عمران خان جو بدلجندڙ موقف ...!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    خدا خدا ڪري خانصاحب جي پراڻن ٻن بيانين جن مان پهريون اهو ته ” ماضيء جي حڪمرانن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو” ۽ ٻيو اهو ته ”ڪنهن کي به نه ڇڏيندس،سڀني کي جيل ۾ وجھندس“ وارن بيانين مان جان ڇٽي.هاڻي خان صاحب هڪ نئون بيانيو ايجاد ڪري ورتو آهي سو اهو ته هر طرف مافيائون ئي مافيائون آهن جيڪي کيس پنهنجو ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين توڙي جو خان صاحب انهن مافيائن مان ڪنهن جو به نالو کڻڻ لاء تيار ناهي البت ميڊيا جي حوالي سان هن اهو ارشاد فرمايو ته ميڊيا ۾ به وڏيون وڏيون مافيائون ڪم ڪري رهيون آهن.هن وقت تائين عمران خان جو بدقسمتيء سان اهو الميو رهيو آهي جو هو ملڪ کي درپيش سنگين مسئلن ۽ عوامي معاملن طرف سنجيدگيء سان ڪو ڌيان ڏيڻ ۽ انهن جي حل طرف ڪا واضح حڪمت عملي اختيار ڪرڻ بدران عوام کي مختلف ٽرڪن جي بتين پويان لڳائيندو رهيو آهي.هاڻي هن کي هڪ ٻي نئين ٽرڪ جي بتي هٿ اچي ويئي آهي سا آهي مافيائن جي حڪومت ۽ مافيائن جي سازش.يعني اڄ اوچتو خان صاحب تي اهو راز کلو آهي ته هن ملڪ ۾ مافيائن جي حڪومت آهي حالانڪه اها ته هڪ پراڻي ۽ طي ٿيل سچائي آهي ته هن ملڪ ۾ مافيائن جي حڪومت سدائين قائم ۽ دائم رهندي ٿي اچي ۽ انهيء ۾ اها ڪهڙي نئين ڳالهه آهي جنهنجو انڪشاف پنهنجي حڪومت جي ڏيڍ سال گذرڻ بعد خان صاحب عوام اڳيان ڪري رهيو آهي.مزي جي ڳالهه اها ته انهن مافيائن کي پڪڙي اندر ڪرڻو ناهي ها البت انهن سان وڙهڻو ضرور آهي .هاڻي ايندڙ ڏينهن ۾ قوم انهيء نئين ڪهاڻي ٻڌڻ لاء پنهن جن ڪنن کي تيل هڻي جيڪي خان صاحب جو پويون رينگٽ ٻڌندي ٻڌندي پچي پيا هئا.مطلب اهو ته هاڻي جڏهن به عمران خان ۽ سندس وزيرن ۽ مشيرن کان ڪنهن به عوامي مسئلي جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو ته اهو جواب ايندو ته مافيائون کين ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.يعني بجلي۽ گئس ڏينهون ڏينهن ڇو مهانگي ٿي رهي آهي ته جواب اهو ايندو ته مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.مهانگائي عوام جو ڪفن ڇو کائي ويئي آهي جواب اهو ته مافيا،پوليس ۽ ٻين ادارن ۾ سڌارا ڇو نٿا اچن؟ جواب اهو ته مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.نيب جي اختيارن کي صدارتي آرڊيننس ذريعي ڇو محدود ڪيو پيو وڃي ۽ ڪاروباري طبقن ۽ آفيسر شاهيء ۾ موجود مافيائن کي هر احتسابي عمل کان آزاد ڇو ڪيو ويو آهي؟ جواب اهو ته مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.حڪومتي صفن ۾ موجود ملزمن جو احتساب ڇو نه ٿي رهيو آهي؟ جواب مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.پنجاهه لک گھرن ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو معاملو ڇا ٿيو؟ جواب اهو ته مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.هاڻي خان صاحب کان ڪو اهو پڇڻ جي به جسارت ڪري ته پوري اڌ پاڪستان تي مسلط ڪيل لاڏلي پوزدار کي ڪهڙيء مافيا مقرر ڪيو آهي؟ چونڊيل وزيرن مشيرن بدران ٻاهران امپورٽ ڪيل سڄي معاشي ٽيم کي ڪهڙي مافيا مسلط ڪيو آهي؟اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا صوبن کي وفاق طرفان سندن آئيني حق مهيا ڪرڻ کان منع ڪري رهي آهي؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن ناصر درانيء کي پوليس سڌارن کان روڪي کيس واپس گھر موڪلي ڇڏيو؟ ايف آئي جي هڪ نهايت ئي ايماندار آفيسر بشير ميمڻ کي ڪهڙي مافيا زوريء موڪل تي موڪلي کيس وقت کان اڳ رٽائرمينٽ تي مجبور ڪيو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن عمران خان کي ڪوئلالامپور وڃڻ کان روڪيو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن آرمي چيف جي مقرريء ۾ واڌ لاء جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي حوالي سان ادارن جو تماشو بنايو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن رانا ثناء الله کي بنان ثبوتن جي گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو؟ اها ڪهڙي مافيا هئي جنهن نواز شريف جو نالو اي سي ايل تان ڪڍي کيس سرڪاري پروٽوڪول سان ٻاهر موڪليو؟ڪهڙي مافيا آهي جنهن ڊالر جو اگھه آسمان تي پهچائي ڇڏيو؟ اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن هاڻوڪي حڪومت کي ڏيڍ سال اندر گذريل حڪومت جي پورن پنجن سالن واري قرض کان به مٿي قرض وٺڻ تي مجبور ڪيو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا حڪومت کي پارياليامينٽ ۾ قانونسازي ڪرڻ بدران وٽانئن ڌڙا ڌڙ صدارتي آرڊيننس جاري ڪرائي رهي آهي؟ اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا حڪومت کي ماڊل ٽائون واقعي،ساهيوال سانحي ۽ پي آئي سي الميي جي جوابدارن خلاف ڪاروائيء کان روڪي رهي آهي؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن حڪومت کي هڪ ڊڪٽيٽر جي بچاء ۾ عدالت وڃڻ تي مجبور ڪيو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا اٽي ۽ ٽماٽن جو اگھه گھٽائڻ ئي نٿي ڏئي؟ اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا ڏينهون ڏينهن دوائن جا اگھه پنهنجي مرضيء سان وڌائيندي ٿي وڃي ۽ حڪومت کي انهيء تي ڪو ضابطو آڻڻ نٿي ڏئي؟آخر اها ڪهڙي اڻ ڄاتل مافيا آهي جيڪا خان صاحب کان روزانو عجيب غريب بيان ڏياري پوء کيس يوٽرن وٺڻ تي مجبور ڪري ٿي؟مطلب اهو ٿيو ته ويچارو وزير اعظم ته هن قوم ۽ ملڪ لاء گھڻو ڪجهه ڪرڻ گھري ٿو پر ظالم مافيائون آهن جيڪي هن کي ڪوبه ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.انهيء سادگيء تي صدقو ٿيڻ لاء دل گھري ٿي. سچ اهو آهي ته جڏهن ڪنهن ڪم ڪرڻ جي نيت ئي نه هجي ته پوء چوندا آهن ته ” نيت کوٽي عذر گھڻا” سو خان صاحب،گھڻو ٿيو،هاڻي هن قوم تي ڪجهه رحم کائو. ماڻهن کي اجايو نت نين ٽرڪن جي بتين پويان لڳائڻ ۽ اٺ پکي جيان واريء ۾ منهن هڻڻ بدران سخت حقيقتن کي قبول ڪندي پنهن جون نااهليون ۽ ناڪاميون تسليم ڪريو ته اوهان پوري ڏيڍ سال ۾ سواء قصن ۽ ڪهاڻين جي ٻيو ڪجهه به ڊليور نه ڪري سگھيا آهيو.حالتون سڌرڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن.حڪومتن ۽ رياستن جا معاملا ايئن ناهن هلندا جيئن اوهان هلائڻ گھرو ٿا.اهڙي غير سنجيدگي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ته شايد هلي وڃي پر حڪومتي معاملن ۾ ”تر جي گٿي سو چوٽون کائي“ وارو اصول هلندو آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته اوهان جي چوڻ موجب اوهان مافيائن جي جنهن ڄار ۾ ڦاٿل آهيو انهيء مان نڪرڻ لاء اوهان کي ڪهڙي مدد جي ضرورت آهي؟اوهان کي ڪٿان ڪا ڪمڪ رواني ڪجي جو اها ڪو سيف آپريشن ڪري اوهان کي ريسڪيو ڪري سگھي.جڏهن نيب ترميمي آرڊيننس تي رات وچ ۾ صدارتي صحيح بعد اوهان پنهنجن دوستن کي مبارڪون ڏيندي خوشخبري ٻڌايو ٿا ته ” وڃو،هاڻي اوهان آزاد آهيو.“ ته بهتر اهو ئي آهي ته نيب جهڙا فضول ادارا ئي بند ڪري ڇڏيو جن تي هن غريب قوم جو پئسو اجايو ضايع ٿي رهيو آهي.

    ”آپ هي اپني ادائون پي ذرا غور ڪرين ــ هم عرض ڪرين گي تو شڪايت هوگي.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو