• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : ھو پري ا پري آ پري

مير سردار چنڙ

سينيئر رڪن
ﭤﻲ ﺍَﻣﻠﺘﺎﺱَ ﺗﺎﻥ ڪُﻮڪَ ڪﻮﻳَﻞ ڪَﺮﻱ،
' ﮬُﻮ ﭘَﺮﻱ ﺁ، ﭘَﺮﻱ ﺁ، ﭘَﺮﻱ ﺁ، ﭘﺮﻱ '!
ﻣﻮﺕَ ﺟﺎ ﭘَﺮَ ﺗﮧ ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ڏﻧﺎ ﭤِﻲ ﻣِﻴﺎﻥ !
ﻧﺎﭺُ ﻣﻮﻥ ﮐﺎﻥ ﻧﮧ ﭤﻲ، ﺭﻳﺖِ ﭘﻴﺌﻲ ﭔَﺮﻱ،
ﻣَﮅُ ڪَﮭڙﻭ ﺑﮧ ﺁﮬﻲ ڪَﻼﻟﻮ ! ڏﻳﻮ :
ﺭﺍﺕِ ﮔﮭﻨﮕﮭﻮﺭُ ﺁ، ڪِﺌﻦ ﺑﮧ ٽﺎﮢﻮ ٽَﺮﻱ،
ﭔﺎﮠَ ڪﻴﺌﻲ ﮔُﭥﺎ، ﭘﺮ ﻧﮧ ﭼﺎﺭَﮠ ﭤَڪﻮ،
ﭔﻨﮓُ ﭔﻴﮭﺮ ﮀڪﻲ، ﭼَﻨﮓُ ﭼﻮﺭﻳﻮ ﭼَﺮﻱ،
ﺟﻲﺀُ ﮬﻮ ﺭﺍ ﺟُﮭﮙﻮ، ﺩﺍﺀُ ﭘﻨﮭﻨﺠﻮ ﻟﮙﻮ،
ﺟﻴﺖِ ﮀﺎ، ﮬﺎﺭَ ﮀﺎ، ڪﻴﺮُ ﭘُﭟ ﺗﻲ ﻭَﺭﻱ !
ﺳُﺮ ﺑﮧ ﺗﻨﮭﻨﺠﻮ ﻣﻴﺎﻥ، ﺳِﺮ ﺑﮧ ﺗﻨﮭﻨﺠﻮ ﻣﻴﺎﻥ !
ڪَﻨﮅُ ﺗﻮﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ڪَﻴﺮُ ﺗﻮ ﻟﺌﮧ ﮄﺭﻱ؟
ﻣِﻴﻨﮭﻦ ﺟﻲ ﺭﺍﺕِ ڪﺎٽﻲ ﻭﭸﻮ ﺍﻭﭠﻴﻮ !
ﻣﺎﻧڙِﻱ ﭤﻲ ﭘﭽﻲ، ﺑﺎﮬڙِﻱ ﭤِﻲ ﭔﺮﻱ !
ﺁﺀُ، ______ ﺭﺍﺑﻴﻞ ﻣُﺮﺟﮭﺎﺋﺠﻦ ﭤﺎ ﭘﻴﺎ،
ڪﺎ ﺳﮙﻨﮅ ﺁﮬﮧ ﺟﻨﮭﻦ ﺟﻲ ﻧﮧ ﺗﻮ ﺑِﻦ ﺳَﺮﻱ !
ﺍﻱ " ﺍﻳﺎﺯ " ﺍَﻧﺌﭥﺮﺍ ! ﺗﻮ ﺗﮧ ﭘﺎﻳﻞ ﭔَﮅﻱ،
ﭘﻴﺮُ ﺳﻮﭼﻲ ﺗﮧ ﺭَﮎُ ﮄﺭﺗﺘﻲﺀَ ﺗﻲ ﮄﺭﻱ !
شاعر شيخ اياز
فنڪار صادق فقير
 
Back
Top