سال 2019ع ؛ ملڪي خبرن جي آئيني ۾.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    *ــ جنوريء ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ضلع لاڙڪاڻي جي شهر رتوديرو ۾ پکڙيل ايڇ آئي وي ايڊز کي ٻئي درجي جي ايمرجنسي قرار ڏنو.پاڪستان ۾ ڦهلجندڙ ايڊز مان اها ان ڪري نرالي قرار ڏني ويئي جو ان ۾ ڦاٿل اڪثريت ٻارن جي آهي.آڪٽوبر ۾ ڪيل سروي موجب اٽڪل 1100 ماڻهو جن ۾ 900 ٻار شامل آهن انهن ۾ اهو وائرس لڌو ويو.اها رپورٽ رڳو 27000 ماڻهن جي اسڪرينگ ذريعي حاصل ڪئي ويئي جڏهن ته ماڻهن جي اڪثريت اڃا تائين اسڪرينگ نه ڪرائي آهي.صحت کاتي جي آفيسرن ان مرض جي واڌ بابت جيڪي سبب ٻڌايا انهن مان هڪڙو وڏو سبب استعمال ٿيل سرنجن جو ٻيهر استعمال آهي.

    * ـــ 2019ع جي گرمين ۾ پاڪستان ۾سوين ماڻهو ڊينگيء سبب مري ويا جڏهن ته هزارين متاثر ٿيا.وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون بنان ڪنهن مناسب ڪاروائيء جي خاموش تماشو ڏسنديون رهيون.

    * ـــ 6 جنوري تي پشين جي علائقي جان ادا ۾ ٿيل هڪ بم ڌماڪي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 9 ماڻهو زخمي ٿيا.اهو بم بلوچستان ليويز جي گاڏيء کي نشانو بنائڻ لاء هڪ موٽر سائيڪل ۾ فٽ ڪيو ويو هو. هڪ ٻئي واقعي ۾ پنجگور ۾ ايف سي جي گاڏيء کي نشانوبنايو ويو جنهن ۾ ٻه ماڻهو زخمي ٿيا.

    * ـــ 9 جنوريء تي ضلع رحيم يار خان ۾ ڪراچي اسلام آباد گئس پائيپ لائين کي دهشتگرديء جو نشانو بنايو ويو پر خوشقسمتيء سان ڪپو جاني نقصان نه ٿيو.

    * ـــ 29 جنوري تي لورالائيء ۾ دهشتگرد ڪاروائيء ۾ 9 ماڻهو جن ۾ 8 پوليس وارا شامل هئا مري ويا جڏهن ته ٻاويهه ڄڻا زخمي ٿيا.اهو حملو هٿياربندن ۽ آپگھاتي حملي آورن ڊي آئي جي آفيس کي نشانو بنائڻ لاء ڪيو.تحريڪ طالبان پاڪستان ان حملي جي ذميداري قبولي ورتي.

    * ـــ فيبروري ۾لائين آف ڪنٽرول تي پاڪ انڊيا فوجي محاذ آرائيء ۾ گھڻو اضافو ٿيو.اها ڇڪتاڻ ان آپگھاتي ڪار بم واقعي کان پوء وڌي جنهن ۾ انڊيا چاليهه فوجي مارجي ويا هئا.دهشتگرد گروپ جيش محمد انهيء حملي جي ذميداري قبولي هئيئهندستان مبينه طور تي ان حملي جي ذميداري پاڪستان تي عائد ڪئي هئي جڏهن ته پاڪستان ترديد ڪندي ان کي هندستان جو اندروني معاملو قرار ڏنو. ان واقعي جي ٻارهن ڏينهن بعد ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي خلاف هوائي حملا ڪيا.هندستان پاران 26 فيبروريء تي بالاڪوٽ تي هوائي حملو ڪيو ويو جنهن جي جواب ۾ پاڪستان 27 فيبروريء تي هندستان جي والاريل ڪشمير ۾ ايئر اسٽرائيڪ ذريعي انڊيا جي هڪ جهاز ايم آئي جي 21 بيسن کي ڪيرائي ان جي پائلٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪري ورتو جنهن کي پهرين مارچ تي واپس هندستان حوالي ڪيو ويو.

    * ـــ 19 جنوري تي پنجاب ڪائونٽر ٽيريرزن ڊپارٽمينٽ ( سي ٽي ڊي) طرفان ساهيوال ۾ هڪ سوزوڪي ڪار ۾ سوار خاندان کي نشانو بنايو ويو.ڪار ۾ سوار دوڪاندار محمد خليل،سندس زال نبيلا،سندن 13 سالا ڌيء اريبا ۽ سندن ڊرائيور ذيشان موقعي تي ئي مري ويا جڏهن ته خليل جي جي پٽ عمير کي زخم رسيا جڏهن ته سندس ڀيڻ حديبه معجزاڻي طور تي بچي ويئي.پوليس پهرين ته اها دعويٰ ڪئي ته ڪار ۾ ٻارن کي اغوا ڪندڙ هئا پر ّليل جي بيان ۽ بعد ۾ وائرل ٿيل وڊيو بعد پوليس جا بيان ڦرندا رهيا.بهر حال اهو نهايت ئي المناڪ سانحو هو جيڪو پيش آيو.

