سنڌي ادب جو نرالو ڪردار، عبدالجبار عاطف جوڻيجو ابراهيم لاشاري سنڌ امڙ جي شهداد ڪوٽ واري شهر کي اهو اعزاز رهيو آهي ته هن شهر ،هن علائقي جي چيڪي مٽي قديم وقت کان وٺِي ڪيترن املهه انسانن کي پنهنجي ڪک منجهان جنم ڏنو آهي هن شهر ڪيترين ئي سياسي ، سماجي ادبي ، ،ثقافتي ،ڪردارن جي ڪري سڄي سنڌ منجهه سڃاتو وڃي ٿو جن پنهنجي ڪيل ڪم ڪري ديس جي ماڻهن کان هميشه داد پئي ورتو آهي اهڙي ريت شهداد ڪوٽ کان اتر طرف بلوچستان ويندڙ رستي تي قائم قديمي ڳوٺ اميد علي جوڻيجو جي نيڪ مرد شخصيت جناب گل حسن جوڻيجو ڀاڳ واري شخصيت بڻيو جو سندس جي گهر سردي واري ٿڌڙي موسم جنوري مهيني جي 6 تاريخ سال 1971ع اربع جي ڏينهن اڄ کان 49 سال اڳ هڪ حسين جميل شفيق ننيگر عبدالجبار جوڻيجو نالي ابهم جنم ورتو جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادب جي دنيا منجهه (عبدالجبار عاطف ) طور سڃاڻپ ڪرائي اڄ ڌينهن تائين تحقيق ، تاريخ ، شاعراڻي ۽ سماجي ڪردار واري مزاج سان متحرڪ نظر اچي پيو پاڻ جڏهن پڙهڻ واري عمر جي لائق بڻيو ته والدين پنهنجي اباڻي ڳوٺ واري اسڪول منجهه ڦرهي هٿ ۾ ڏئي اسڪول ۾ ويهاريو اتان هن ٻارڙي عام رواجي طور پنج درجا پاس ڪري تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي مئٽرڪ جو امتحان سال 1986ع ڌاري ڳورنميٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول شهداد ڪوٽ منجهان نهايت بهترين نمبر ۾ پاس ڪري ڏيکاريو انٽر جي تعليم ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ سال 1988ع گريجوئيشن سال 1990ع ۽ پوسٽ گريجوئيشن سنڌي ادب سال 1992ع شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڊگري حاصل ڪئي پاڻ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جو سندون پڻ حاصل ڪري چڪو آهي سنڌ جو هي ناليوارو اديب سال 1988ع کان وٺي ادبي دنيا منجهه داخل ٿيو پاڻ دنيا جي عظيم شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جي شاعري جي مختلف سرن جو وسيع مطالعو ڪري (شاهه جي شاعري منجهه پکين ۽ جانورن ) جو ذڪر تي هڪ بيحد سٺو تحقيقي مقالو لکي پنهنجو نالو نروار ڪرايو. عبدالجبار عاطف جوڻيجو صاحب سرڪاري نوڪري جي سلسلي منجهه پهريان ڪلرڪ طور پير پاتو مڱر ڪلرڪ پيشعو سندس طبعيت ڀانءِ نه رسيو ڪلرڪ جي پوسٽ کي الوداع ڪري پاڻ پڙهڻ پڙهائڻ واري شعبي سان سلهاڙجي پهريان بطور (جي ايس ٽي ) اڳوڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي مختلف هاءِ اسڪولن منجهه درس و تدريس وارو فرض نهايت ايمانداري سان پورو ڪندي نظر آيو سنڌي ادب سان شغف هجڻ سس پاڻ خاموش ٿي نه ويو سنڌ جي هن بهترين استاد محنت ڪندي آگسٽ مهيني سال 2002ع ڌاري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌي شعبي سان سلهاڙجي ڊگري ڪاليج شهداد ڪوٽ منجهه ليڪچرار مقرر ٿيو پاڻ ترقي ڪندي تازو نومبر 2018ع ڌاري ساڳي ئي ڪاليج منجهه اسسٽنٽ پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جو هيڊ طور پنهنجا فرض نهايت احسن نموني ادا ڪندي نظر اچن پيا