موٽر سائيڪل چوري جو توڙ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ جديد تالو۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    چوندا آهن ته سائيڪلنگ ۔۔۔ ماحول جي صاف رکڻ کان سواءِ توهان جي وزن کي ڪنٽرول رکڻ ۾ انتهائي ڪارگر آهي۔۔۔۔ پر جيڪڏهن آس پاس جي نظارن کان لطف وٺڻو هجي ته موٽر سائيڪلنگ ڀلي آهي۔۔۔
    اصل ۾ موٽر سائيڪل ٺاهڻ واري کي شايد اهو خيال آيو هوندو ته اڳتي هلي هر ماڻهون وٽ موٽر ڪار هجڻ ڪري ٽريفڪ جا اهڙا مسئلا ٿيندا جو وقت تي آفيس وڃڻ يا ڪنهن ڊاڪٽر تائين پهچڻ ڏکيو ٿي ويندو ۔۔۔ پوءِ ڇو نه ٻن ڦيٿن واري سائيڪل ٺاهجي جيڪا موٽر تي هلي ۽ ننڍين ننڍين ڳلين کان به گذري سگهي۔۔۔
    اهڙو خيال اڄ جي دور ۾ واقعي فائديمند ثا بت ٿيو آهي۔۔۔ پر ان خيال مان سڀ کان وڌيڪ فائدو موٽر سائيڪل چورن کي ٿيو آهي۔۔ شال نه گاڏي ڪاٿي بيٺل هجي يا وري سنسان روڊ تان گذري۔۔۔ بس ان گاڏي کي حاصل ڪرڻ لاءِ فائر ڪرڻ به سندن لاءِ‌ ڪو ڏکيو عمل نه آهي۔۔۔۔
    ڪجهه ڏينهن اڳ دادو شهر مان ڏينهن ڏٺي جو واردات ٿي وئي۔۔ توهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته گذريل هڪ سال کان آفيس ويندڙ همراه پنهنجي بائيڪ جي هڪ ڦيٿي کي تارنما تالي سان هڪ بجلي جي پول سان لاڪ ڪري ويندو هو۔۔۔ پر ان ڏينهن ڦيٿو پول سان ٻڌل هو باقي بائيڪ گُم هئي۔۔۔۔

    هن دفعي موٽر سائيڪل چورن کي روڪڻ لاءِ هڪ ڪمپني The Halo Bike Lock نالي هڪ اهڙو تالو تيار ڪيو آهي جيڪو گول سرڪل نما ۽ فليڪسيبل آهي۔۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]
    هي هڪ سخت پر هر پاسي حرڪت ڪندڙ مادي سان تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي وڌيڪ پائيدار بنائڻ لاءِ‌ هڪ مضبوط تار کي وچ ۾ رکيو ويو آهي۔۔۔ ٻن حصن ۾ ٽٽل هن تالي کي جڏهن جوڙبو ته هي هڪ سرڪل وانگر ٿي پوندو۔۔ هن جي اضافي خوبي اها آهي ته هن کي جڏهن ٽوڙڻ يا زور آزمائي جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن موجود وائرليس ڪارڊ جي ذريعي توهان جي موبائيل تي ايس ايم ايس ذريعي اطلاع پهچي ويندو۔۔۔
    جنهن کان پوءِ چاهيو ته پوليس کي تڪڙو اطلاع ڏيو يا وري خود فلمي هيرو جو ڪردار نڀائيندي پنهنجي بائيڪ کي بچايو۔۔۔ پر سوال اهو آهي ته ڇا اهو هتان جي موٽر سائيڪل چورن کان اسانجي بائيڪ کي محفوظ رکي سگهندو ۔۔۔ آزمائيش شرط آهي۔۔۔۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: موٽر سائيڪل چوري جو توڙ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ جديد تالو۔۔۔

    تمام بهترين معلومات سنگيت سان شيئرن ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: موٽر سائيڪل چوري جو توڙ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ جديد تالو۔۔۔

    بهترين.........سائين هاڻي ته چور ويچارا بک مرندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو