گذريل سال يو ٽيوب انتظاميا، مقابلي ۾ ايندڙ مختلف وڊيو اپلوڊنگ جي سهولت ڏيندڙ سائيٽس کان گوءِ کڻڻ لاءِ سندس سائيٽ تي اپلوڊ ٿيندڙ وڊيوز جي ڪوالٽي بهتر بڻائڻ لاءِ YouTube Full HD ٽيڪنيڪ متعارف ڪرائي هئي۔۔۔ پر سال 2009 ۾ مقابلو وڌيڪ سخت ٿي ويو هن دفعي ته يوٽيوب کي مشهور تصويرون اپلوڊ ڪندڙ سائيٽس سان به مقابلو ڪرڻو پيو ان ڪري ۔۔۔ يوٽيوب انتظاميا وڏي جاکوڙ ڪندي پنهنجي ڊيٽابيس کي بهتر ۽ وڌيڪ طاقتور بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۔۔۔ انهي اپڊيٽنگ جي دوران يوٽيوب سائيٽ ڪئي دفعا جام به ٿي ته ويهي به وئي پر بحرحال اپڊيٽنگ جو مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو۔۔۔ ان اپڊيٽنگ کان پوءِ هاڻي يوٽيوب تي 4K pixel resolution جون حامل وڊيوز به ڏسي سگهبيون۔۔۔۔ هي ريزيوليشن 4096 x 2304 pixels جي برابر ٿيندي آهي۔۔۔ جيڪا يوٽيوب تي هن وقت موجود وڊيوز جي ريزيوليشن جي چئوڻ آهي۔۔۔ اهڙي ٽيڪنالاجي مان بهتر فائدو انهن کي به ٿيندو جيڪي يوٽيوب وڊيوز ڪنهن پروجيڪٽر تي ڏيکاريندا هجن۔۔۔ ۽ جيڪڏهن گهريلو ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ وٽ ڪو گرافڪ ڪارڊ به ڪمپيوٽر ۾ لڳل آهي ته اهي به هن ٽيڪنالاجي وارين وڊيوز جو صحيح مزو وٺي سگهندا۔۔۔۔
جواب: يوٽيوب ڊيٽابيس جي ڪامياب اپڊيٽنگ۔۔۔ سائين معلومات ڏيڻ لاء مهرباني ليڪن ڪافي دوستن وٽ يو ٽيوب وڊيو ڊائون لوڊ نه ٿيون ٿين ان جو ڪو حل هجي ته ٻڌائيندا.
جواب: يوٽيوب ڊيٽابيس جي ڪامياب اپڊيٽنگ۔۔۔ سائين مون وٽ ساڳئي طريقي سان وڊيو ڊائون لوڊ ٿي رهيون آهن۔۔www.savevid.com ۽ www.keepvid.com جي ذريعي اوهان آرام سان وڊيو ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا..