• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان آهيان خدا بخش سولنگي۔

خدا بخش

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي سڀني محبتي ساٿين کي السلام عليڪم سنڌي ٻوليء‌ ۾‌ هي پيارو فورم ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي سائين رحيم بخش ڏاهري جن هن فورم متعلق مون کي ڄاڻ ڏني منهنجو نالو خدا بخش آهي مان سولنگي قوم سان تعلق رکان ٿو هن وقت غوثيه مدرسه ۾ تدريس جو ڪم ڪندو آهيان ان سان گڏ يونائيٽيڊ پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول بائي پاس ٽائون مورو ۾ پڻ تدريسي فرائض سرانجام ڏيندو آهيان اميد ته هن فورم تي رهي ڪري ڪجهه سنگت سان شيئر ڪري ۽ ڪجهه سکبو ۔ دعائن ۾ ياد۔
 
جواب: مان آهيان خدا بخش سولنگي۔

سائين توهان جو تعارف ٻڌي خوش ٿي يقينن اسان کي توهان مان سٺي معلومات ملندي سلام عليڪم
 
جواب: مان آهيان خدا بخش سولنگي۔

سنڌ سلامت جي سڀني محبتي ساٿين کي السلام عليڪم سنڌي ٻوليء‌ ۾‌ هي پيارو فورم ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي سائين رحيم بخش ڏاهري جن هن فورم متعلق مون کي ڄاڻ ڏني منهنجو نالو خدا بخش آهي مان سولنگي قوم سان تعلق رکان ٿو هن وقت غوثيه مدرسه ۾ تدريس جو ڪم ڪندو آهيان ان سان گڏ يونائيٽيڊ پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول بائي پاس ٽائون مورو ۾ پڻ تدريسي فرائض سرانجام ڏيندو آهيان اميد ته هن فورم تي رهي ڪري ڪجهه سنگت سان شيئر ڪري ۽ ڪجهه سکبو ۔ دعائن ۾ ياد۔
اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا انهي آس سان ته سنڌ ڌرتي جي خدمت توهان هن محبتي اڱڻ تان پنهنجي صلاحيتن وسيلي سدائين سرانجام ڏيندا رهندا،۔ شال جُڙيو هُجو ادا خُدا بخش سولنگي۔
 
جواب: مان آهيان خدا بخش سولنگي۔

ماشاء الله اسانجي سولنگي دوستن ۾ اضافو ٿئي پيو ۔۔۔ هن وقت به اسانجا ٻه سهڻا سولنگي بلڪل حاضر رهندڙ دوست آهن ۔۔۔ ۽ هاڻ خدا بخش سولنگيءَ مان پڻ اميد آهي ته هو به ڀيرو نه ڀڃندو ۔۔۔

ادا خدا بخش، ڀلي ڪري آيا، جي آيا، اسانجو حيان ٿڌو، جڏهن به ڪو سنڌي سڄاڻ دوست هن اڱڻ تي ايندو آهي ته پنهنجي سگهه ۾ به اضافو ٿيندو آهي ۽ اڱڻ وڌيڪ روشن نظر ايندو آهي، اسانجو دوست رحيم بخش ته هن اڱڻ جو معلم به آهي ته ساٿي به، سندس مهربانيون جو سهڻا دوست اسانجي سٿ ۾ شامل ڪرائي ٿو ۔۔۔

سائين خدا بخش، اسانکي اميد آهي ته جيئن رحيم بخش اسانجي اڱڻ تي علم جا ڏيئا ٻاري رهيو آهي، ايئن اوهان به هن اڱڻ تي پنهنجي خوشبو کڻي ايندا ۽ اسانجي چڱائن تي اسان جا ساٿي ٿيندا ۽ اسانجي براين تي اسانجي اصلاح ڪندا ۔۔۔

چڱا ڪـــــــن چڱــــــايون، مدايون مـــــدن،
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن۔

اچو ته هڪٻئي سان چڱايون ڪري، هڪٻئي جي منزل آسان ڪريون ۔۔۔۔ رب اسان سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
 
جواب: مان آهيان خدا بخش سولنگي۔

welcome159.gif
 
جواب: مان آهيان خدا بخش سولنگي۔


او اهو ٿي ادو ممتاز!۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا سولنگي صاحب اسان پاران به توهان کي هن اوطاق تي اچڻ‌ تي ڀليڪار ، اميد ته مچ کي مچائي ويهندا۔۔۔۔ اگر کير پاڻي کپي ته حڪم ڪجو۔۔۔۔۔۔۔ باقي اسان واري ادي علي علي جي لڳي ٿو ڀوري مينهن اڳڀري ٿي وئي آهي۔۔۔۔

خيئر ميلن کي مچائيندا رهندا۔۔۔۔

مهرباني


welcome%20flowers.jpg

flowers1.jpg
 
جواب: مان آهيان خدا بخش سولنگي۔

سائين خدا بخش صاحب توهان کي سنڌ سلامت جي فورم تي ڀليڪار.
 
جواب: مان آهيان خدا بخش سولنگي۔

سولنگي صاحب۔ اوهان کي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت جي فورم تي ڀليڪار چئجي ٿو۔۔۔ اميد ته سنڌ جي ادب ٻولي ۽ حالتن بابت اوهان جا سٺا ليک ڏسڻ لاءِ‌ملندا۔۔
 
جواب: مان آهيان خدا بخش سولنگي۔

سولنگي صاحب توهان کي هتي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي۔ ۽ مان اوهان کي هتي اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو۔ دعائن ۾ ياد
 
Back
Top