تڪراري بڻيل عدالتي فيصلو ۽ ڪجهه سوال!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جڙيل خاص عدالت پاران فوجي آمر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف خلاف آيل فيصلي تي قومي ۽ سوشل ميڊيا توڙي سماجي ۽ سياسي سطح تي ٿيندڙ بحث مباحثن ماڻهن کي منجھائي وڌو آهي.هڪڙا انهيء فيصلي کي تاريخي فيصلو قرار ڏيندي پاڪستان ۾ قانون ۽ جمهوريت جي فتح قرار ڏيئي رهيا آهن جڏهن ته ٻيا جن جو انگ به ڪو گھٽ ناهي اهي جنرل پرويز مشرف کي قوم جو هيرو قرار ڏيندي انهيء کي پاڪستان جي عسڪري ادارن خلاف هڪ وڏي سازش قرار ڏيئي رهيا آهن.انهن ٻنهي طبقن جي وچ ۾ هڪڙو قانوني ماهرن جو گروپ اهڙو به آهي جيڪي مشرف کي آئين ٽوڙڻ جو ڏوهاري ته سمجھن ٿا پر کين ان ڳالهه تي تحفظات آهن ته اڳوڻي صدر کي سزا ڏيڻ وقت قانوني گھرجن جو پورائو نه ڪيو ويو آهي ۽ کيس پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو مناسب موقعو نه ڏنو ويو ۽ اهي ڪنهن کي سندس غير حاضريء ۾ ڪيس هلائي سزا ٻڌائڻ واري عمل کي غير منصفاڻو قدم سمجھن ٿا.انهن دانشورن ۽ تجزيي نگارن جي به کوٽ ناهي جيڪي ان فيصلي کي عدليا ۽ فوج جي وچ ۾ تڪرار قرار ڏيندي ملڪي سلامتيء لاء سنگين خطرو قرار ڏيئي رهيا آهن. مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون.ان سموري بحث کان هٽي ڪري اسان هتي ڪجهه اهم ۽ بنيادي سوال بيان ڪنداسين جن جو جواب ملڪ جي عوام،قانوندانن ۽ رياست جي سمورن اهم ادارن جي اڳواڻن کي سنجيدگيء ۽ سچائيء سان ڳولهڻو پوندو جيڪر اسان انهن انومانن،انديشن، الزامن ۽ جوابي الزامن مان جان ڇڏائي ملڪ کي اڳتي لاء حقيقي ترقي ۽ خوشحاليء جي رستي تي لڳائڻ گھرون ٿا.اهي سوال هي آهن؛

    * ڇا هن ملڪ ۾ شروع کان وٺي 1999ع تائين مختلف وقتن تي مختلف فوجي آمر طاقت جي زور تي ڪنهن نه ڪنهن منطق ۽ جواز هيٺ سياسي حڪومتن کي گھر ڀيڙو ڪري اقتدار تي قبضو نه ڪندا رهيا آهن؟ * ڇا فيلڊ مارشل ايوب خان کان جنرل پرويز مشرف تائين ڪيل فوجي ڪو جائز هو؟ *ڇا 1979ع ۾ ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏنل ڦاسيء ۾ ان وقت جي فوجي آمر جنرل ضياء ۽ عدالتن جو ڳٺجوڙ نه هو ۽ ڇا اهو هڪ سڌو سنئون عدالتي قتل نه هو؟ *. ڇا 1999ع ۾ هڪ چونڊيل وزير اعظم پاران ان وقت جي آرمي چيف کي تبديل ڪرڻ ڪو غير آئيني يا غير قانوني قدم هو ۽ ان جي رد عمل ۾ فوجي سربراهه طرفان ان فيصلي کي نه مڃيندي هڪ چونڊيل حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪري چونڊيل وزير اعظم کي هائيجيڪنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪري سزا ٻڌائڻ بلڪل قانوني ۽ جائز هو ۽ ڇا هڪ فوجي سربراهه پاران کنيل اهو قدم آئين ٽوڙڻ جي زمري ۾ نٿو اچي؟ *. فوجي حڪومت طرفان برطرف ڪيل ان وقت جي وزير اعظم ميان نواز شريف هڪ آمر سان معاهدو ڇو ڪيو؟ * . اعليٰ عدالتن ڪنهن فوجي آمر جي ان غير آئيني قدم کي جائز قرار ڏيندي کيس آئين ۾ پنهنجي مرضيء سان ترميمون ڪرڻ جو اختيار ڇو ڏنو؟ *. اعليٰ عدالت جي ججن مشرف جي پي سي او هيٺ قسم ڇو کنيو؟ *. ملڪ جي پارليامينٽ جنهن کي ملڪ ۾ جمهوري قدرن ۽ اصولن جي حفاظت ڪرڻي هئي تنهن آئيني ترميمن ذريعي مشرف جي پي سي او کي جائز قرار ڇو ڏنو؟ * . ڇا ٽين نومبر تي مشرف طرفان آرمي چيف جي طور تي ايمرجنسي پلس لاڳو ڪري اعليٰ عدالت جي سمورن جج صاحبن کي قيد ڪرڻ هڪ سنگين ڏوهه ۽ آئين ٽوڙڻ جو عمل نه هو؟ *. نواز حڪومت مشرف خلاف غداري ڪيس داخل ڪرڻ وقت ان وقت جي وزير اعظم،وزير قانون ۽ مشرف جي جوڙيل غير قانوني ڪينگرو ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ڊوگر خلاف ڪيس ڇو داخل نه ڪيو ۽ بعد ۾ ان ايمرجنسيء جي نفاذ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪندڙ وزير قانون کي پنهنجي ڪابينا ۾ ڇو شامل ڪيو ويو؟ * ان قسم جي سنگين نوعيت جي ڪيس ۾ ڦاٿل پرويز مشرف کي خود نواز حڪومت اي سي ايل تان نالو هٽائي ملڪ کان ٻاهر ڇو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي وڃڻ ڏنو ؟ * .ايڏي حساس نوعيت جي عدالتي معاملي کي جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف پاڻ آخر سنجيده ڇو نه ورتو؟ *.ڇا ان وقت جي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ افتخار چوڌريء جي پرويز مشرف آڏو مزاحمت اصولن ۽ قانون جي بالادستيء لاء هئي يا ڪي ٻيا مسئلا ۽ معاملا ان جو سبب بڻيا؟ *. رياست پاڪستان پاران جنرل مشرف خلاف سنگين غداريء ڪيس داخل ڪرڻ باوجود بعد ۾ رياست جي ان معاملي تي پاليسي ۽ پوزيشن ڇو تبديل ٿي؟ * .جڏهن ڪجهه عرصي کان صاف نظر اچي رهيو هو ته ان ڪيس جو فيصلو جنرل مشرف خلاف نهايت ئي سخت اچي سگھي ٿو ته پوء حڪومت جيڪا هن وقت مشرف جي حق ۾ ۽ فيصلي جي خلاف هيتري ساري واويلا ڪري رهي آهي ان اهو ڪيس واپس ڇو نه ورتو جڏهن ته قانوني طور تي حڪومت وٽ ڪيس واپس وٺڻ جو اختيار موجود هو؟ *. مشرف تي داخل سنگين غداري ڪيس 12 آڪٽوبر 1999ع واري واقعي جي بدران 3 نومبر واري ايمرجنسيء جي بنياد تي ڇو داخل ڪيو ويو؟ * چيف جسٽس پاڪستان کي فيصلي اچڻ کان اڳ ئي ان جو اعلان ڪرڻ جي ڪهڙي گھرج هئي؟ *. هڪ آرمي چيف جيڪو ڪيترو عرصو اڳ رٽائرڊ ٿي سويلن بڻجي چڪو آهي انهيء خلاف آيل فيصلي تي فوج کي ايڏي ڪاوڙ ۽ تشويش ڇو آهي؟ * . رٽائرڊ جنرل مشرف عدالت جي بار بار جي حڪمن ۽ مهيا ڪيل موقعن باوجود پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي تڪليف ڇو نه ڪئي؟ *. ڇا ڪنهن به ماڻهوء جي ماضيء جي قربانين ۽ خدمتن جي بنياد تي کيس ڪنهن سنگين ڏوهه ۾ سزا ڏيئي نٿي سگھجي؟ * .ڇا اعتراض غدار جي لفظ تي آهي،سزا ڏيڻ تي آهي يا ملزم کي صفائيء جو مناسب موقعو نه ڏيڻ تي آهي؟ *. جڏهن فوج جي اندر جڏهن ڪنهن جو ڪورٽ مارشل ڪري غداريء جي ڏوهه ۾ کيس موت جي سزا ڏني وڃي ٿي ته ان وقت انهيء فوجيء جي ماضيء جي خدمتن جو سوال ڇو نٿو اٿاريو وڃي ۽ ڇا هن وقت تائين فوج ۾ ڪورٽ مارشل ذريعي ڪا به سزا ناهي آئي؟ *. سيد يوسف رضا گيلانيء کي نااهل ڪري گھر موڪليندڙ ۽ ٻئي وزير اعظم کي سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر جا لقب ڏيئي سزا ڏيڻ واري ساڳين جج صاحبان جي تعريف جا ترانا ڳائيندڙ ۽ کين اصولن ۽ قانون جا محافظ سڏيندڙ هاڻي ساڳين ئي ججن تي تنقيد ڇو ڪري رهيا آهن؟ *.ميان نواز شريف خلاف آيل فيصلن کي ”ججن جا بغض سان ڀريل فيصلا “ ڪوٺيندڙ اڄ انهن ئي ججن پاران ايندڙ فيصلن کي ”تاريخي“ فيصلا ڇو سڏي رهيا آهن؟ * جيڪڏهن ڪنهن به قتل جي ملزم خلاف فيصلو اچي ته ڇا اهو دليل ڏيئي کيس معصوم ثابت ڪري سگھجي ٿو ته ان جهڙو نيڪ نمازي قاتل ٿي نٿو سگھي؟

    اهي اهڙا سوال آهن جيڪي بنان ڪنهن تبصري ۽ جنرل مشرف جي ڪردار،ڪارڪردگي ۽ پاليسين جي حمايت يا مخالفت کان هٽي ڪري خالص ميرٽ تي جواب گھرن ٿا!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو