭﻭ ڪﺎﺭﻱ ﭼﻮﻧﺪﺍﺁﻫﻦ ﺳﻨﮅ ۾ ﺍﻫﺎ ﺭﺳﻢ ڏﻳﻨﻬﻨﻮﻥ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻭﮄﻧﺪﻱ ﭘﺌﻲ ﻭﭸﻲ ﻫﺮ ﺭﻭﺯ ﻏﻴﺮﺕ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺗﻲ ڪﻨﻬﻦ ﺣﻮﺍ ﭴﺎﺋﻲ ﺟﻮ ﺟﻨﺎﺯﻭ ڪﮃﻳﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺍﺗﺮ ﺳﻨﮅ ﻭﺍﺭﻥ ﻋﻼﺋﻘﻦ ۾ ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ ڪﻨﻬﻦ ﺟﮭﺮڪﻲ ﺟﻴﺎﻥ ﺁﻫﻦ ﺟﻴڪﻲ ﻣﺮﺩﻥ ﺟﻲ ﻗﻴﺪ ۾ ﺟﻦ ﮐﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻬﻞ ﻭﮢﻲ ﻏﻴﺮﺕ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺗﻲ ﻗﺘﻞ ڪﺮﻱ ﻭﻳﻬﻲ ﭤﻮ ﺳﻨﮅ ﺍﻧﺪﺭ ﺍﻫڙﺍ ڪﻴﺘﺮﺍ ﺋﻲ ﻣﺜﺎﻝ ﺁﻫﻦ ڪﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺍﮖ ۾ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ۾ ﻫڪ ﻣڙﺱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺯﺍﻝ ﮐﻲ ﺍﻳڊﺯ ﺑﻴﻤﺎﺭﻱ ﻇﺎﻫﺮ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ڪﺎﺭﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺍﻟﺰﺍﻡ ﻫﮣﻲ ﻗﺘﻞ ڪﺮﻱ ﻻﺵ ﮐﻲ ﻭﮠ ﺳﺎﻥ ﭔﮅﻱ ﮀڏﻳﻮ ﮐﻴﺲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﺑﻬﻢ ﭔﺎﺭﻥ ﮔﮭﺮﻭﺍﺭﻥ ﻫﻦ ﺩﻧﻴﺎ ﻭﺍﺭﻥ ﮐﺎﻥ ﺟﺪﺍ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻮ ﭔﻴﻮ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ ﻣﺎﭤﻴﻠﻮ ۾ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺯﺍﻝ ﮐﻲ ڪﺎﺭﻧﻬﻦ ﺍﻟﺰﺍﻡ ﻫﮣﻲ ڪﻬﻲ ﻻﺵ ﺟﮭﻨﮓ ۾ ﺍﮀﻼﺋﻲ ﮀڏﻳﻮ ﺗﺎﺯﻭ ﺳﻮﺷﻞ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺗﻲ ﻭﺋﺮﻝ ﭤﻴﻞ ﻫﻦ 50 ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﺳﺎﻻ ﻋﻮﺭﺕ ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڪﻨﮅڪﻮٽ ۾ ڪﺎﺭﻧﻬﻦ ﺍﻟﺰﺍﻡ ﻫﮣﻲ ﻗﺘﻞ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﻫﺎﮢﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﺗﺮﻗﻲ ڪﺌﻲ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ 10 ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎﻥ ﺳﭟ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻋﻮﺭﺕ ﮐﻲ ڪﺎﺭﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺍﻟﺰﺍﻡ ﻫﮣﻲ ﻗﺘﻞ ڪﺮﻱ ﭤﺎ ﮀڏﻳﻮﻥ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ڪﻮ ﺗﺪﺍﺭڪ ﻧﭥﻮ ﭤﺌﻲ ﺟﻮﺍﺑﺪﺍﺭﻥ ﻻﺀِ ڪﻮ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺋﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﺁڏﻭ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺑﻴﻮﺱ ۽ ﻻﭼﺎﺭ ﺁﻫﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﻭڏﻳﺮﻥ ﭘﻴﺮﻥ ﻣﻴﺮﻥ ﺟﻮ ﺳﺎﭢ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﺎ ﺭﺍﭴﻮﮢﻲ ﻓﻴﺼﻼ ڪﺮﻱ ﮐﻴﻦ ﻟﮑﻴﻦ ﺭﻭﭘﻴﺎ ڏﻳﻦ ﭤﺎ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﭘﺎڪ ﺳﻨﮅ ﮐﻲ ﭘﻠﻴﺖ ڪﻴﻮ ﭘﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﺧﺪﺍ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﻣﺎﻥ ﺍﻫﺎ ڪﮅﻱ ﺭﺳﻢ ﺧﺘﻢ ڪﺌﻲ ﻭﭸﻲ ﺟﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﺁﻫﻲ ﺗﻲ ﻭﭸﻲ ﭰٽﻮ ڪﻴﻮﺱ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﮔﮭﺮ ﺍﺟڙﻱ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻦ ﻫﺎﮢﻲ ﮔﮭﮡُ ﭤﻴﻮ ﺑﻨﺪ ڪﻴﻮ ﺍﻫﻮ ﻏﻴﺮﺕ ﻧﺎﻟﻲ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻭﺍﭘﺎﺭ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﮐﻲ ﺍﻥ ﺭﺳﻢ ﮐﺎﻥ ﭘﺎڪ ڪﻴﻮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﭘڙﻫﻴﻞ ﻟﮑﻴﻞ ﮔﮭﺮﺍﮢﺎ ﺑﻪ ﺍﻥ ﺍﻫﻢ ﻣﺴﺌﻠﻲ ﺗﻲ ﺧﺎﻣﻮﺵ ﺁﻫﻦ ﻋﻮﺭﺕ ﺗﻨﻈﻴﻤﻦ ﺟﺎ ﺍﮘﻮﺍﮠ ﭘﮡ ﺍﮔﮭﻮﺭ ﻧﻨڊ ﭘﻴﻞ ﺁﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻫﺎﮠ ﺍﭤﮡُ ﭘﻮﻧﺪﻭ ﺳﻨﮅ ﻣﺎﻥ ڪﺎﺭﻭ ڪﺎﺭﻱ ﺗﻲ ﺭﻭڪ ﭤﺎﻡ ڪﺮﮠ ﭘﻮﻧﺪﻱ .
    ﺳﻨﮅ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ﻧﻴﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﺳﺖ ﻗﺮﺁﻥ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺍﭲ ﺍﻥ ﻧﻴﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﻋﺰﺕ ﻣﺤﻔﻮﻅ ﻧﺎﻫﻲ ﺍﭲ ﺍﻧﻬﻦ ﺳﺖ ﻗﺮﺁﻥ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻭﻳﻨﺪڙ ﻧﻴﺎﮢﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﺭﻭﺯﺍﻧﻮ ڏﺍﮂﻳﻮ ڪﺮﻱ ﻗﺘﻞ ڪﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﺍﭲ ﺑﻪ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﻭﺍﺳﻲ ﺻﺎﺋﻤﻪ ﺟﺮﻭﺍﺭ ﮐﺎﻥ ﻭﻳﻨﺪﻱ ڪﻮٽڙﻱ ﻭﺍﺳﻲ ﮔﻮﻧﮕﻲ ﻧﺎﺭﻱ ﺷﺮﻳﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﺌﻮﻥ ﺩﻳﺮﻭ ﻭﺍﺳﻲ ﻣﺴڪﺎﻥ ﮐﺎﻥ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﻣﻔﺪﺱ ﺁﺭﺍﺋﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ڪﺮﺍﭼﻲ ﻭﺍﺳﻲ ﻋﺼﻤﺖ ﮐﺎﻥ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﻓﺮﺷﺘﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ ﺟﻨﺴﻲ ڏﺍﮂﻳﻮ ڪﻴﻮﻥ ﻭﻳﻮ ‏( ﺍڪﺜﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﺑﻪ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ‏) ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ڪﻴﺴﻦ ﻣﺎﻥ ﺧﺒﺮ ﭘﻮﻱ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﺍﻧﺪﺭ ڪﻮ ﺑﻪ ﺍﻫڙﻭ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﺍﻧﺼﺎﻑ ڪﺮﻱ ﺍﻧﻬﻦ ﺧﻮﺍﺑﺪﺍﺭﻥ ﮐﻲ ﺳﺰﺍ ڏﺋﻲ ﺳﭝﻨﻲ ڪﻴﺴﻦ ﺟﺎ ﺟﻮﺍﺑﺪﺍﺭ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ﺗﻪ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﺰﺍ ﻧﻪ ﭤﻲ ڏﻧﻲ ﻭﭸﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﮀﻮٽ ڏﻧﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻲ ﺟﻴڪﻲ ڪﺠﻬﻪ ﺳﺎﻝ ﮐﻦ ﺟﻴﻞ ﺟﻲ ﻫﻮﺍ ﮐﺎﺋﮡ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ڪﻨﻬﻦ ﺑﺎﺍﺛﺮ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺟﻲ ﻣﻌﺮﻓﺖ ﺳﺎﻥ ﺿﻤﺎﻧﺖ ﻭﭠﻲ ﮔﻬﻤﻦ ﭤﺎ ﺳﻨﮅ ۾ ڪﻮ ﺍﻫڙﻭ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺳﺰﺍ ڏﺋﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﺎ ﺣڪﻤﺮﺍﻥ ﺑﻪ ﺍﻧﻬﻦ ﻭﺍﻗﻌﺎ ﺗﻲ ﺑﻴﺎﻥ ۽ ﻣﺰﻣﺘﻮﻥ ﺗﻪ ڪﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﺍﻥ ﺟﻮ ﺗﺪﺍﺭڪ ﻧﭥﺎ ڪﻦ ﺧﺎﻣﻮﺵ ﭤﻲ ﻭﻫﻲ ﺭﻫﻦ ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺍﻫﻲ ﻭﺍﻗﻌﺎ ڏﻳﻨﻬﻨﻮﻥ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻭﮄﻧﺪﺍ ﭘﻴﺎ ﻭﭸﻦ ﻣﻠﻴﻞ ﺗﺎﺯﻱ ﭴﺎﮠ ﻣﻮﺟﺐ ﻫﺮ ﺭﻭﺯ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺍﻧﺪﺭ 9 ﮐﺎﻥ 15 ﭔﺎﺭﻥ ﺳﺎﻥ ڏﺍﮂﺍﺋﻲ ﺟﺎ ﻭﺍﻗﻌﺎ ﭘﻴﺶ ﺍﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ۾ 56 ﺳﻴڪڙﻭ ﮀﻮڪﺮﻳﻮﻥ ۽ 44 ﺳﻴڪڙﻭ ﮀﻮڪﺮﺍ ﺷڪﺎﺭ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺍڪﺜﺮ ﻋﻤﺮ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎﻥ 1 ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ 65 ﺳﻴڪڙﻭ ﭘﻨﺠﺎﺏ 25 ﺳﻴڪڙﻭ ﺳﻨﮅ ﺑﺎﻗﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎﻥ ﺧﻴﺒﺮ ﭘﺨﺘﻮﻧﺨﻮﺍﻫﻪ ﺁﺯﺍﺩ ڪﺸﻤﻴﺮ ۾ ڪﻴﺲ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ﭼﻮ ﺗﻪ ﺍﺗﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﻭﺍﻗﻌﻦ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﮔﮭٽ ﺁﻫﻲ ڪﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭘﻬﺮﻳﺎﻥ ٽﻨڊﻭ ﻣﺤﺪ ﺧﺎﻥ ۾ ﻫڪ ﻻڏﺍﺋﻮ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺰﺩﻭﺭﻱ ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ٽﻨڊﻭﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﺁﻳﺎ ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪﻥ ﻧﻴﺎﮢﻲ ﺟﻤﻨﺎ ﮔﮭﺮ ﺟﻮ ﺳﻴﮅﻭ ﺳﺎﻣﺎﻥ ﻭﭠﮡ ﻻﺀِ ﭔﺎﻫﺮ ﻧڪﺘﻲ ﺗﻪ ﮐﻴﺲ 2 ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺍﻏﻮﺍ ڪﺮﻱ ﻫڪ ڪﺮﻱ ۾ ﻗﻴﺪ ڪﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﮐﻴﺲ 3 ٽﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻟﮙﺎﺗﺎﺭ ﺷﺮﺍﺏ ﺳﻦ ﮔڏ ﺟﻨﺴﻲ ﺣﻮﺱ ﺟﻮ ﻧﺸﺎﻧﻮ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﮐﻴﺲ ﻧﺸﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﺭﻭڊ ﺗﻲ ﭰٽﻮ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺟﺘﺎﻥ ﺳﻨﻨﺪﺱ ﻭڊﻳﻮ ﺳﻮﺷﻞ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺗﻲ ﻭﺍﺋﺮﻝ ﭤﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﺳﻨﺪﺱ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﺟﻤﻨﺎ ﻃﻮﺭ ﭤﻲ ﮐﻴﺲ ﺳﻮﻝ ﺍﺳﭙﺘﺎﻝ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺩﺍﺧﻞ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺍﺗﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﻋﻮﺍﻣﻲ ﺗﺤﺮﻳڪ ﺟﻲ ﺻﺪﺭ ﺍﻳﺎﺯ ﻟﻄﻴﻒ ﭘﻠﻴﺠﻮ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﺎﮢﺲ ﺗﻌﺰﻳﺖ ڪﺮﻱ ﮐﻴﺲ ﺍﻧﺼﺎﻑ ﺟﻮ ﻳﻘﻴﻦ ڏﻳﺎﺭﻳﻨﺪﻱ ﺍﻳﺲ ﺍﻳﺲ ﭘﻲ ٽﻨڊﻭ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﺫﻭﺍﻟﻔﻘﺎﺭ ٽﺎﻟﭙﺮ ﺳﺎﻥ ﺭﺍﺑﻄﻮ ڪﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﺮﺕ ﻧﻮٽﻴﺲ ﻭﭠﻨﺪﻱ ﭔﻦ ﺟﻮﺍﺑﺪﺍﺭﻥ ﺭﻭﺷﻦ ﺷﻴﺦ ﺭﺟﺐ ﻋﻠﻲ ﻋﺮﻑ ﺟﮕﻨﻮ ﺷﻴﺦ ﮐﻲ ﺟﻤﻨﺎ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﺪﺍﻫﻲ ﺗﻲ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ڪﻴﺎﺍﻥ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﮐﻲ ﻫڪ ڏﻳﺒﻬﻦ ﻣﺲ ﮔﺬﺭﻳﻮ ﺗﻪ ﭔﺌﻲ ﻃﺮﻑ ﻫڪ ﭔﻴﻮ ﻣﻌﻤﺼﻮﻡ ﻧﻴﻨﮕﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﻭﺣﺸﻲ ﺑﮕﮭڙﻥ ﺟﻲ ﻭﺭ ﭼڙﻫﻲ ﻭﻳﻮ ﺩﺍﺩﻭ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﭰﻠﺠﻲ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ﻓﻀﻞ ڪﻨڊﻱ ﺟﻲ 6 ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻧﻴﻨﮕﺮ ﺍﺧﺘﺮ ﻋﻠﻲ ﻭﻟﺪ ﺍﻟﻠﻪ ﺑﺨﺶ ﭘﻨﻬﻨﻮﺭ ﮐﻲ ﻧﺎﻣﻌﻠﻮﻡ ﻣﺎﮢﻬﻦ ڏﺍﮂﺍﺋﻲ ﺑﻌﺪ ﻗﺘﻞ ڪﺮﻱ ﻻﺵ ﺗﻼﺀُ ۾ ﭰٽﻮ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﭔﻦ ڪﺎﻟڪﻦ ﺟﻲ ﺑﻌﺪ ﻻﺵ ﻫﭣ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ڪﻴﺲ ﺩﺍﺧﻞ ﭤﻲ ﭼڪﻮ ﺁﻫﻲ 2 ﮔﺬﺭﮠ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ڪﺎ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ﻋﻤﻞ ۾ ﻧﻪ ﺁﺋﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﻫڙﻥ ﻭﺍﻗﻌﻦ ﺗﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﺎ ﺍﮘﻮﺍﮠ ﺧﺎﻣﻮﺵ ﺁﻫﻦ ﻫﻮ ﭔﻪ ﻣﻨٽ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﻭﺭﻱ ﺧﺎﻣﻮﺵ ﭤﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڪﺮﭘﺸﻦ ۾ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﭤﻲ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ ﺗﻴﺴﻴﺘﺎﺋﻴﻦ ﻫﻮڏﺍﻧﻬﻦ ﭔﻴﻮ ﻭﺍﻗﻌﻮ ﭘﻴﺶ ﺍﭼﻲ ﭤﻮ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻫﻴڏﺍﻧﻬﻦ ﺍﮎ ﺋﻲ ﻧﭥﻲ ﭔڏﻱ ﻫﺎﮢﻲ ﺳﻮﺍﻝ ﺍﭜﺮﻱ ﭤﻮ ﺍﻧﺼﺎﻑ ﺟﻮ ﺍﭲ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﺟﻮﺍﺑﺪﺍﺭ ﺍﻧﻬﻦ ڪﻴﺴﻦ ۾ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ﭤﻴﻞ ﺁﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ڪﺎ ﺳﺰﺍ ﻧﺎﻫﻲ ڏﻧﻲ ﻭﺋﻲ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﻗﺼﻮﺭ ﻭﺍﺳﻲ ﺯﻳﻨﺐ ﺟﻲ ﻗﺎﺗﻞ ﻋﻤﺮﺍﻥ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﭰﺎﺳﻲ ﺗﻲ ﻟٽڪﺎﻳﻮ ﻭﭸﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺳﻨﮅ ﻭﺍﺳﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ ﺍﻧﺼﺎﻑ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ
    12:6:219
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو