خان صاحب جون خواهشون!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اسان جي ”نفيس ۽ نازڪ“ وزير اعظم خان صاحب جي معصوماڻي خواهش آهي ته قوم کي گھٻرائڻ هرگز نه گھرجي.سندس خواهش آهي ته کيس ان انداز سان پنهنجو پنجن سالن جو مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي جو پاڻ شيشي جي گھر ۾ ويهي ٻين ڏانهن پٿر اڇليندو رهي پر سندس طرف سنگزني ڪندڙ هر هٿ ڪرائيء کان ڪپيو وڃي.پاڻ ته پنهن جن سياسي مخالفن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيندو رهي پر ڪو سندس گھاء ولوڙڻ جي جرئت نه ڪري. پاڻ ته پنهنجن ڪيل سمورن وعدن، دعوائن ۽ اعلانن جو قتل عام پاڻ ئي ڪندو رهي پر سندس انهيء ادا تي کيس ٻيو ڪو روڪڻ ٽوڪڻ وارو نه هجي.پاڻ ئي پنهنجن اصولن جي لاشن جا بلند مينار ٺاهي عوام جي اکين ۾ سرمو وجھندو رهي پر هن کي اها استشنا هئڻ گھرجي ته جنهن وقت به چاهي ۽ جتي به چاهي ٻين جي بي اصولين جا داستان بيان ڪري سندن پٽڪا ڌوڙ ڪري ڇڏي.پاڻ ته پنهنجي حڪومت جي هر نااهلي ۽ ناڪاميء جي هر ذميداري ماضيء جي حڪمرانن تي وجھي موج مستيون ڪندو وتي پر سندس مخالفن کي مٿانئس طنز ۽ تنقيد جو بلڪل ئي حق نه هئڻ گھرجي.سندس حڪومتي ٽيم ۾ شامل ڪرپٽ،بد عنوان ۽ نااهل ماڻهن کي احتسابي ادارا صبح سانجھي سلامي پيش ڪندا رهن پر سندس خواهش آهي ته هو پنهنجن مخالفن کي چوڪن ۽ چوراهن تي ابتو لٽڪائي ڇڏي.سندس خواهش آهي ته بنان ڪنهن پلاننگ،ويزن ۽ ٽيم ورڪ جي سڀ ڪجهه پاڻهي سڌري وڃي ۽ هن کي ڪا تڪليف نه ڪرڻي پوي.هن جي خواهش آهي ته مهنگائي آسمان تي پهچي وڃي پر غريب عوام خوش رهي.بيروزگاري پنهنجون سڀ حدون اورانگھي ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڌڪيندي رهي پر ماڻهن کي هرگز گھٻرائڻ نه گھرجي. سرڪاري اسڪول،اسپتالون ۽ ٻيا سڀ قومي ادارا ڀڳڙن مٺ تي نيلام ٿي وڃن پر عوام اها ئي اميد رکي ته مٿانهن نوڪرين جو مينهن وسڻ وارو آهي،زمين مان تيل نڪرڻ وارو آهي،جبلن مان سون ۽ چاندي ڦوهارا ڏيئي ٻاهر اچڻ وارو آهي.سندس خواهش آهي ته عام ماڻهن کي ترت انصاف ملڻ گھرجي پر کيس انصاف جي ادارن ۾ سڌارن بابت صلاحون نه ڏنيون وڃن.پوليس عوام دوست بڻجي وڃي پر پوليس سڌارن بابت سندس خدمتن بابت کانئس ڪو سوال نه ڪيو وڃي.سندس خواهش آهي ته عوام کي پنهنجي راء ڏيڻ جي مڪمل آزادي هئڻ گھرجي پر ميڊيا کي نڙيء ۾ رسو وجھڻ بابت سندس حڪومتي خواهشن تي ساڻس گفتگو نه ڪئي وڃي.هو چاهي ٿو ته عوام بکن کان بدحال ٿي نه مري پر هڪ سال اندر اٽي جي في ڪلو قيمت ارڙهن روپيا وڌي وڃڻ کي دشمنن جي سازش ئي سمجھيو وڃي.گئس ۽ بجليء جي اگھن ۾ ٿيندڙ ڏينهون ڏينهن اضافو هن کي بلڪل نٿو وڻي پر عوام کي سندس محبت ۾ اهو ضرور برداشت ڪرڻ گھرجي ۽ ها گھٻرائڻو بلڪل ناهي.سندس خواهش آهي ته ملڪ ته ڇا پر پوري دنيا مان ڪرپشن ختم ٿي وڃي پر سرڪاري ادارن ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڪرپشن ۽ رشوت جي چڙهندڙ اگھن تي پريشان ٿيڻ جي ڪجهه به گھرج ناهي ۽ ها گھٻرائڻو بلڪل ناهي.خان صاحب جي خواهش آهي ته عوام بلڪل ئي نه گھٻرائي، بلڪل ئي پريشان نه ٿئي ۽ ” سماج دشمن“ ۽ ”ملڪ دشمن“ قوتن جي چوڻ ۾ نه اچي.بي روزگارن کي روزگار نٿو ملي ته ڇا ٿيو،سيلاني لنگر حاضر آهي.بي گھرن کي گھر نه مليا ته گھٻرائڻ ڇا جو.سهارا پناهگاهون اوهان جون منتظر آهن.ها،ڊينگيء کان گھٻرائڻ جي ضرورت هرگز ناهي، ڊينگي ته آهي ئي حڪومت دشمن مڇر،انهيء کي قابو ڪرڻ حڪومت جي وس ۾ ناهي ان ڪري خان صاحب جي خواهش آهي ته عوام ڊينگيء خلاف ڪو تعويذ ڦيڻو ڪرائي وٺي.خان صاحب جي خواهش آهي ته حڪومت پنهنجون سموريون توانائيون اسٽيل مل،پي آئي اي ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي سڌاري تي صرف ڪرڻ بدران اهڙن ادارن کي ترت وڪيو وڃي ته جيئن “ نه رهي بانس، نه بجي بانسري.“. خواهش اها به آهي ته ملڪ جا غريب مزدور ۽ هاري ناري سدائين صحتمند رهن پر دوائن جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي تي گھٻرائڻو ناهي.خواهش آهي ته عوام بکئي پيٽ چنڊ لتاڙڻ جا خواب ڏسي،اگھاڙين لڱين ايڪويهين صديء واري ترقيء جي آسمان تي پهچي،آئي ايم ايف کان قرض کڻي غلاميء جون سڀ زنجيرون ٽوڙي ڇڏي.،لنگر کائي حڪومت کي دعائون ڏئي.خان صاحب جي خواهش آهي ته کيس پاڪستان جو مهاتير مڃيو وڃي ته هو سمورين خزائن کي بهارن ۾ ۽ سمورين اونداهين کي روشنين ۾ بدلائي ڇڏيندو.سڀ سور،درد،غم ۽ الم مٽائي ڇڏيندو شرط اهو ته مڃيو وڃي ته رياست مدينه قائم ٿي چڪي آهي،انصاف جو بول بالا ٿي چڪو آهي،ميرٽ جو قتل عام بند ٿي ويو آهي،ڪرپٽ عنصر ڏڪي رهيا آهن،رشوت وٺندڙ پناه جي جاء ڳولهي رهيا آهن،قبضا خور معافيون گھري رهيا آهن،ماڻهو خيرات کڻي گھمي رهيا آهن پر ڪو خيرات وٺڻ وارو نه رهيو آهي. ظلم ڪندي ظالمن جا هٿ ڏڪڻ لڳا آهن.ماڊل ٽائون جي متاثرن کي انصاف ملي چڪو آهي، بلديا فيڪٽري جي جيئري ساڙيل سوين بي گناهن جي روح کي سڪون ملي ويو آهي،ساهيوال سانحي جا داداگير قاتل ڦاهيء چڙهي چڪا آهن،صلاح الدين سان به انصاف ٿي چڪو آهي،غريب قوم جي لٽيل خزاني جو ٽڪو ٽڪو سرڪاري خزاني ۾ واپس اچي چڪو آهي.هو ڏسو،هر طرف سکن جا ساز وڄن پيا،دعائن ۽ شڪرانن جا آواز اچن پيا. هاڻي موڪلن وارن ڏينهن تي به عدالتون لڳن ٿيون،سزا کاڌلن کي به ضمانتون ملن ٿيون ۽ قانون جن کي ڏوهاري قرار ڏئي ٿو اهي شاهي پروٽوڪول سان پرڏيهه روانا ٿي وڃن ٿا.انقلاب اچي چڪو آهي جيڪر ڪنهن کي نظر نٿو اچي ته اهو پنهنجن اکين جو علاج ڪرائي!

    منهن جا بلاگس

    سنڌ سجاڳ بلاگ ـــ مهراڻ سائنس ڪلب ــــ

    هيپي هرٽ پوائنٽ ـــ شعر ۽ شاعري بلاگ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو