هڪ اهڙو سماج جنهن ۾ مرد ۽ عورت کانسواءِ ڪنهن ٻي جنس کي تسليم ئي نه ڪيو وڃي. اتي ان جنس لاءِ جيئڻ ڪيترو نه ڏکيو هوندو. هونئن ته عورت کي به اهو مقام حاصل ناهي، جيڪوکيس ملڻ گهرجي. پر ٽئين جنس وارن کي ته انسان مڃيو ئي نٿو وڃي! جن جا بنيادي حق، اٽو، لٽو ۽ اجھو، تعليم، صحت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون پري جي ڳالهه، پر سماج جي ٻين فردن جيان جيئڻ جي انداز کي به تسليم نٿو ڪيو وڃي. اهڙي رويي سبب لڪشمي نارائڻ تريپاٺي جهڙا ڪردار جنم وٺن ٿا ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي حقن جي جنگ جاري رکن ٿا. لڪشمي نارائڻ تريپاٺي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي ڪميونٽي جو ڪيس پيش ڪري دنيا کي پيغام ڏنو آهي ته “اسين به توهان جيان انسانذات آهيون، جيترو توهان کي جيئڻ جو حق آهي، اوترو اسان کي به آهي”. لڪشمي نارائڻ تريپاٺي سان ڪراچي ادبي ميلي ۾ ملاقات ٿي هئي، ان وقت موقعي جو فائدو وٺندي کائنس ڳالهه ٻولهه جي اجازت ورتي. جيڪا هتي پڙهندڙن آڏو پيش ڪجي ٿي. پر ان کان اڳ سندس مختصر تعارف ڪرائڻ ضروري آهي. لڪشمي نارائڻ تريپاٺي ڀارت جي هڪ ٽرانس جينڊر سماجي ڪارڪن، ڊانسر، اداڪاره ۽ ليکڪه آهي. هوءَ ڀارت ۾ ڪيترين ئي سماجي تنظيمن سان سلهاڙيل آهي، سي بي او ائسٽيٽوِ ٽرسٽ جي صدر، سماجي ڪمن جي فور فرانٽ ۽ ايڊووڪيسي اندر ڪم ڪري رهي آهي. گڏوگڏ هي مهاراشٽرا تريٿيا پنٿي سانگاتنا ( MTPS) جي فائونڊر ميمبر پڻ آهي. هوءَ پهرين ٽرانس جينڊر شخصيت آهي، جنهن اي پي ايس ٽاسڪ فورس کي گڏيل قومن جي صدر جي آفيس آڏو پنهنجي ڪميونٽي جو ڪيس پيش ڪيو. سندس ڪتاب “مي لڪشمي، مي هجڙا” نالي ڪتاب به 2016 دوران مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. پنهنجي ڪميونٽي جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ مليل اتساهه بابت هن ٻڌايو ته هونئن ته هر ڪم لاءِ اتساهه ماءُ کان ئي مليو آهي. ٻيو ته صورتحال تبديل ٿيڻ (هن ڪميونٽي ۾ اچڻ) کان پوءِ جڏهن اسان فيصلو ڪيو هو ته هاڻي اسان کي پنهنجا حق ملڻ کپن، جن جي حاصلات لاءِ ڏينهن رات هڪ ڇو نه ڪجي ته جيئن اهي حق اسان کان ڪوئي به ڇني نه سگهي. تحريڪ جي شروعات ۽ پيش آيل ڏکياين بابت لڪشمي نارائڻ ٻڌايو ته سڀ کان پهرين اسان لاءِ ڏکيو ڪم اهو هو ته ڪير به اسان جا حق مڃڻ لاءِ تيار نه هو، ملڪ جي آئين ۾ برابري ۽ ان کانسواءِ ٻيو گھڻو ڪجهه لکيل آهي، پر ان باوجود اسان کي حق ملي ناهن سگهيا. پوءِ جڏهن اسان ان صورتحال کي محسوس ڪيو، ۽ سپريم ڪورٽ وياسين ۽ ڪيس وڙهيو. اتان کان ئي اسان جي جنگ شروع ٿي جيڪا گھڻو پري پري تائين وئي ۽ اڃان تائين جاري آهي. حقن لاءِ جدوجهد تي ماڻهن جو ردعمل بابت پڇيل سوال تي هن جو چوڻ هو ته ان وقت ماڻهو حيران هئا ته هي ڪير آهن ۽ اوچتو کين ڇا ٿيو آهي!؟ جڏهن تحريڪ زور ورتو، جنهن سبب ماڻهن اسان جو آواز ٻڌو، کين حيرانگي ٿي ته هنن جا به حق ٿيندا آهن ڇا؟ جو هي ڌمچر مچايو اٿن. ڇاڪاڻ ته انهن ڪڏهن ان بابت سوچيو ئي نه هو، نه ئي کين ٻڌايو ويو هو، ته بنيادي طور اسان جا به ڪي حق آهن جيڪي پائمال ٿي رهيا آهن، جنهن سبب اسان ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. اسان جو مقصد هو سڀ کان پهرين ته ماڻهن کي سمجهائجي ته جيڪو اسان گھري رهيا آهيون، اهو “آئوٽ آف باڪس” ناهي. هي اهي شيون آهن جيڪي عام مرد ۽ عورت لاءِ آهن. ان دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي اها سمجهه به اچي وئي. ڀارت ۾ ٽرانس جينڊر ڪميونٽتي لاءِ حڪومتي اپائن بابت ٻڌائيندي هن چيو ته اصل ۾ آئين اندر ته حق لکيل آهن پر انهن تي عمل اٽي ۾ لوڻ برابر ٿئي ٿو. هتي 11، 12 اهي رياستون آهن، جن وٽ ڀارت ميمبر ويلفيئر ۽ رائيٽس بورڊ وغيره آهن. هڪ اهم ڳالهه ته اسان جي حقن لاءِ پرائيويٽ بل اَپر هائوس کان پاس ٿي لوئر هائوس ۾ آيو. جنهن کانپوءِ حڪومت خود هڪ بل آڻي رهي آهي. ان کانسواءِ کوڙ سارا ماڻهو اسان جي حقن لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. گھڻا وڏا مسئلا جھڙوڪ تعليم، صحت ۽ روزگار جي حوالي سان آهن ۽ انهن جي حاصلات لاءِ جدوجهد پڻ جاري آهي. ٻين ملڪن ۾ خواجه سرا ڪميونٽي بابت هن ٻڌايو ته مان چاهيان ٿي ته سڀني کي برابر جا حق ملن، چاهي اهو پاڪستان هجي يا ڀارت. اسان جي ڪميونٽي سان واسطو رکندڙن کي هن دنيا ۽ سماج جا ماڻهو پنهنجي مفاد لاءِ به استعمال ڪري سگهن ٿا. اسان کي پنهنجي حقن بابت ڪيترائي خدشا آهن. ان حوالي سان مان سمجهان ٿي ته شيون تبديل ٿيڻ گھرجن. هڪ طبقاتي سماج ۾ سندس ڪميونٽي ۾ طبقاتي فرق هئڻ يا نه هئڻ بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته اسان جي ڪميونٽي ۾ جڏهن ڪو هجڙو ٿي آيو ته کيس سڀ ڪجهه، ذات پات، طبقو ڇڏڻو پئي ٿو. اسان گڏجي کائيندا آهيون ۽ اسان ۾ اوچ نيچ جو ڪو به فرق نه هوندو آهي. اسان جي ڪميونٽي ۾ نه ڪوئي هندو آهي، نه مسلمان، نه ڪو ئي برهمڻ آهي، نه ڪو اڇوت. اسان صوفي هوندا آهيون، خوفِ الاهي پنهنجي دل ۾ رکندا آهيون، سڀني ڌرمن جي برابر عزت ڪندا آهيون. اسان جي ڪميونٽي ۾ ذات پات ۽ طبقو ڪابه معنيٰ نٿا رکن. ان ڪري جيڪي مٿئين طبقي کان ايندا آهن ته انهن لاءِ شروع ۾ ته ڏکيايون به هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته والدين جو بار ۽ سندن عزت بابت ماڻهن جي سوالن ۽ روين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جيڪي هيٺئين، غريب طبقي مان اچن ٿا، انهن تي والدين ايترو ڌيان ئي ناهن ڏيندا، تنهنڪري کين بکيي پيٽ ڀرڻ جو فڪر هوندو آهي، آهستي آهستي ان ماحول ۾ رهندي سيٽ ٿي وڃن ٿا. سماج ۾انهن تي مختلف قسمن جا تشدد ڪيا ويندا آهن. پر هتي اسان جي ڪميونٽي ۾ متڀيد نه آهي. هن جو چوڻ آهي ته فلمن ۾ اسان جي ڪميونٽي کي غلط طريقي سان ڏيکاري اسان جي زندگين کي وڌيڪ ڏکياين ۾ وڌو وڃي ٿو. فلم ميڪر پنهنجي مفادن لاءِ پئسو ڪمائي وٺن ٿا ۽ اسان جھڙن ڪردارن تي دنيا کلي ٿي. انهن کي اسان بابت سنجيده ٿيڻ گهرجي ته اسين به انسان ذات آهيون. اسان جي ملڪ ۾ گھڻا ئي ماڻهو ان حوالي سان حساس بڻيا آهن ۽ ڪجهه فلمن ۾ ساراهيو به ويو آهي. جيئن پاڪستان ۾ “بول” جھڙي بهترين فلم ٺهي. جيڪڏهن توهان ڀلائي نٿا ڪري سگهو ته پوءِ برائي به نه ڪيو. اسان کي ته پنهنجي طريقي سان زندگي گذارڻ ڏيو. سندس زندگي تي فلم “بايو پِڪ” بابت جڏهن کانئس سوال ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته ڀارت ۾ منهنجي شخصيت ڏسي ڪري، ڪن فلمن ۾ اجازت بنا ٻه ٽي ڪردار ٺاهيا ويا آهن. مون ڪنهن کي اڃان اجازت ئي ناهي ڏني ته ڪو منهنجي زندگيءَ تي فلم ٺاهي. ڏسو! اڃان ته ڪتاب آيو آهي، ماڻهو پهرين ڪتاب پڙهن، ان کي ڄاڻين، اهي پنهنجي دماغ جي فِتور کي پاڻ ختم ڪن، تڏهن وڃي ڪجهه سنجيدگيءَ وارو ماحول جڙندو. فلم ان کان پوءِ جي ڳالهه آهي. لکڻ بابت هن ٻڌايو ته منهنجو پهريون لکيل ڪتاب “مي لڪشمي، مي هجڙا” آهي، جنهن جي مهورت ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ ٿي ۽ ٻن ٻين ڪتابن تي ڪم پڻ ڪري رهي آهيان، جيڪي ڪميونٽي جي حقن ۽ ذاتي زندگي، سوشل اسٽگما جي موضوعن تي آهن. پاڪستان جي ماڻهن لاءِ پيغام ۾ هن چيو ته جيئن ته محبت ڪنهن به سرحد جي پابند ناهي. ان ڪري مان هتي محبتون ۽ پيار ونڊ ڪرڻ آئي آهيان، امن جو پيغام کڻي آئي آهيان. مون کي هتان جي ماڻهن عزت ۽ محبت ڏني، ان تي خوشي ٿي آهي.