    * ـــ 11 جنوري تي صادق آباد وٽ هڪ ريلوي حادثو ٿيو جتي ڪوئيٽا ويندڙ اڪبر ايڪسپريس ريلوي اسٽيشن تي بيٺل هڪ مال گاڏيء سان ٽڪرائجي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ ريلوي انجڻيون مڪلمل طور تي تباهه ٿي وييون.انهيء حادثي ۾ گھٽ ۾ گھٽ چوويهه ماڻهو موت جو شڪار بڻيا.

    * ـــ 30 جولائي تي پاڪستان آرمي جو جهاز بحريه ٽائون راولپنڊيء ويجھو ڪري تباهه ٿي ويو.انهيء ۾ سوار عملي جا پنج ۽ 13 سويلين ماڻهو به موت جو شڪار ٿيا جڏهن اهو جهاز هڪ آباديء مٿان ڪريو.

    * ـــ 2019ع ۾ ڪشمير واري زلزلي پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آندو.24 سيپٽيمبر تي آيل ان زلزلي شدت ريڪٽل اسڪيل تي 5.6 ريڪارڊ ڪئي ويئي.ميرپور آزاد ڪشمير ۾ گھڻو نقصان ٿيو جتي اٽڪل چاليهه ماڻهو مري ويا.

    * ــــ 31 آڪٽوبر تي پاڪستان ريلوي جي تيزگام پيسينجر ٽرين جيڪا ڪراچيء کان راولپنڊي وڃي رهي هئي ته مبينه طور تي بوکين ۾ موجود گئس جي چلهن مان باهه پکڙجي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 75 ماڻهو مري ويا ۽ سوين زخمي ٿيا.

    *ـــ 31 آڪٽوبر تي حڪومت خلاف شروع ڪيل مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ اسلام آباد پهتوجنهن ۾ اپوزيشن جي سمورين جماعتن طرفان وزير اعظم عمران خان جي استعيفا ۽ نين چونڊن جو مطالبو ڪيو ويو.اهو مارچ جيڪو بعد ۾ ڌرڻي ۾ تبديل ٿي ويو سو آخر 13 نومبر تي بنان ڪنهن ظاهري نتيجي جي ختم ٿيو.

    *ــ 28 نومبر تي اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف نيٺ لنڊن روانو ٿي ويو.انهيء کان اڳ کيس لاهور هائي ڪورٽ طرفان ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.ميان نواز شريف جنهن کي ميڊيڪل بورڊ اميونز ڊس آرڊر جو شڪار قرار ڏنو سو سندس ڀاء شهباز شريف ۽ پنهن جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان سميت هڪ قطري ايئر ايرمبولنس ذريعي لنڊن روانو ٿيو.

    * ـــــ ٽي مريض جان جي بازي هارائي ويٺا جڏهن ڊسمبر ۾ وڪيلن ڊاڪٽرن سان تڪرار کي جواز بنائي لاهور جي پنجاب انسيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجيء تي حملو ڪري ڏنو. ڊاڪٽرن ۽ ٻئي ميڊيڪل اسٽاف مختلف جڳهن تي لڪي پنهنجي جان بچائي.وڪيلن اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ مريضن جي علاج ۾ رخنو وڌو.

    *ــ سپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي مدي ۾ واڌ متعلق فيصلي ۾ ڇهن مهينن جي مشروط واڌ جي اجازت ڏيئي ڇڏي ۽ حڪومت پاران عدالت کي يقين ڏياريو ويو ته ڇهن مهينن اندر ان سلسلي ۾ گھربل قانونسازي ڪئي ويندي.ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جنرل باجوا جي مدي ۾ ڪيل ٽن سالن جي حڪومتي واڌ واري فيصلي کي رد ڪري چڪي هئي.

    * ـــ سالن جي دير بعد آخر ڪار هڪ خاص عدالت اڳوڻي صدر ۽ ڊڪٽيتر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۽ آئين ٽوڙڻ واري ڪيس ۾ سندس خلاف ڦاهيء جي سزا جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. فيصلي کان اڳ حڪومت اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ اهو فيصلو روڪرائڻ جي لاء درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي اسلام آباد هائي ڪورٽ خاص عدالت کي اهو فيصلو ٻڌائڻ کان روڪيو هو پر خاص عدالت اهو جواز ٻڌائي فيصلو ٻڌايو ته خاص عدالت ڪنهن هائي ڪورٽ جي اختيار هيٺ نٿي اچي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو