شفيق الرحمان شاڪر ڪهڙو سبب آهي جو ڪجهه قومون آمر ۽ ڏاڍ وارا رويا رکندڙ اڳواڻن کي پسند ڪن ٿيون؟اٽڪل هڪ هزار سالن جي عرصي کان فلسفي ۽ سياسي مامرن جا ماهر اهو سٽ سلجھائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن ته آخر ڪهڙن سببن هيٺ اسان پنهنجي مرضيء سان پنهنجو استحصال ڪرائڻ تي راضي ٿيندا آيا آهيون؟ افلاطون پهريون فلسفي هو جنهن آمريت يا مطلق العنانيت جي مسئلي تي ڳالهايو.هن پنهن جي ڪتاب”جمهوريه“ ۾ لکيو آهي ته” جمهوري رياستن جو مقدر آهي ته انهن جو انجام نيٺ آمريت تي ٿئي ٿو.“افلاطون جمهوريت جو حامي نه هو.شايد ان ڪري جو ايٿنز جي جمهوريت سندس پياري استاد سقراط کي زهر پياري موت جي حوالي ڪيو هو.هن جو خيال هو ته جمهوري نظام جون شڪليون هڪ اهڙو سماج جوڙين ٿيون جيڪو اوپرو ۽ منتشر ٿئي ٿو.ان ۾ ماڻهو چرب زبان ۽ ڳالهائڻ جي فن ۾ چالاڪ سياستدانن جو سولائيء سان شڪار ٿي وڃن ٿا، افلاطون هڪ ٻئي ڪتاب ”گارگياس“ ۾ انهن اڳواڻن جي وصف بيان ڪندي لکيو آهي ته ”اهي (سياستدان) سماج جي ڀلائيء کي يقيني بنائڻ بدران ماڻهن کي غير واقعاتي وعدن تي وندرائين ٿا.“ هو طنز سان لکي ٿو؛ ” بورچي ڊاڪٽر جو ماسڪ پهري وٺي ٿو۽ اهو ڏيکاء ڏيندو آهي ته کيس ڄاڻ آهي ته انساني جسم لاء ڪهڙو کاڌو بهترين غذا آهي.جيڪر ٻارن يا ٻارن وارو ذهن رکندڙن سامهون سٺي ۽ خراب کاڌي وچ ۾ تفاوت ڄاڻڻ لاء کاڌو پچائڻ جي اهليت جي بنياد تي مقابلو ٿئي ته پڪ سان ڊاڪٽر کي بکين مرڻو پوندو.“ ان موضوع تي ويهين صدي جي شروع ۾ سوشالاجي جو بنياد رکندڙ شخصيت ميڪس ويبر به ڳالهايو آهي.هن ”ڪرشماتي طاقت“ جهڙو اصطلاح جوڙيو جنهن جو مطلب فرد جو اهڙي صفت جو مالڪ هئڻ آهي جنهن جي بنياد تي هو عام ماڻهن کان نرالو محسوس ٿئي ٿو،ان سان ڪنهن ما فوق الفطرت ذات جيان سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.اهو پنهنجن پيروڪارن ۾ مقدس الهامي استعاري کان گھٽ حيثيت نٿو رکي.سندس پيروڪار ۽ حامي منجھائس معجزن جي اميد رکندا آهن جو هو گھري ته سندن زندگيون بدلائي ڇڏي.عقلمند ماڻهو اهڙن غير واقعاتي نظرين جو شڪار ڪيئن ٿا ٿي وڃن؟ ميڪس ويبر چوي ٿو ته اهو ڄاڻڻ لاء ڳوڙهي ويچار جي ضرورت آهي.جڏهن ويبر ڪرشماتي طاقت جي نظريي تي بحث ڪري رهيو هو ان وقت ويانا ۾ سگمڊ فرائيڊ اهڙين شين جي باري ۾ سوچي رهيو هو .سندس ڪتاب” Group Psychology and the Analysis of Ego“جو موضوع به اهو ئي آهي.هو ان ۾ پيروڪارن جي نفسياتي حرڪتن جو تجزيو ڪري ٿو.انهيء ۾ ٻه معاملا مرڪزي آهن.هڪ ته اهو جو مطلق العنان حڪمرانن طرف لاڙو رکندڙ ماڻهو سندن شخصيت جي جاچ جي ضرورت محسوس نٿا ڪن.اهي انهن کي هيرو جيان ۽ ڪنهن به وڏي برائيء کان پاڪ سمجھندا آهن.ٻيو اهو ته پيروڪار اڳواڻن کي ڪامليت جي درجي تي تصور ڪندا آهن.اهڙيء طرح اهو اڳواڻ پيروڪارن جي اندر جو آواز ٿئي ٿو.چڱائي يا برائي پنهنجي ذات ۾ ڪا تعريف يا سڃاڻپ نٿي رکي.اڳواڻ جي شخصيت سان طيء ٿيندو آهي ته ڪهڙي چڱائي ۽ ڪهڙي برائي آهي.مطلق العنان اڳواڻ ۽ پيروڪارن وچ ۾ “گڏيل سڃاڻپ” جو وجود به هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.پيروڪار پاڻ کي هڪ تحريڪ جو حصو سمجھندا آهن.اڳواڻ ان کي هائي لائيٽ ڪري رکندو آهي.اجتماعيت ۽ تحريڪ جو نشو هڪ وڏي مقصد خاطر ذاتي مفادن ۽ سوچ ويچار جي صلاحيت کي پٺيء پويان اڇلائي ڇڏي ٿو.آمراڻو نظام پنهنجي مٿان مذهبي تقدس جهڙو پردو چاڙهي ڇڏي ٿو.”The Dark charisma of Adolf Hitler” ۾ تاريخ دان لارنس ريس لکي ٿو ته هٽلر جي گھر جي زيارت لاء چرين جيان ڊوڙندڙ قافلن، سندس دفتر کي موڪليل هزارين خط ۽ ٻارن کي اهو سيکارڻ ته هٽلر هڪ مسيحا آهي،اهو سڀ ظاهر ڪري ٿو ته ان کي ڪا عام سياسي شخصيت نه پر کيس ڪو آسماني نمائندو سمجھيو ويندو هو. فلسفي موني ڪائرل 1932ع ۾ پنهنجي دوست آرٿر ينڪن جيڪو سفارتڪار هو ۽ کيس نازين بعد ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو جي دعوت تي جرمنيء ۾ نازي پارٽيء جي جلسي ۾ ويو.اتي گوئبلز ۽ هٽلر ٻنهي جون تقريرون ٻڌيون ته سڪتي ۾ پئجي ويو.هن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته آخر اهڙو منظر نامو ڪيئن ٿو جڙي جنهن ۾ هڪ طرف جعلسازي هجي ۽ ٻئي پاسي انسانن جي سمنڊ تي سحر طاري هجي.ان جو جواب سندس مضمون “ The Psychology of propaganda”۾ سامهون آيو.موني ڪائرل،برطانوي ماهر نفسيات ملاني ڪلائن کان متاثر هو.ڪلائن مطابق انسانن کي سدائين هڪ قسم جو خوف لڳل رهي ٿو جنهن کي هوء نفسياتي بيچيني Psychotic Anxieties جو نالو ڏئي ٿي.انسان جو هر سٺو يا خراب عمل انهيء ئي خوف جي بنياد تي انجام پائي ٿو.ان ۾ وسوسي ۽ اداسيء جا اندروني احساس پڌرا هوندا آهن.برائيء جي ممڪنه طور تي حاوي ٿي وڃڻ جو انديشو ۽ ڪنهن چڱائي يا ڪنهن پياري شيء جي کسجي وڃڻ جي اداسي. ڪائرل چوي ٿو ته سياست ۾ پروپيگنڊا جي ڪاميابيء لاء ضروري آهي ته عوام اندر بيوسيء واري احساس جي نڪتي تي آڱوٺو رکو پوء انهن جي سامهون ڪو معجزاتي حل پيش ڪريو.يعني پهرين انهن کي اداسي جي کڏ ۾ ڌڪو ڏيو ته انهن کان ڪا وڏي ڀل ٿي ويئي آهي يا ڪا قيمتي شيء کسجي ويئي آهي.ان کان پوء ڪنهن شخص يا طبقي کي ان سموري شر جو ذميدار ٻڌايو ته سمورن مسئلن جي پاڙ اهو طبقو آهي.ٽئين مرحلي ۾ هڪ جادوئي حل جو منصوبو سندن سامهون آڻي ڇڏيو جيڪو بيوسيء جي زخم تي مرهم محسوس ٿئي. ڪائرل جو چوڻ آهي ته پنهنجو پاڻ تي رحم کائڻ ۽ نفرت جو احساس جاڳائڻ ڪافي ناهي،پيروڪارن کي ساراه ڪرڻ ۽ قصيدا خوانيء جي گاديء تي به وهاريو ،انهيء سان اهي عظمت ۽ طاقت جي جنون واري خبط ۾ ڦاسي ويندا.اها هڪ نئين نفسياتي اڻ تڻ آهي.عقل جو هليو وڃڻ،هڪ نئين بيوسي.ڪرشماتي اڳواڻ جي هٿ ۾ هاڻي سڀ ڪجهه اچي چڪو آهي.صحافي گوين گلفرڊ ذڪر ڪيو ته جڏهن آئون ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي ڪوريج ڪري رهي هيس ته ان وقت ڪائرل جو لکيل هر جملو منهن جي ذهن ۾ گونجي رهيو هو. مطلق العنان اڳواڻن جي حوالي سان اها نفسياتي سڃاڻپ مڪمل صحيح ناهي تنهن هوندي به ضروري آهي ته اهڙا تجزيا جاري رهن ۽ نفسياتي ڳنڍين جي کوج لڳائي ويندي رهي ته جيئن اسان استبدادي ذهنيت جي اهڙن آمر حڪمرانن ۽ اڳواڻن جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگھون.