آزادي جي نعمت ۽ قزاقستان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت جا دوستو؛
    اڄ يورپ ٽي ويءَ تي قزاقستان تي هڪ ڊاڪيومينٽري هلي رهي هئي، حقيقت پڇو ته قزاقستان جي صدر جا لفظ ٻڌي، منهنجي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا ۽ سوچڻ لڳم ته آزادي ڪيڏي نه وڏي نعمت آهي جو، اهو قزاقستان جنهن جي نالي کان به واقف نه هوندا هئاسون اڄ آزادي ماڻڻ کانپوءِ دنيا جي بهترين ملڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي، سندس آزادي کي ڪو گهڻو وقت ته نه ٿيو آهي، رشيا کان آزاد ٿيڻ کانپوءِ هن ملڪ جي ماڻهن اهو پهه ڪيو ته پنهنجي ملڪ کي دنيا جي بهترين ملڪن ۾ آڻيندا ۔۔۔

    اڄ کان ڪي ٻارنهن سال اڳ هنن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ آستانا Astana کي قرار ڏنو ۽ ان گاديءَ واري هنڌ کي هنن انهن ٻارنهن سالن ۾ ايترو ته سهڻو ٺاهيو آهي جو دنيا جا ماڻهون ان شهر گهمڻ لئه آتا آهن۔ اڄ قزاقستان جي صدر جا لفظ هئا ته اسين پنهنجي ملڪ کي مستقبل قريب ۾ ايترو ته سهڻو ٺاهيندا سون جو جڏهن دنيا جا ماڻهون اسانجن شهرن ۾ گهرندا ته کين محسوس ٿيندو ته هو ٻي ڪنهن نرالي دنيا ۾ آيا آهن ۔۔۔

    سندن شهر آستانا جون ڪجهه عمارتون ۽ يادگار ڏسو جيڪي هنن ڪجهه سالن ۾ ئي تيار ڪيا آهن ۔۔۔
    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]

    دوستو! اسان سنڌ واسين کي به آزاديءَ کان بغير ڪجهه حاصل نه ٿيندو، آزادي نعمت آهي، ترقي آهي، ايمان آهي، اچو ته پنهنجي ملڪ کي پنهنجن هٿن ۾ کڻي انکي دنيا جا آزاد ملڪن سان ملائي اڳتي وڌايون ۔۔۔ آزادي آزادي آزادي ۔۔۔ ٻيو ڪجهه به نه ۔۔۔
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: آزادي جي نعمت ۽ قزاقستان

    هر وقت ۾ هميشه سنڌ تي ٻاهرين قوتن قبضو ڪيو آهي پر هاڻ سنڌ ۾ سنڌي حڪومت ڪندا اهو وقت اچي ويو آهي بس ڪنهن هڪ ماڻهون جو انظار جيڪو هن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ سب سنڌي هن سان گڏ هوندا
     
  3. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    جواب: آزادي جي نعمت ۽ قزاقستان

    آزادي۔۔۔۔۔۔؟
    سائين اوهان ڪهڙي آزادي جي ڳالهه ڪيو ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔! اها آزادي جيڪا سائين جي ايم سيد جو خواب هئي، اها آزادي جنهن جو سائين بشير قريشي جن خواهشمند آهن يا اها آزادي جيڪا الطاف حيسن جي نعرن ۾ آهي۔۔۔
    اسان آزادي جا خواب ڏسي اکين کي بي گناهه زيان ڇو ٿا ڪيون، آزادي رڳو ٺلهن نعرن، احتجاجن يا بيان بازي سان نه ٿيندي آهي۔۔۔۔ سائين آزادي لا هوشو هيمون ٿيڻو پوندو۔۔ ۽ اسان جا آزاد پسند روپلو ڪولهي ٿيڻ کان لنوائن ٿا۔ ته پو اسان سنڌ واسين کي آزادي جي کولن نعرن جي ننڍ ڇو پيا سمهاريون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟
    حفظ الله ڪاڪا
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آزادي جي نعمت ۽ قزاقستان

