• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محترم سائين بيدل مسرور کي جنم واڌايون۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
سنڌ جي هڪ مهان شخصيت جيڪي هڪ ئي وقت ليکڪ به آهن ته پروڊيوسر پڻ۔۔۔۔ ۽ ان کانسواءِ سندن آواز جنهنجي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي۔۔۔۔ سندس ڳلي مان جڏهن نڪتل قومي گيتن جو آواز نڪرندي ٻڌندو آهيان ته سچ پچ هڪ سرور جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي۔۔۔۔
جي ها مان ڳالهه ڪري رهيو آهيان سنڌ جي عظيم ۽ مهان شخصيت محترم بيدل مسرور جن جي۔۔۔۔۔

28jfwcg.jpg

اڄ سندن جنم ڏينهن آهي ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي پوري ٽيم طرفان کيس ڀيٽا ڏيندي سائين کي جنم واڌايون ڏجن ٿيون۔۔۔۔

هن موقعي تي سندس سريلي آواز ۾ نوجواني ۾ ڳايل ڪجهه قومي گيت ونڊ ڪجن ٿا۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=BJ3TUXJIBuo

http://www.youtube.com/watch?v=Dd8yBEVqEpM

http://www.youtube.com/watch?v=xl5OGHkzliQ

http://www.youtube.com/watch?v=HDkFGfWdlSo

http://www.youtube.com/watch?v=PYyJOoYmZDc

http://www.youtube.com/watch?v=amSOlkHR9b0

http://www.youtube.com/watch?v=wZGIVplWMko

هوئن ته پاڻ اهڙا کوڙ سارا اهڙا گيت ڳايا آهن جيڪي تمام گهڻو مشهور ويا پر سندس ڳايل شيخ اياز جو ”مان ڏوهي هان۔۔۔“ گيت ايترو ته پسند ڪيو ويو جو کيس هر جڳهه تي فرمائيش ڪري ٻڌو ويندو آهي۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=zPlM5SSn8io

سندس اهو ئي گيت تازو ڳايل آهي۔۔۔ سندس نئين روپ سان ڳايل ساڳيو گيت حاضر آهي۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=n3UeumNROgs
 
جواب: محترم سائين بيدل مسرور کي جنم واڌايون۔۔۔

واه ادا رشيد صاحب واه ادا رشيد صاحب توهان ته منهنجي پسند جي شخصيت جو ذڪر ڪيو آهي جنهن لاء توهان جي نوازش ۽ قرب چئبا، ادا رشيد صاحب تقريبن اڄ کان ڏه سال پهرين مان سچل ڳوٺ ۾ رهندو هئس ( ڪٽپر چونڪ وٽ ) ۽ اتي سائين بيدل صاحب سان پهرين ملاقت ٿئي هئي، ۽ بيدل صاحب ٿورو اڳڀرو رهندا هئا، شايد مون کي ياد اچي ٿو ته سندس گهر جي گيٽ مٿان ( آشيانه مسرور لکيل پڻ هو) اهو به اهڙي ريت ته بيدل سائين سچل ڳوٺ جي مسئلن لاء پاڻ پتوڙي رهيو هو ۽ سچل جي سنڌي ماڻهن سان ملي رهيو هو، کيس ان وقت به ڏاڙهي هئي مگر هلڪي چاپائين ڏاڙهي هئس۔ ۽ ايترن سالن کانپوء مون هاڻ هڪ سنڌي ٽي وي چينل تي سندس ڳايل ڪلام ( سچ وڏو ڏوهاري آهي ) ڏٺم ۽ ٻڌم ا(ن بزرگ واري انداز ۾) ۽ پوء مون ان کي اچي يوٽيوب تي ڳوليو ۽ ڳولڻ کانپوء مون سندس ڳايل اهو ساڳيو ڪلام ( نئين انداز وارو ۽ پراڻي انداز وارو ٻئي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيا۔) جيڪي توهان پڻ هت ونڊ ڪيا آهن
برحال ڀاء اهڙي ونڊ لاء توهان جا لک لائق ۽ مهربانيون
 
جواب: محترم سائين بيدل مسرور کي جنم واڌايون۔۔۔

مهرباني رشيد صاحب توهان بيدل مسرور جو تعارف پڻ .ڪرائي ڇڏيو
 
جواب: محترم سائين بيدل مسرور کي جنم واڌايون۔۔۔

بيدل مسرور، سنڌ سان ائين محبت ڪندو آهي جيئن ڪو عاشق پنهنجي وڇڙيل محبوبه سان ڪندو هجي ۔۔۔ بيدل سنڌ جو عاشق آهي ۽ هر سنڌ جو عاشق اسانجو رهنما آهي، اسانجو سڄڻ آهي ۽ اسانجو ساٿي آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ بيدل سان منهنجي ملاقات ڪڏهن ڪونه ٿي آهي پر سندس جو ذڪر منهنجي گهر ۾ هڪ گهر ڀاتي جيئان ٿيندو آهي ۔۔۔ هاڻ جڏهن مون به سچل ۾ گهر ٺهرايو آهي ته خبر پئي ته سندس جا مبارڪ قدم منهنجي گهر جي اڱڻ تان گهمي ويا آهن ۔۔۔

اسين خوشنصيب آهيون جو هو اسانجي وچ ۾ حال حيات آهي ۽ سنڌ سان محبت جا مثال قائم ڪري رهيو آهي ۔۔۔ رب العالمين کيس وڏي ڄمار ڏي ۽ هو سنڌ جي جدوجهد جي راهه تي اسانجي بزرگن جيئان اسان سان گڏ هجي ۔۔۔ آمين
 
جواب: محترم سائين بيدل مسرور کي جنم واڌايون۔۔۔

مهرباني رشيد صاحب توهان بيدل مسرور جو تعارف پڻ .ڪرائي ڇڏيو
 
جواب: محترم سائين بيدل مسرور کي جنم واڌايون۔۔۔

جنهن نه مٽي جي خوشبو کي ڄاتو هتــــي،
جنهن نه سانگين جي سنڱ کي سڃاتو هتي،
تنهن سان ڪــــــهڙو، منهنجو نــاتو هتـــــي۔

بيدل جو آواز ۽ قومي جذبي سان هي گيت ٻڌي، اندر جا اڌما ائين پيا ڇوليون هڻن جيئن سانوڻيءَ ۾ وهي آيل رائيس ڪئنال لاڙڪاڻي شهر جي پل مان گذرندي ڪندي هئي۔۔۔۔

ڪاش، اسين سنڌي هڪ مٽ ٿي ڌرتيءَ جي اهميت ۽ قومي سڃاڻپ کي سڃاڻي سنڌ جو مان اوچو ڪري سگهون ۔۔۔ ڪاش ڪاش ۔۔۔ ڪاش !!!!
 
Back
Top