سوبيا
سينيئر رڪن
ڪراچي: موسميات کاتي موجب ڪي پي ڪي، بلوچستان، پنجاب، سنڌ ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه علائقن ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي جي رپورٽ موجب آچر ۽ سومر تي بلوچستان جي ميداني علائقن ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي.
موسميات کاتي پاران برسات ۽ برفباري پوڻ ڪري ڄاڻايل علائقن جي ماڻهن کي محتاط رهڻ ۽ لاڳاپيل ادارن کي هوشيار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران پنجاب ۽ سنڌ جي ميداني علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو رهندو.
ڪالام، دير، پٽن، ميرکني، بالاڪوٽ، مالم جبا، چترل، دروش، سيد و شريف، ڪوئيٽا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ شديد سيءُ رهندو.