سن ٻاريچي ڍنڍ. ضلعي نوابشاهه جي تعلقي دولتپور ۾، سن ساوڙيءَ جي ڀرسان، ديهه ساوڙي، سرڪل ۽ تپي ساوڙيءَ ۾ سن ڍنڍ آهي. هن ڍنڍ کي سن ٻاريچي ڍنڍ به چيو ويندو آهي، جنهن جي اتر اولهه ۾ سن ڍورو موجود هو. هيءَ ڍنڍ سهڻي درياه ڇڏيل ڍنڍ آهي، جنهن جي وهڪري ختم ٿيڻ سان ڪيترا ڳوٺ ويران ٿي ويا.