گل سما واقعو ۽ زرد صحافت (رحمت تنيو)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رحمت علي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2020۔

?

توهان سنڌ اندر ٿيندڙ صحافت کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

راءِ شماري ختم ڪئي وئي ‏27 جنوري 2020.
  1. سنڌ ۾ صحافتي معيار ڪري پيو آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سٺا صحافي بچيا آهن

    1 ووٽ
    100.0%
  2. سنڌ ۾ بهتر صحافت ٿي رهي آهي، فيڪ رپورٽنگ نٿي ٿئي..

    0 ووٽ
    0.0%
هڪ کان وڌيڪ ووٽ ڏئي سگهجن ٿا.
  1. رحمت علي

    رحمت علي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪراچي
    گل سما واقعو ۽ زرد صحافت

    رحمت تنيو

    “خبر جي ذريعن بابت ڄاڻڻ، خبر جي سڀني پاسن کي سمجهڻ، خبر ڏيندڙ ذريعو اعتماد جوڳو هجڻ، خبر بابت دليل ۽ ثبوت مستند آهن يا نه؟ خبر کي پنهنجي ذاتي پسند يا ناپسند وارن عنصر کان پاڪ ڪرڻ ۽ اڻ ڌريو بڻجي اسٽوري فائل ڪرڻ وغيره وغيره...”

    مٿيون ڳالهيون صحافتي شعبي جي هر شاگرد کي ضرور ياد هونديون، ڇاڪاڻ ته يونيورسٽين ۾ موجود صحافت واري شعبي ۾ خبر بابت اهي شيون لازمي طور پڙهايون وڃن ٿيون ته اهڙي ڪنهن به خبر کي شايع يا نشر نه ڪيو وڃي، جنهن سبب ڪنهن ڌر يا مجموعي طور سماج ۽ اداري کي نقصان پهچي.

    پر جائزو وٺجي ته پاڻ وٽ جيڪا صحافت ٿي رهي آهي، ان ۾ رپورٽر انهن شين جو خيال رکن ٿا يا نه؟ گهڻو ڪري پاڻ کي اهڙيون خبرون شايع يا نشر ٿيل ملنديون آهن، جيڪي بنا تحقيق ۽ تصديق جي هلايل هجن ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ بي ڏوهي ڌر کي سماجي ۽ معاشي نقصان سان گڏ سماج اندر بدنامي جو بار به کڻڻو پوي ٿو، نه رڳو ايترو پر صحافت جي ڪريل معيار جي به پرک پوي ٿي ۽ ميڊيائي اداري جي ساک به متاثر ٿئي ٿي. خاص طور سنڌي صحافت ۾ اهو رجحان تمام گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. توهان رڳو ڪو نيوز چينل ڏسو يا ڪا اخبار کڻي جائزو وٺو ته انهن خبرن ۾ نيوز ايليمينٽس شامل آهن يا ائين هوائي ڳالهين تي ٻڌل خبر شايع يا نشر ڪئي وئي آهي. ڪجهه صحافي پنهنجي ذاتي مفاد خاطر اهڙيون خبرون هلائڻ ۾ ذرو به نٿا ڪيٻائن ته ان جا پوري سماج، متاثر ڌر يا ڪنهن ٻي تي ڪهڙا ناڪاري اثر پوندا...!

    ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻ وٽ صحافتي جيمز بانڊ هڪ اهڙي ئي خبر هلائي، جنهن بابت ڪيترائي سوال اڀرڻ لڳا ته ڇا واقعي سنڌ اندر اهڙين روايتن جنم ورتو آهي؟ يا ذاتي مفاد لاءِ خبر هلرائي وئي آهي..؟

    خبر بريڪ ڪئي وئي ته سنڌ جي ضلعي دادو جي حدن واهي پانڌي ۾ 7 ورهين جي معصوم ٻارڙي گل سما کي غيرت جي نالي ۾ سنگسار ڪيو ويو آهي. ڪجهه ئي منٽن دوران اها خبر سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي وائرل ٿي وئي، هر پاسي ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي ته سنڌ اندر اهو پهريون واقعو آهي..! جنهن بعد جڏهن عالمي سطح جي ميڊيائي اداري بي بي سي اردو جي خبر شايع ٿي ته پوءِ اها ڳڻتي جي لهر ۽ سنسني ۾ وڌيڪ واڌارو آيو. سنڌ حڪومت ، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس ايڪشن ۾ اچي ويا. جنهن بعد ٻارڙي جي والدين، جنازي نماز پڙهائيندڙ مولوي، ڪفن دفن جو سامان ڏيندڙ دڪاندار کي گرفتار ڪيو ويو.

    معصوم ٻارڙي جا پيءُ ۽ ماءٌ گرفتاري دوران ئي روئڻهارڪي لهجي ۾ ٻاڏائي رهيا هئا ته ٻارڙي کي سنگسار ناهي ڪيو ويو، جابلو ڇپ مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي آهي. پر سندن دانهن ڪنهن به نه ٻڌي.

    معاملو اڳتي وڌيو، ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو. قبر جي نشاندهي ٿيڻ تي ميڊيڪل ٽيم پهچي قبرڪشائي ڪئي، پوسٽ مارٽم ۽ ٻين رپورٽن لاءِ جزا ورتا ويا. جڏهن پوسٽ مارٽم جي رپورٽ آئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ٻارڙي کي سنگسار ناهي ڪيو ويو، اهڙيون ڪي به شاهديون ناهن ملي سگهيون، ڪا ڳري شيءَ مٿان ڪرڻ سبب ٻارڙي فوت ٿي آهي. ان سان گڏوگڏ انساني حقن واري ڪميشن جي وفد ۽ سياسي سماجي اڳواڻ پڻ جاءِ واردات جو دورو ڪيو، ۽ ڄاڻ گڏ ڪئي. ان وفد به اهو ئي نتيجو ڪڍيو ته ٻارڙي کي سنگسار ناهي ڪيو ويو.

    پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو. ۽ ٻي پاسي سوشل ميڊيا تي ڪوڙي خبر بريڪ ڪندڙ صحافي ۽ صحافتي معيار تي بحث شروع ٿي ويو.

    آزادي بعد گل سما جي امڙ ميڊيا سان ڳالهيندي روئيندي چيو ته “منهنجي ٻارڙي فوت ٿي هئي، ۽ ان جي قتل جو الزام مڙهي اسان کي ذليل ڪيو ويو، منهنجي ٻچي جي قبر جي بي حرمتي ڪئي وئي. جنهن به اسان سان اهو ڪرايو آهي، ان کي سخت سزا ڏني وڃي.

    سوشل ميڊيا تي ٻارڙي جي ماءُ جي دانهن ۽ روئڻ جي وڊيو ۽ ان واقعي تي بحث پکڙجي ويو. سنڌ جي مختلف صحافين صحافتي قدرن ۽ معيار تي سوال اٿاريا ۽ ڪوڙي خبر ڏيندڙ صحافي تي به تنقيد ڪئي.

    افيئر ميگزين جي ايڊيٽر علي رند لکيو ته “جيڪڏهن ڪنهن حادثي ۾ ڪنهن جي ٻارڙي فوت ٿي وڃي، ۽ سندس والدين کي گرفتار ڪيو وڃي، جڏهن ان ڪوڙي خبر جو سچ سامهون اچي وڃي ته پوءِ ان گٽر صحافت جو حساب ڪتاب ڪنهن کا ورتو وڃي؟”

    ٽوئيٽر تي امداد علي سومري ان واقعي تي اردو ۾ لکيو ته “اهل دانش و عقل، ڪهتي هين ڪي سوال مت اٺائو، عقل ڪي اندهي بن جائو، جهوٽي خبر پر يقين ڪرين. تحيقيقات ڪي بغير مان جائين ڪو گل سما سنگسار هوئي. اپني هي بچي ڪي قتل ڪي الزام مان باپ ڪو لگي هٿڪڙي پر سوال نه اٺائين...مت پوڇين ان صحافيون سٿ ڪه ان ڪي پاس ڪيا ثبوت هين”.

    ڏٺو وڃي ته ڪوڙ تي ٻڌل خبرن جي معاملو رڳو ان ايشو تائين محدود ناهي. وڏي انگ ۾ اهڙا صحافتي جيمز بانڊ پنهنجي ڪرت جاري رکيا ويٺا آهن، جيڪي پنهنجي شهرت ۽ دولت لاءِ معاشري کي ئي بدنام ڪري ڇڏين ٿا.

    اسان وٽ الميو اهو آهي ته ميڊيائي ادارن (نيوز چينلن توڙي اخبارن) ۾ اهڙا صحافي گهڻا ڏسڻ ۾ ايندا. وڏي اچرج جي ڳالهه آهي ته جن وڏي ڏکيائي سان انٽرميڊيئيٽ ڪئي هوندي، جيڪي صحافت جي ڪا مخصوص تعليم ئي نٿا رکن، نه وري قابيلت رکن ٿا، ۽ نه ئي وري وٽن صحافتي قدرن جي ڄاڻ آهي، پر پوءِ به اهي صحافت جا وڏا وڏا ڪوٺيا وڃن ٿا ۽ صحافتي تنظيمن جا ميمبر به آهن، ڇاڪاڻ ته سندن لاڳاپا وزيرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ پوليس آفيسرن سان آهن.

    سوال اٿو اڀري ته ماس ڪميونڪيڪشن جي گريجوئيٽ نوجوانن کي ميڊيائي ادارن ۾ اسپيس ڇو نه پيو ڏنو وڃي..؟ ڪنهن حد تائين اهو مڃي به وٺون ٿا ته انهن نوجوانن کي صحافت جي عملي ڪم جو تجربو ناهي، ۽ يونيورسٽين ۾ پريڪٽيڪل ورڪ بدران ٿيوريز پڙهائڻ تي زور آهي، تنهنڪري کين عملي ڪم جي خبر ناهي. پر صفا ائين به ناهي ته اهي نوجوان ڪوڙ ۽حقيقتن تي ٻڌل خبر ۾ فرق کي نه سمجهي سگهن. ماس ڪميونيڪيشن جي شاگرد طور مون کي ڄاڻ آهي ۽ مون به ڪجهه ميڊيائي ادارن ۾ ڪم به ڪيو آهي، مون اهڙا ڪيترائي ماس ڪميونيڪيشن جا گريجوئيٽ نوجوان ڏٺا آهن، جن هن وقت تائين صحافت ۾ پاڻ مڃرائي رهيا آهن. پر الميو اهو آهي ته انهن نوجوانن کي ادارن ۾ مايوس ڪيو وڃي ٿو، کين اها جاءِ نٿي ملي، جنهن جا هو حقدار آهن. آخر اهو سلسلو ڪيستائين هلندو رهندو؟ جيڪڏهن ميڊيائي ادارن ۾ اهڙي روش جاري رکي وئي ته پوءِ سنڌ صحافت جو معيار اهو ئي رهندو، جيڪو تازو اسين گل سما واري واقعي تي ٿيل رپورٽنگ بابت ڏٺو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو