ماضيء جو آئينو؛ دولت پرستيء پويان اصول وساريندڙ قوم.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    قائد اعظم جو ساٿي سردار شوڪت حيات پنهن جي ڪتاب ”گم گشته قوم“ ۾ لکي ٿو ته هن لائل پور (هاڻوڪي فيصل آباد) ريسٽ هائوس پهچي روينيو جي تپيدارن کي گھرايو.انهن کي خطاب ڪندي چيو ته هي ماڻهو(مهاجر) پنهنجن گھرن کان ڦرجي ۽ لٽجي،پنهنجا مال ملڪيت ڇڏي، مظلوميت جي حالت ۾ اسان وٽ پهتا آهن.انهن مصيبت ۾ ورتل مهاجرن جي مدد ڪرڻ اسان جو اخلاقي ۽ قانوني فرض آهي.مون پڇيوته مون کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي شخص غير قانوني طريقي سان ڇڏيل زمينن تي قبضو ڪري رکيو آهي؟منهن جي پڇڻ تي ايترن سارن ماڻهن مان ڪنهن به ڪجهه ٻڌائڻ کان لنوايو. پوء مون هڪ ٻي ترڪيب آزمائيندي چيو ته جيڪو به مون کي صحيح حقيقت ٻڌائيندو تنهن کي انعام اڪرام ڏنو ويندو.انهيء تي هڪ نوجوان تپيدار اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته جناب اعليٰ! جيڪر مون کي تحفظ مهيا ڪيو وڃي ته آئون اوهان کي ٻڌائيندس ته هڪ نواب جيڪو مسلم ليگ جو وڏو اڳواڻ آهي تنهن چاليهه ايڪڙ زمين تي ناجائز قبضو ڪري ورتو آهي.مون ان زمين کي واپس وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ قانون جوڙي ڇڏيو ته ڪيمپ ۾ موجود هر ڪٽنب کي وقتي طور تي اٺ ايڪڙ زمين مهيا ڪري ڇڏي وڃي ۽ جڏهن ريڪارڊ هندستان مان ايندو ته ان مطابق هير ڦير ۽ پڪي الاٽمينٽ ڪري ڏني ويندي.مون فنانشل ڪمشنر کي گھرائي پڇيو ته ڇا هو ڪنهن تپيدار کي ترقي ڏيڻ جا پورا قانوني اختيار رکي ٿو؟ جڏهن جواب ۾ هن ها ڪئي ته مون کيس چيو ته هو ان تپيدار کي ٻه درجا ترقي ڏيئي نائب مختيارڪار مقرر ڪري ڇڏي.هڪ پوڙهو تپيدار جيڪو پنهنجي موقف تي ڄميو بيٺو هو ته لائل پور ۾ ڪابه زمين ڪنهن جي ناجائز قبضي ۾ نه آهي تنهن کي ترت ڊي جي خان بدلي ڪيو ويو.اهو ضلعو ان زماني ۾ نوڪري ڪرڻ لاء نهايت ئي ڏکيو سمجھيو ويندو هو.ٻين تپيدارن جڏهن سزا ۽ جزا جو اهو منظر پنهنجن اکين سان ڏٺو ته هڪ جي پويان ٻيو اڀو ٿيندو ويو ۽ ڪيئي لڪيل راز کلڻ لڳا ۽ ڪيترن ئي وڌيڪ ناجائز قبضن جي ڄاڻ ملي.سردار شوڪت حيات اڳتي هلي لکي ٿو ته جيڪر ڪو مون کان ان عظيم نقصان بابت پڇي ته آئون انهن سببن جي ڄاڻ ڏيان جن جي بنياد تي حب الوطنيء جو اهو جذبو ۽ ايثار جيڪو مسلم ليگ 1947ع کان اڳ ماڻهن ۾ پيدا ڪيو هو اهو ڇو ختم ٿي ويو؟۽ اها ڪهڙي شيء هئي جنهن جي بنياد تي اسان جي قوم اوڀر پنجاب جي انهن پنج لک مسلمانن جي قتل،هڪ لک مسلمان عورتن جي اغوا ۽ پنجاهه لک مسلمانن جي هجرت کي وساري ڇڏيو؟ته منهن جو جواب هن ريت هوندوته

    1. حرص،لالچ ۽ ڪرپشن.2. غلام محمد ۽ نوڪر شاهي.3.ايوب خان جي اقتدار پرستي جي بنياد تي وفاداري واري حلف جي خلاف ورزي جنهن جي پيروي ٻين فوجي آمرن پڻ ڪئي.4. ناتجربيڪار۽ غير مناسب سياسي اڳواڻ.

    ڪرپشن جي شروعات جائيداد ۽ ڪاروبار جي ناجائز حصول جي بنياد تي ٿي جيڪي غير مسلم پنهن جي پويان ڇڏي ويا هئا.ان شيء ماڻهن کي هوس ۽ دولت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ لڳائي ڇڏيو.اسان جي ماڻهن اسلام کي وساري ڇڏيو ۽ هندن جي دولت جي ديوي لڪشميء جا پوڄاري بڻجي ويا.اسلام جي بدران هنن دولت کي پنهن جي نجات جو ذريعو سمجھي ورتو.مون کي ياد آهي ته لاهور جو رهندڙ هڪ دوست مون وٽ آيو،ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته شوڪت جي! اوهان وارو پاڪستان جي نه سگھندو.ان ڪري اسان اوهان لاء نه ڪومعاشي ادارو ڇڏيو آهي،نڪو صنعتڪار ۽ بينڪار ئي.مون هن کي چيو ته هو بيوقوفن جي جنت ۾ رهي ٿو.اها قوم جيڪا پنجاه لک مهاجرن جو بار برداشت ڪري سگھي ٿي جيڪي اوهان اوچتو اسان جي مٿي ۾ هڻي ڇڏيا هئا ته اهڙي قوم ڪهڙي به صورتحال کي منهن ڏيئي سگھي ٿي.هن چيو ته شوڪت! تو منهن جي ڳالهه سمجھڻ ۾ غلطي ڪئي آهي.منهنجو نڪتو سمجھڻ گھرين ٿو ته منهنجي صلاح آهي ته پنهنجي واپسيء تي ڪتن جي هڪ جوڙي خريد ڪر،ٻنهي کي الڳ الڳ زنجيرن ۾ مخالف طرفن ۾ ٻڌي ڇڏ.ٽن چئن ڏينهن تائين انهن کي کاڌي لاء ڪجهه به نه ڏي پوء هڪ ٻڪري ڪهي ان جو گوشت ٻنهي جي وچ ۾ رکي ٻنهي جون زنجيرون ساڳئي وقت کولي ڇڏ.تون ڏسندين ته گوشت ڏسندي ئي ٻئي ڪتا پهرين پاڻ ۾ وڙهندا.انهن مان کٽڻ وارو ڪتو گھرج کان وڌيڪ گوشت کائي ڪري پوندو ان کان بعد ٻيو ڪتو پهرئين واري جي ڇڏيل گوشت مان ضرورت کان وڌيڪ کائيندو.اهڙيء طرح ٻئي بد هضميء جو شڪار بڻجي بيمار ٿي پوندا.اسان اوهان جي بکين ۽ غريب ماڻهن لاء تمام گھڻي دولت ڇڏي آهي.اهي ان جي چمڪ ڏسي هڪ ٻئي جون ڳچيون ڪپيندا۽ بعد ۾ اهي انهن ڪتن وانگر ٿي ويندا.اهي لوڀ پويان اوهان جا سمورا طيء ڪيل اصول وساري ويهندا.اسان اوهان جي حصي واري پنجاب ۾ ايڏي گھڻي دولت ڇڏي آهي جو اوهان جي قوم بد ديانت ٿي ويندي.سون جي چمڪ ڏسي اهي دولت جي ديوي لڪشميء جي پوڃا شروع ڪري ڇڏيندا.

    اڄ ستيتاليهن سالن بعد هن جي اها اڳڪٿي ڪيتري قدرته سچ ثابت ٿي آهي ۽ قوم پنهنجو روح وڃائي ويٺي آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو