اسرئيل، ايران تي پابنديون ۽ امريڪا.........! انسان کي موت جو کاڄ بڻائي هو سک جو ساهه کڻي رهيا آهن..؟ ٿي سگهي ٿو ائين هجي به. چاڪاڻ ته سندن پالنا بندوڪ جي نوڪ تي ٿي آهي ۽ انهن جي رڳن ۾ بارود جي بوءِ ڀريل آهي. بهار جي موسمن ۾ پيار ۽ پريت جي پناهن بدران وٽن بارود جي ڇانو هوندي آهي، موت ۽ حياتي ۾ فرق جو درس ته شايد کين مليو ئي ناهي ۽ بارود جي وردي پهريلن کي اها ڪل ئي نه آهي ته ڪائنات جي خالق هڪ حياتي جي ڇا قيمت ۽ قدر مقرر ڪئي آهي، نه اها کين خبر نه آهي، پر هو اها ڳالهه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪن به ڇو، انهن ڏانهن ته دنيا جو ڪو ملڪ اشاري ڪرڻ جي سگهه به شايد نه ٿو رکي، انهن جي ناروا سلوڪ خلاف ڪو به ملڪ اٿڻ جي سگهه ۾ نه آهي. هو ڪنهن جو رت وهائين: ان جو سبب کي کين به معلوم نه آهي.بس سندن خواهش هوندي آهي ته هو دنيا کي بارود جي دونهي سان لٽيل ڏسن. ڪجهه ڏينهن اڳ غزا ڏانهن امدادي سامان کڻي ويندڙ قافلي فريڊم فلوٽيلا سان ڪجهه اهڙو کي سلو ڪ ٿيو. يهودي فوجي اهلڪارن جهاز مٿان فائرنگ ڪري قافلي ۾ سوار مسافرن جون زندگيون اجاڙيون ۽ باقي رهيلن کي حراست ۾ وٺي پنهنجي سرد خانن حوالي ڪري ڇڏيو. اسرائيل هونئن به فلسطيني عوام ٿان ڏاڍ ۽ جبر جي روايت ۾ ڪا گهٽائي نه آندي آهي، پر ان جي همدرد ملڪن سان پڻ هميشه تڪراري رهيو آهي، تنهن هوندي به دنيا جا سگهارا ملڪ توڙي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪڏهن به ان خلاف ڪو اثرائتو قدم نه کنيو آهي. 27 ڊسمبر 2008ع واري شام جو اسرائيلي هوائي فوج غزا شهر مٿان ڪاهه ڪئي، هزارين شهرين کي ابدي ننڍ سمهاري ڇڏيو، شهرن کي اجاڙي ڇڏيو، تعليمي درسگاهن ۾ شاگردن کي علم ڏين بدران گولين جوک کاڄ بڻايو، ان وقت به گڏيل قومن جي سلامتي ڪاوئسل رڳو اسرائيل جي اهڙي جارحيت خلاف مذمتي ٺهراءَ منظور ڪرايو، ڪڏهن به ان خلاف ڪو اثرائتو قدم نه کنيو. دنيا جي اڪيلي ايٽمي اسلامي ملڪ پاڪستان مٿان ته ڊو مور لاءِ دٻاءُ وڏو ٿو وڃي، ڊاڪٽر عافيه صديقي کي سلاخن ۾ بند ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ٿو وڃي، فيصل شهزاد به گرفتار ٿي وڃي ٿو ايران مٿان به سخت پابنديون وڌيون وڃن ٿيون ته اسرائيل مٿان دٻاءَ ڇو نه ٿو وڏو وڃي، ڇا هو پوري دنيا کان طاقتور ملڪ آهي.؟؟ ڊاڪٽر عافيه کي ڪهڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، ڪو به ثبوت نه آهي، پاڪستان جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ان جي آزادي لاءِ مظاهرا ٿيا، پر ڪنهن تي ڪو به اثر نه ٿيو، پاڪستان سرڪار به ڪو اهڙو قدم نه کنيو آهي جنهن مان رڳو ڊاڪٽر عافيه جي گرفتاري جو سبب معلوم ٿي سگهي. ها جيڪڏهن حڪومت ڪو اهڙو قدم کڻڻ چاهي ٿي ته آمريڪا ڊو مور جو مطالبو ڪري پاڪستان حڪومت کي مونجهاري جو شڪار ڪريو ڇڏي. ڇو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف امريڪا جو اهم ساٿاري ملڪ آهي، اها دهشتگردي جيڪا شايد امريڪا جو اتحادي ٿيڻ کان اڳ پاڪستان ۾ شايد نه هئي پر اوچتو بم ڌماڪن جهڙين ناسوز راهن ۾ پاڪستان به شامل ٿي ويو. آمريڪا پاڪستان کي ڊو مور لاءِ دٻاءَ ڇو ٿو وجهي رڳو ان لاءِ ته دهشتگردي جو خاتمو اچي، پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسرائيل ته دهشتگردي ڦهلائي رهيو آهي ته ان خلاف ڪارروائي کان ڇو ڪيٻايو پيو وڃي. اسلامي دنيا اسرائيل جي جارحيت خلاف آواز ته اٿاريو آهي پر امريڪا ۽ گڏيل قومن جي خاموشي اسلامي دنيا لاءِ هڪ سواليه نشان بڻيل آهي.................................... حفظ الله ڪاڪا ڪلفٽن ڪراچي
جواب: اسرئيل، ايران تي پابنديون ۽ امريڪا.........! عالمي ادارو يو اين او ته اسرائيل جهڙي ملڪن جي سرپرستي ڪرڻ ۽ مسلمان ملڪن جي حقن جي پامالي ڪرڻ لاءِ ئي ٺاهيو ويوآهي۔۔