• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسئلا ئي مسئلا

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
دوستو السلام عليڪم...
ڪافي ڏينهن پيٽ گذر خاطر فورم تان غير حاضر رهيم ان لاءِ ٻڌيل ٻانهون.. ;)
عرض ته هن وقت مان سرڪاري نوڪري تحت سنڌ جي ڪنهن ڏورانهين ماڳ تي آهيان هتي مون کي ڪافي مونجهارا سامهون اچي رهيا آهن جن کي ترتيب وار سنگت اڳيان ان اميد سان رکان پيوته هميشه وانگر واهر ڪندا

هتي مون وٽ نيٽورڪ تي ڪل 15 ڪمپيوٽر ڳنڍيل آهن ۽ انھن ۾ فائلز شيئر ڪرڻ لاءِ پبلڪ نيٽورڪ تي پبلڪ فولڊر ٺاھيل آھي.. مسئلو اھو آھي تہ ڪجھ ڪمپيوٽر نيٽورڪ تي موجود ڪمپيوٽرز کولن نہ ٿا بلڪ ايرر ٿا ڏين جيئن
img_58eb2b0b8b54c.png
 
منهنجو ٻيو مسئلو آهي ته هڪ ڪمپيوٽر جو پاسورڊ ڪم نه ٿو ڪري ان ۾ ونڊوز 7 ٿيل آهي ٻيهر ونڊو ان ڪري نه ٿو ڪريان ته ان جي ڊيسڪٽاپ تي ڪافي ڪم جا فولڊر ۽ فائلز رکيل آھن
 
مون سان ھڪ ٻيو مسئلو اھو بہ آھي تہ مون وٽ آفيس 2013 انسٽال ٿيل آھي ۽ ان جي پاورپوائينٽ واري سلائيڊ گري ڪلر پرنٽ ٿي ڪڍي پو ڀلي ان کي پيور بليڪ ۽ اينڊ وائيٽ سليڪٽ ڪجي
 
Back
Top