سنڌي ادب جي سونهڻ جو سيبتو شاعر، صحافي ۽ليکڪ فقير محمد سنڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    سنڌي ادب جي سونهن جو ساٿي سيبتو شاعر ، صحافي ۽ محقق فقير محمد سنڌي .


    جيئند علي مهر .

    بي ڪي اورنگ جو خيال آهي ته، "دنيا اندر هر شيء ممڪن آهي، بشرطيڪ اوهان ۾ همت ۽ جذبو موجود هجي. "اهڙي طرح فقير محمد سنڌي به پنهنجي زندگيءَ ۾ ناممڪن کي ممڪن بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هي نثري نظم به جذباتي منظر ۾لکيل آهي.


    مان کپڻ ٿو چاهيان .


    مان کپڻ ٿو چاهيان،

    ڇو جو!؟

    مان دراوڙ آهيان.

    ڀونءِ سَڄي جو وارث آهيان،

    مان سنڌو سڀيتا جو وارث هان،

    پيار امن جي نگري منهنجي،

    هاڻ تنهن نگريء کي کپائڻ ٿو چاهيان،

    موئن جو نگر منهنجي سڃاڻپ،

    پنهنجي سڃاڻپ کپائڻ ٿو چاهيان،

    منهنجي ايراضي سڄي سنڌو سڀيتا،

    نگر نگر ڪوٽ قلعا، کپائڻ ٿو چاهيان

    ڇو جو مان دراوڙ آهيان.

    مون کي هر دور ۾ کپايو ويو آ،

    ڪڏهن وري قبضي هيٺ رکيو ويو آ،

    تنهن لاءِ...!

    هاڻ.

    ڀونءِ سَڄي کپائڻ ٿو چاهيان.

    رنگ سمورا پنهنجي چمن جا،

    هڙئي هاڻ کپائڻ ٿو چاهيان.

    درس ڏنا رهبر جتي قوميت جا،

    ان درسگاھ کي به کپائڻ ٿو،

    چاهيان...!

    هي مڪلي، ٽلٽي ، ڪينجهر ۽ منڇر،

    سڀ جا سڀ کپائڻ ٿو چاهيان.

    هي ٽينڊر منهنجي ضمير جو واڪ آ،

    بي ضمير ٿي ضمير کپائڻ ٿو چاهيان.

    هي سنڌو منهنجي ميراث آ،

    هن سنڌو جو هر دودو ۽ دولھ کپائڻ،

    ٿو چاهيان...!

    ( ف.م سنڌي )


    شاعري اندر جو آواز آھي ، جيڪي ڳالهيون اسين عام رواجي زندگيءَ ۾ اظهاري نٿا سگهون ، ٿوڙي جو انهن جو اثر آھُنِ ، دانهن ، جي ذريعي اسان جي سوچ تي ڇاپجي ٿو وڃي ....پوءِ سڀني وارتائن کي پنهنجي جذبن ۾ سهيڙي ڪوتائن جو روپ پارائجي ٿو .

    هڪ تخليڪار ايڏو ته حساس ماڻھو هجي ٿو جنهن کي پنھنجي ديس جو درد ، بک تي پاھُ مارو ماڻھن جي دانهن ، انسانذات جو اونو ڪولين جي ساھ کان به نازڪ نفيسڙو محسوس ٿيندو هجي ، جنهن ۾ روح جي بيچيني ، راهن ۾ وڇايل ڪنڊن جو درد ، نيڪيءَ بدلي بدي جهڙن بهتانن جو به پنهنجي ارد گرد ماحول جو اثر جو عڪس اولڙا ڏئي ظاهر ٿي پوي ٿو ....

    ته وري منزل طرف روان دوان اسان جي سينواريل معاشري جي روين جو الجهيل سٽَ کي سلجهائيندي

    ڪي ڪي ماڻھو اهڙا ته ڏسندي ئي ڏسندي اکين جي آڱر ۾ ڇانئجي ويندا آھن ، جو ڄڻ ته انهن سان صدين جو سفر گڏوگڏ ڪيو هجي ...ءِ ٻئي پاسي وري ڪجھ اهڙا ماڻھو به هوندا آھن ، جن کي چاهيندي به دل جو دروازو ٽپڻ ئي ناهي ڏبو ...

    اهوسڀ ڇو ٿو ٿئي ....

    اها ڪهڙي ڪاميابي آھي جيڪا پرائي ماڻھوءَ کي پنهنجو پاڻ ساھ ۾ سانڍڻ تي مجبور ٿي ڪري ....


    جي ها ، اها ئي ڪردار جي ڪاميابي ، ضمير جي سجاڳي ، شعور جي سلڇڻائپ ، محبتن جي مڃتا ئي اڳتي وڌڻ جا رستا ڳولي ڳولي منزل تي پڄائڻ جي مضبوطي آڇي پئي ...

    اسان جي سنڌي ادب جو هڪ اهڙو سيبتو ڪردار به آھي جنهن کي اڄ اسين شاعر ، محقق ، صحافي ريڊيو ڪمپيئر طور به سڃاڻون ٿا ، جنهن هن وقت تائين 08 ڪتاب سنڌي ادب جي سونهن بڻايا آھن .

    01 وچن وفا جا .

    02 جاني جيون جوڙ .

    03 قلمڪار ڪوي .

    04 عظيم هستين جا عظيم
    قول،شخصیتن جا خاڪا ۽ قول

    05 سنڌ جي تاريخ ، سهيڙيل تاريخ وار ،2013ع

    06 گڻ جنهن جا ڳائن ماڻھو .( حفيظ کوهارو جي فن ءِ شخصيت تي )

    07 سنڌ جي قديم تارسخ جو هڪ ورق،( جي ايم رئيساڻي جي زندگي بابت)

    08 سونهن سمبارا ، ريڊيو اسڪرپٽ،2019ع

    ان سان گڏ ادب لاءِ ڪيل خدمتون سدائين ساراھڻ جهڙيون ئي رهيون آھن ، پو انهن ۾ کڻي نوجوانن جو ادبي فورم هجي ، يا کڻي اياز ادبي اوطاق ...
    فقير محمد سنڌي قلمڪار پبليڪيشن جو نگران ، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جو ڪمپيئر ، ايڊيٽر قلمڪار مئگزين جو ، ايگزرڪٽو ايڊيٽر روزاني ارادو لاڙڪاڻو جو ءِ چيف ايڊيٽر روزاني قلمڪار اخبار لاڙڪاڻو جو هن وقت به صحافتي ذميواريون سنڀالي رهيا آھن ...
    فقير محمد سنڌي هڪ اداري جهڙي شخصيت آھي ، جنهن مان اسان کي گهڻو ڪجھ سکڻ لاءِ ملي رهيو آھي ،
    سندس اڄ سالگرھ جي ڏينهن تي اسين دل جي گهراين منجهان پنهنجي ادبي ساٿي کي انهن دعائن سان خوشين جا جهول کڻي محبتون ارپيون پيا ، شال سدائين سکيو رهي ، جڳ جڳ جيئو سوَ بهارون ماڻيو ...
    فقير محمد سنڌي جو هڪ غزل سندس نالي سالگرھ جي نان ءِ ڪجي ٿو ...

    پرين منھنجي دل کي ڏکائي وئين ڇو،
    حياتي سڄي تون جلائي وئين ڇو.

    وفائن جي بدلي ڪري بيوفائي،
    تتل رڻ تي ظالم رُلائي وئين ڇو.

    وفا تو ۾ ناهي، سو ارمان آهي،
    محبت جي عيوض وڃائي وئين ڇو.

    کلائي هزارين، وئين لوڪ مون تي،
    پرين داغ تون ڀي، لڳائي وئين ڇو.

    سدا يار صدمن ۾ سنڌي گڏائي،
    فقط آسرن ۾ رهائي وئين ڇو..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو