سال 2019 پاڪستان لاءِ ڪيئن رهيو.. ؟ (رحمت تنيو)

'مختلف موضوع' فورم ۾ رحمت علي طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2020۔

  1. رحمت علي

    رحمت علي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪراچي
    سال 2019 پاڪستان لاءِ مختلف ڇڪتاڻن جي ورچڙهيل رهيو. سياسي گرمي پد وڌڻ سان گڏ مهانگائي به چوٽ چڙهي. عدليه جي فيصلي ته هڪ نئون بحث ڇيڙيو. آصف زرداري، مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، خورشيد شاهه سميت مخالف جي ڌر اهم اڳواڻن جون گرفتاريون به ٿيون. ٻي پاسي انهي سال دهشتگرد ڪارروايون به مڪمل طور بند نه ٿي سگهيون، ڪيترن دهشتگرد واقعن ۾ ڪيترائي مارجي ۽ زخمي ٿي ويا. عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ ايتري ته واڌ آئي جو ٽماٽا 400 کان 500 رپيا في ڪلو تائين پهتا. سال 2019 صحت جي حوالي سان به بدترين رهيو، ان سان گڏ ڪيترائي اهم واقعا پڻ ٿيا.

    سياست

    گذريل ڊگهي عرصي کان پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا خراب ٿيندا رهيا آهن، پر هن سال اهي لاڳاپا ويتر بگڙجي ويا، جڏهن 14 فيبروري تي ڪار بم ڌماڪي ۾ 40 ڀارتي سڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا. ڀارت روايتي طور پاڪستان تي الزام هنيو ۽ پاڪستان انهن الزامن کي رد ڪيو. ان واقعي جي 12 ڏينهن بعد يعني 26 فيبروري تي ڀارتي هوائي فوج پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿي هوائي حملي جي ناڪام ڪوشش ڪئي. پر ڀارت دعوائون ڪري رهيو ته ڀارتي هوائي حملن سبب سوين ٺڪاڻا تباهه ڪري سوين دهشتگردن کي ماريو ويو آهي.

    ان کان ٻي ڏينهن 27 فيبروري تي پاڪستان طرفان جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي جنگي جهاز پي لوڊ ڇڏي جان بچائي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڪستاني هوائي فوج جي جوابي حملي ۾ هڪ ڀارتي جنگي جهاز تباهه ٿي پاڪستاني حدن ۾ ڪري پيو. جهاز مان هڪ پائيليٽ اڀي نندن جان ته بچائي پر کيس پاڪستاني فوج گرفتار ڪري ڀارت جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. جڏهن ته ڊگهي عرصي کان ايل او سي تي ڇڪتاڻ به جاري آهي، ان سبب سميت ٻين معاملن تي پاڪ ڀارت لاڳاپا بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿيندا پيا وڃن.

    وزيراعظم عمران خان ان سال آمريڪا، سعودي عرب ۽ ايران سميت ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪري ملڪي سربراهن سان ملاقات ڪيون.

    وزيراعظم عمران خان جڏهن آمريڪا دور ڪري ٽرمپ سان ملاقات ڪئي ۽ ٽرمپ پاڪ ڀارت لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي ته تڏهن اميد پڻ جاڳي هئي ته ان طريقي سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، پر ڀارت ٽرمپ جي ان بيان تي سخت ردعمل ڏنو، ڀارت ابتو والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت ختم ڪري پنهنجي نقشي هيٺ آڻي ٻرنديءَ تي تيل هاريو.

    گڏيل قومن ۾ وزيراعظم عمران خان تاريخي تقرير ڪئي، جيڪا مختلف معاملن سميت ڀارت جي رويي تي پڻ هئي. ان تقرير سان هڪ سٺي ڇاپ ضرور پئي پر اهڙو ڪجهه عملي طور ٿيندي نظر نه آيو.

    ملڪي سياست ۾ رڌڻو تڏهن پيو جڏهن مولانا فضل الرحمان 27 آڪٽوبر تي آزادي مارچ ڪڍي اسلام آباد روانو ٿيو. آزادي مارچ جي شروع وارن ڏهاڙن ۾ ته ڏاڍو هُل مچيو ته اجهو وفاقي حڪومت وئي. پر مولانا مختلف ڌرين سان ڳالهيون ڪري نيٺ 12 ڏينهن بعد اسلام آباد ۾ لڳايل ڌرڻو ختم ڪري، تحريڪ جي ٻئين مرحلي “پِلان بي” جو اعلان ڪيو. جنهن تحت سڀني صوبن جا اهم شاهراهه بلاڪ ڪيا ويا، پر ڪجهه ئي ڏينهن بعد مولانا به چپ چاپ ڪري ويهي رهيو ۽ حڪومت جي مٿي جو سور به لٿو.

    27 نومبر تي آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي داخل ڪرايل درخواست جڏهن سپريم ڪورٽ ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني ته سياسي ۽ عسڪري ڌرين ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي. سپريم ڪورٽ جي بيانن مان لڳو پئي ته هن ڀيري ايڪسٽينشن وارو معاملو اڪلائي نئين تاريخ لکي ويندي. پر پوءِ مختلف سبب چئجن يا ڪا ٻي وجه، سپريم ڪورٽ آرمي چيف جي 6 مهينن واڌ ڏيندي حڪومت ۽ پارليامينٽ کي ايڪسٽينشن معاملي تي قانونسازي جو حڪم ڏنو.

    ملڪي تاريخ ۾ سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو. اهو سنگين غداري ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي صدر ۽ فوجي آمر پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائڻ آهي. پهرين ته اهو فيصلو 27 نومبر تي اچڻو هو، پر حڪومت درخواست جمع ڪرائي ان ڏينهن فيصلو روڪرائي ڇڏيو هو. 16 ڊسمبر تي نيٺ سپريم ڪورٽ اهڙو ته فيصلو ڏنو جو عسڪري ڌريون تپي باهه ٿي ويون. ٻي پاسي پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت به ان فيصلي خلاف بيهي فوجي آمر جي حمايتي هجڻ جو ثبوت ڏنو. ان فيصلي کي به مختلف سازشن جي ور چاڙهيو ويو. تفصيلي فيصلي جي پيرا نمبر 66 تي ايترو ته هل هنگامو مچايو ويو، جو جنهن مان لڳو پئي ته اجهو اهو فيصلو ردي جي ٽوڪري ۾ پيو. ان پيرا موجب جيڪڏهن پرويز مشرف سزا تي عمل ٿيڻ کان اڳ مري وڃي ته سندس لاش ڏيهه آڻي ٽن ڏينهن تائين ڊي چوڪ تي ٽنگيو وڃي. هڪ ڳالهه ته ضرور آهي ته ڀلي فيصلي تي عملدرآمد نه ٿئي پر اهو ڀيرو آهي جو ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن فوجي آمر کي غدار ڪوٺيو ويو. هونئن ته سدائين سويلين کي غدار جا ٺپا لڳائي بدنام ڪيو ويندو هو.

    وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت

    جڏهن کان هاڻوڪي حڪومت آئي، تڏهن کان مهانگائيءَ ۾ ايتري ته واڌ آئي جو عام ماڻهو کاڌي پيٽي جي شين کان به محروم بڻجي ويو. وڏي حيرت جي انتها اها آهي ته رڳو ٽماٽي جي في ڪلو 4 کان 5 سئو رپين تائين پهتو. ان سان گڏ ملڪي معيشت به ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي پئي وڃي، آءِ ايم ايف کان قرض ورتو ويو، جنهن جي شرطن تحت مهنگائي وڌي، مهانگائي وڌڻ سان هيٺيون طبقو ويتر پيسجڻ لڳو. ٻي پاسي هن ملڪ ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوان طبقو آهي، انهن لاءِ سستي تعليم ۽ ٻين سهولتن جي اڻهوند سبب اهو طبقو به ڪاوڙيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شاگردن مارچ ڪڍيا. هوڏانهن بيروزگاري جو ڪاٽو به تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، گريجوئيٽ نوجوان نوڪرين لاءِ ڌڪا ٿاٻا کائي رهيا آهن. وفاقي حڪومت نوڪريون ۽ گهر ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر اهي سکڻا اعلان ئي ثابت ٿيا.

    20 جولاءِ تي قبائلي علائقن فاٽا کي صوبي خيبر پختونخوا ۾ شامل ڪري چونڊون ڪرايون ويون. ان فيصلي سان قبائلي علائقن جي رهواسين کي تمام گهڻي خوشي ٿي، چونڊن ۾ هنن پنهنجا پنهنجا نمائندا چونڊيا.


    دهشتگرد ڪارروايون، حادثا ۽ واقعا

    هن سال جي شروعات ۾ جنوري مهيني دوران ئي دهشتگردي جا 4 واقعا ٿيا، 5 جنوري تي پشاور ۾ سنهري مسجد ڀرسان ڪار بم ڌماڪي سبب ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي ويا هئا. ان کان هڪ ڏينهن بعد 6 جنوري تي بلوچستان جي ضلعي پِشين ۾ موٽرسائيڪل ۾ نصب ڪيل بم ڌماڪي سبب 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. جڏهن ته پنجگور ۾ فرانٽيئر ڪارپس ڀرسان هڪ ٻئي ڌماڪي ۾ سڪيورٽي اهلڪار سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

    9 جنوري تي ضلعي رحيم يار خان ۾ ڪراچي-اسلام آباد گئس پائيپ لائين کي ڌماڪيدار مادي ٽارگيٽ بڻايو ويو. ان واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

    19 جنوري تي پاڪستان جي ساهيوال اندر هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏيو. سي ٽي ڊي هڪ ڪار تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 گلن جهڙا ٻارڙا معجزاتي طور بچي ويا پر سندن والدين گولين جو کاڄ بڻجي کائنن سدائين لاءِ وڇڙي ويا.

    21 جنوري تي بلوچستان جي علائقي حب ۾ مسافر بس ۽ ٽينڪر جي ٽڪر ۾ 26 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 16 زخمي ٿي پيا هئا.

    26 جنوري تي لورا لئي ۾ ڊي آءِ جي آفيس تي آپگهاتي بمبار حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 پوليس اهلڪارن سوڌو 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ جڏهن ته 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حملي جي ذميواري تحريڪ طالبان قبولي.

    11 جولاءِ تي صادق آباد ريلوي حادثي ۾ لڳ ڀڳ 26 ماڻهو فوت ٿي ويا.

    30 جولاءِ تي پاڪ فوج جو جهاز راولپنڊي جي بحريا ٽائون ڀرسان ڪري تباهه ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا.

    24 سيپٽمبر تي آزاد ڪشمير ۾ زلزلو آيو، هڪ ڀيرو ٻيهر آيل زلزلي سبب 40 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا جڏهن ته ساڍا 850 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جڏهن ته روڊ رستن سميت عمارتن کي تمام وڏو نقصان پهتو.

    31 آڪٽوبر تي هانءُ ڏاريندڙ هڪ ٻيو حادثو پيش آيو. پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان ۾ ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ ريل تيزگام ۾ اوچتو باهه لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گھٽ 75 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. 2005 کانپوءِ اهو ريل حادثو تمام خطرناڪ هو. 2005 ۾ گهوٽڪي ريل حادثي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا هئا.

    صحت جي صورتحال، سڀ کان گهڻو نقصان سنڌ کي پهتو

    هن سال خاص ڪري سنڌ اندر صحت جي حوالي سان بهتر نه رهيو. جون مهيني ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس پکڙجڻ سبب 7 سئو کان وڌيڪ ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا نڪتا، جن ۾ ساڍا سئو کان وڌيڪ ٻارڙا شامل آهن.

    هن سال جي اونهاري واري مند ۾ سموري ملڪ اندر ڊينگي وائرس به تباهيون مچايون. 47 کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي سبب فوت ٿي ويا ۽ 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي متاثر رهيا.

    ان سان گڏ سنڌ اندر ڪتي جي چڪ جي ويڪسين نه هجڻ سبب ڪيترن ئي معصوم حياتين جو انت ٿيو. ڪتي جي چڪڻ جا سوين واقعا پيش آيا، پر سنڌ حڪومت صحت جون ٻيون سهولتون ته ٺهيو، پر ڪتي جي چڪ جي ويڪسين به فراهم نه ڪري سگهي.

    موسمي حوالي سان هن سال ۾ ڪيترو ئي جاني توڙي مالي نقصان ٿيو، خاص طور سنڌ جي ٿر ۽ ڪراچي ۾ موسمي ڦير گير سبب گهڻو نقصان ٿيو. ٿر ۾ تيز برساتن ۽ وڄ ڪرڻ سبب 30 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا، جڏهن ته ڪراچي ۾ چوماسي جي برساتن سبب 17 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو