• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو تعارف

طاھر حسين ڪلوڙ

سينيئر رڪن
منهنجو نالو طاھر حسين ڪلوڙ آهي.
منهنجو تعلق ضلعي گهوٽڪي سان آهي
.
سنڌ ادب علم سان ڏاڍو اتساھ رکندو آهيان، مالڪ جا ڪروڙين احسان آهن جو منهنجي سمورو خاندان سنڌ ادب علم سان محبت ڪندڙ آھن، منهنجو چاچو مرحوم پروفيسر صوفي محمد صديق ڪلوڙ سنڌ ادب جو سٺو علم رکندڙ انسان ھيو، جنهن ۾ سنڌ ادب علم جي وڏي صفت پاتي ويندي ھئي، منهنجا چاچا سائين سنڌ ادب علم جا پڻ ھڪ سٺا شاعر ٿي گذريا آهن، پڻ سندس ڪتاب "تنھنجي تند تنوار" سنڌ ادب ۾ سٺي مقبوليت حاصل ڪئي ۽ منهنجي چاچي کان متاثر ٿيندي منهنجي وڏي ڀاءُ شاعر بشير احمد ڪلوڙ ۽ ننڍي ڀاءُ شاعر فواد حسين ڪلوڙ سنڌ ادب علم جي طرف وک وڌائي ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ فواد حسين ڪلوڙ ھن وقت سنڌ ادب علم سان تعلق رکندڙ ننڍڙي عمر جا تمام بهترين شاعر آهن، آئون پنهنجي پياري ڀائرن جي ان ڪاوشن کي ڏسي ڪري ۽ سنڌ سلامت سٿ جي تمام دوستن جي ڪاوشن کي ڏسي ڪري آئون بہ سنڌ ادب علم جي طرف وک وڌائي رھيو آھيان، توھان سڀني دوستن جي ساٿ جي ضرورت آهي.....
 
ادا السلام عليڪم. توهان جهڙي علم دوست خاندان جي ميمبر کي هن فورم جي اڳڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون. اميد ته اوهان پنهنجي ڄاڻ سان هن فورم جي ميمبرن جي ڄاڻ ۾ اضعافو ڪندا
 
ادا توهان جهڙي علم دوست خاندان جي ميمبر کي هن فورم جي اڳڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون. اميد ته اوهان پنهنجي ڄاڻ سان هن فورم جي ميمبرن جي ڄاڻ ۾ اضعافو ڪندا
 
Back
Top