ادب فيسٽيول ڪراچي 2018 ۾ ”ميڊيا لٽريسي“ واري سيشن ۾ نامياري صحافي وسعت الله خان هڪ اهم ڳالهه ڪئي ته ”ميڊيا لٽريسي“ تي ڳالهه رکڻ کان اڳ اهم ۽ بنيادي سوال اهو آهي ته ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ (ڊيسڪ تي ويٺل، رپورٽر ۽ اينڪر حضرات) ڪيترا لٽريٽ آهن؟ صحافي لاءِ ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن وغيره جو مطالعو آڪسيجن آهي. جيڪڏهن ڪو به صحافي مطالعو نٿو ڪري ته اهو گهمندڙ ڦرندڙ لاش صحافي آهي. جڏهن وٽس مطالعو هوندو ته پوءِ هو ڪنهن به اسٽوري کي سٺي طريقي سان ڊويلپ ڪري سگهي ٿو.“ پاڻ هتي ٿيندڙ صحافت جو جائزو وٺون ٿا. ٽي وي چئنلن توڙي اخبارن جي خبرن جو گهڻو حصو، ڪيترن ئي اينڪر حضرات جا تجزيا پڙهي يا ٻڌي کل اچڻ سان گڏوگڏ افسوس به ٿئي ٿو. هونئن ته هتي جهڙي نموني صحافت ٿئي ٿي، ان ۾ سينسرشپ ۽ زرد صحافت سميت ٻيا کوڙ عنصر ته نمايان آهن. پر ان سان گڏ اهم حصو پاسو (جيڪو هن بلاگ جو مقصد آهي) اهو آهي ته ميڊيا ۾ نشر ٿيندڙ خبرون اڌو گابرو ڇو هونديون آهن؟ ڪيترا صحافي لِٽريٽ آهن؟ ائين به ناهي ته سڀ جو سڀ اٽي تي چٽي صحافي آهن، ڪجهه ناميارا پڙهيل (پابندي سان مطالعو ڪندڙ) صحافي به آهن، پر تن جو انگ بنهه گهٽ آهي. گهڻو ڪري صحافت جي شعبي ۾ ايندڙ نئون ماڻهو جڏهن خبر ٺاهڻ جا اصول (خبر ٺاهڻ) سکي وٺي ٿو ته هو سمجهي ٿو ته بس اها آهي صحافت. انٽرو، باڊي ۽ ڪنڪليوزن، ٺهي وئي خبر. پوءِ هو انهن ئي اصولن تي خبرون ٺاهيندا، ڪم هلي پيو. اسان وٽ الميو اهو آهي ته جيڪو ڊيسڪ تي يا فيلڊ ۾ 5 سال تجربو رکندڙ هوندو ته هو پاڻ کي صحافت جو چيمپيئن سمجهندو آهي. جڏهن ته هو خبر جي بنيادي اصولن (اڻ ڌرائپ، سڀني ڌرين جو موقف ڏيڻ، حقيقت بيان ڪرڻ، وڌاءَ کان پاسو ڪرڻ ۽ مواد کي سولي سمجهاڻي سان پيش ڪرڻ) کان بلڪل به بي خبر هوندو آهي. ماس ڪميونيڪيشن جا شاگرد خبر جي عنصرن (اصولن کان واقف هوندا، ڇو ته اهي نصاب ۾ شامل آهن). ٻن سالن جي تجربي ۾ مونکي صحافت ڪندي اهو تجربو ٿيو آهي ته اسان جا سينيئر باور ڪرائيندا آهن ته توهان کي ڪجهه نٿو اچي. شروع وارن مهينن ۾ چوندا هئا ته خبر ٺاهڻ به نٿي اچيو! هلو سائين خبر ٺاهڻ جو نام نهاد فارمولو سکي ورتو ته اڇا…! خبر هيئن ٺهندي آهي. پر ان فارمولي تحت ٺهيل خبرون به اڻپوريون ۽ خانه پوري ڪرڻ سمجهه ۾ پئي آيو. هڪ ته اها حالت آهي، ٻيو وري جيتري قدر منهنجو تجربو رهيو آهي، ان موجب ماس ڪميونيڪيشن ڊگري رکندڙ توڙي ٻين صحافين مان اٽي ۾ لوڻ برابر آهن جيڪي مطالعو ڪن ٿا. گهڻا صحافي دوست 8 ڪلاڪن واري شفٽ دوران خبر ٺاهڻ واري ڪم کي مٽي ڪالب ۾ وجهي سِر ڪڍڻ يا مزدوري جي ٻئي ڪم وانگر سمجهندا آهن. خبر کي فارمولي ۾ فِٽ ڪر ته خبر تيار! جڏهن ته خبر ٺاهڻ ۽ رپورٽ ڪرڻ هڪ تخليقي ڪم آهي، جيڪو هتي تخليقيت بنا ئي جاري آهي. نه ٻولي جو خيال ڪيو ويندو آهي ۽ نه ئي وري گرامر جو. بس ڪم هلي پيو. ٻيو الميو اهو ته هتي معيار بدران مقدار کي اهميت ڏني وڃي ٿي. هڪ هڪ ماڻهو وڏي انگ ۾ خبرون ٺاهي، ڀلي ان ۾ معيار نه هجي، بس پوراءُ ٿئي ۽ ڪم هلي پيو. جديد دور ۾ ٻين کوڙ شين سان گڏ صحافت ۾ به تبديلي اچي وئي آهي، جيئن ته سوشل ميڊيا جي اڀار ميڊيا لاءِ وڏو چئلينج پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ان سان گڏ خبر ٺاهڻ جا نوان لاڙا متعارف ٿي رهيا آهن. پر پاڻ وٽ خاص ڪري سنڌي ميڊيا ۾ ان پراڻي طريقيڪار کي اپنائي ڪم جاري رکيو ويٺا آهيون. ان سان گڏ سنڌي ميڊيا ۾ ڊجيٽيل ويب سائيٽس جو اچڻ پڻ هڪ سٺو قدم آهي، پر اتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته نيوز ويب سائيٽس تي به ڏهاڪو پراڻو خبر ٺاهڻ وارو انداز رکي نون لاڙن کي نظر ۾ رکندي ڪم نه ڪيو ويو ته پوءِ ان جو فائدو؟
لکڻ کان اڳ پڙهڻ لازمي آهي، جيترو ڪتاب پڙهندو، اوترو توهان کي لکڻ ۾ سولائي ٿيندي. ڪنهن به موضوع تي مضمون لکڻ کان ان جي سمورن پاسن جي جاچ ڪيو، انگ اکر سميت ٻيا پاسا پنهنجي لکڻي ۾ وجهو.