• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آءٌ آھيان ابوبڪر قمبراڻي

ابوبڪر قمبراڻي

سينيئر رڪن
منھنجو نالو ابوبڪر قمبراڻي آھي ۽ آءٌ ڪجھ ڏينهن اڳ ھيءُ فورم جوائن ڪيو آھي،جڏھن تہ منھنجو برادر محترم ادا عبدالوهاب قمبراڻي ڪافي عرصي کان ان فورم جا رکن آھن.ھن فورم کي ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي ته ماشاءالله سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ اسان جا ڀائر ھر قسم جا اپاءَ پيا وٺن.
بھرحال آءٌ تعلقي ڪنڌڪوٽ ضلعي ڪشمور جو رھواسي ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ديني تعليمي اداري جامعه دارالعلوم ڪراچي جو طالب علم آهيان ۽ يونيورسٽي آف ڪراچي جو بي_اي جو پرائيويٽ اسٽوڊنٽ پڻ آھيان.
اميد اٿم ته ھن فورم مان ان شاءالله گھڻو ڪجھ سکڻ لاء ملندو.
اوھان سڀني ڀائرن دعائن جي درخواست آھي.
والسلام
خيرانديش
دعاگو ۽ دعاجو
ابوبڪر قمبراڻي بلوچ.
 
آخري ترميم:
Back
Top