    سهڻا دوست، الله اوهانکي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي، اوهانجي هن ليک مان گهڻ پاسائين ڳالهه ٿي نڪري، هڪ طرف اوهان آزادي جي حمايت ڪئي آهي ته ٻئي پاسي آزادي پسند ماڻهن تي ٽوڪ ڪئي آهي، هڪ پاسي ته اوهان هوشو، هيمون ۽ روپلي جي ڪردار جهڙن ماڻهن جي خواهش ڏيکاري آهي ته ٻي پاسي خوابن نه ڏسڻ جي صلاح ڏني آهي ۔۔۔ هاڻ اوهان ئي فيصلو ڪريو ته اسين ڇا ڪريون ۔۔۔؟؟؟
    *ڇا اسين گهاڻي جي ڏاند جيئان اکين تي کوپا چاڙهي موجوده پاڪستان ۾ ڦاٿل سنڌ کي هلائيندا رهون ۔۔۔؟
    * ڇا اسين پاڪستاني رياست ۾ ٿيندڙ ڏاڍائن کي آمنا صدقنا ڪري، حق ۽ سچ جي ڳالهه کي ست پوتيون پارائي گهر ۾ رکيل قرآن شريف جي ڀر ۾ رکي ڇڏيون جت الله جي ڪلام سان گڏ سندس جي مٿان به دز جا تهه چڙهي وڃن ۽ پو ڪڏهن خيال اچي ته الله جي ڪلام کي ۽ سچ ۽ حق جي راهه کي کڻي ڇنڊي ڦوڪي، چميون ڏئي وري مٿي رکي ڇڏيون ۔۔۔ ؟
    *ڇا اسين، سنڌي ٻولي سان ٿيندڙ ٻه اکيائي تي پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون، اهو سمجهي ته سنڌي ٻولي نه رهندي ته ڇا ٿيندو، هندستان کان آيل اردو آهي نه ۔۔۔ آمنا صدقنا ۔۔۔؟
    *ڇا اسين سنڌي ثقافت کي مرندو ڏسي، پاڻ بچائي گهر ڀيڙا ٿيون ته اسانجو ڇا اجرڪ، ٽوپي، رلهي ۽ ٻيا ساز سامان ويا ته ڇا ٿيندو، پيارو پاڪستان ته آهي نه۔۔۔؟
    *ڇا اسين سنڌ جي شهرن تي ڌارين جو قبضو ٿيندي ڏسون ويٺا ۽ سنڌين جا ٽپڙ ۽ لاش اندرون سنڌ ويندي ڏسندا رهون ۔۔۔؟
    * ڇا ڪراچي جهڙي شهر ۾ سنڌين کي ٽين درجي جي حيثيت سان ڏٺو وڃي ۽ سندن لئه تعليمي ادارا بند ڪيا وڃن ته اسين وات ۽ ۔۔۔۔۔۔ تي هٿ رکي پنهنجا سوراخ بند ڪري ڇڏيون ۔۔۔ ؟
    *ڇا سنڌ جي معدنيات، زراعت، گيس پئٽرول، ڪوئلو، سمنڊ ۽ ٻيا اقتصادي وسيلا سنڌين تي خرچ ٿيڻ بجا انهن ماڻهن تي ٿيندا هجن جي سنڌين کي گڏهن گهوڙن هڪلڻ وارا چوندا هجن يا اهو چوندا هجن ته بنگلاديش تي پري هو انڪري آزاد ٿي ويو پر سنڌي ته بغل ۾ آهن، جڏهن چاهيون ته پياري فوج پيدل ئي سنڌ لتاڙي ماريندي ۔۔۔؟ اهو سڀ ڪجهه ڏسي به ماٺ ڪري ويهي رهون.؟

    دوست! ڪاڪا آزادي قومون وٺنديون آهن، ّشخص ناهن وٺندا، ها شخصي ڪردار اهم حصو ضرور هوندا آهن پر آزادي جو ڪل ناهن هوندا ۔۔۔ سيد، قريشي، سرڪي، مگسي، ابڙا يا ڪاڪا سڀ پاڻ ۾ ملندا ته ڪم ٿيندو نه ته اوهانجي ڳالهه جيئان نعرا ئي رهندا، حقيقت جو روپ نه ٺهندو، اچو ته هڪٻئي کي سنڀالي اڳتي وڌون ۽ پنهنجي قوم کي هڪ سٺي ۽ سهڻي راهه تي هلائي پاڻکي هن دنيا ۽ ايندڙ دنيا ۾ سرخرو ڪريون ۔۔۔ سنڌ نه تنهنجي آهي نه منهنجي آهي، سنڌ اسانجي آهي ۽ اسانکي ئي سڀ ڪجهه ڪرڻو آهي ۔۔۔ اميد ته منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا ۔۔۔

    دعائن ۾ گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو