• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻوليون

ابوبڪر قمبراڻي

سينيئر رڪن
السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته!
ڪنھن بہ معاشري ۾ ٻوليءَ کي ھڪ خاص اھميت حاصل ھوندي آھي.دنيا ۾ اھي قومون ڪڏھن به ناڪام نه ٿينديون آھن جيڪي پنهنجي ٻوليءَ جي حفاظت ۽ ان جي واڌ لاءِ اپا وٺنديون آھن.ھن فورم کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ته ماشاءالله اسان جا ڀائر سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ ھر ممڪن جاکوڙ ڪري رهيا آھن.
الله سائين جي فضل وڪرم۽ جامعه دارالعلوم ڪراچي جي عظيم استادن جي محنت سان آءٌ الحمدلله سنڌي،انگريزي،عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکي ۽ پڙھي سگھان ٿو الحمدلله. فللہ الحمد والشڪر.
ھن فورم ۾ شموليت کان اڳ آءٌ فيس بڪ تي فارسيءَ جو ھڪ گروپ جوائن ڪيو ھو ۽ گروپ ممبران جي خواهش سان آءٌ ھڪ يوٽيوب چينل اسٽارٽ ڪري ان تي فارسيءَ ڪلاسز جو آغاز ڪيو،ان کان پوءِ ان شاءالله ساڳي ئي چينل تي آسان انداز ۾ سنڌي ٻوليءَ جون ڪلاسز بہ شروع ڪيون وينديون،۽ انداز اھڙو اختيار ڪيو ويندو جو اسان جا اردو ڳالهائيندڙ ڀائر به ان مان استفادو ڪري سگھن،اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن جو ذڪر ان لاءِ ڪيو ويو جو ھو ويچارا سنڌ ۾ رھندي سنڌي ٻوليءَ ۾ اظھار ما في الضمير نه ڪري پيا سگھن، ۽ سنڌ ۾ مئٽرڪ ۾ سنڌي لازمي آهي ۽ سنڌ نه اچڻ ڪري اھي سنڌي ۾ پيپر لکي نه سگھندا آھن ۽ نتيجو انھن جي گھٽ مارڪن جي صورت۾ ايندو آھي.
ان لاء اوھان کي درخواست ٿي ڪجي ته فارسي سکڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ۽ ترقيءَ لاء منھنجي يوٽيوب چينل کي پاڻ به سبسڪرائيب ڪندا ۽ پنھنجن پيارن سان پڻ ان لنڪ شيئر ڪندا.
چينل جو نالو:ھمڪلام ميڊيا سروسز
HAMKALAAM MEDIA SERVICES
چينل جي لنڪ:
https://www.youtube.com/channel/UCAD3hRm8UbzM8505hLzny-w
 
Back
Top