استاد بخاري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2020۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    بهار جي منڌ جهڙو شاعر استاد بخاري
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري


    چوندا آهن ته عام ماڻهن کان وڌيڪ شاعراڻي صفت وارا انسان نهايت حساس طبيعت جا مالڪ هوندا آهن شاعر واقع معاشري جو آئينو سمجهو ويندو آهي سندس کي معاشري ، ڌرتي جي ڏکن سکن جي پروڙ چٽي طرح دل ۾ اڌما پئا کائيندي آهي پوءِ هو پنهنجي دل جي امنگ جو آواز شاعري واري زبان منجهه عام خلق آڏو پيش ڪندو آهي اهڙي ريت پنهنجي پياري سونهن ڀري سنڌ ڌرتي اهڙن ته شاعرن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي شاعري واري آواز سان پنهنجي ڌرتي ، سماج ، معاشري ، ثقافتي رهڻي ڪهڻي کي چٽو پٽو اظهار ڪري پنهنجو پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪيو آهي اهڙي ريت دادو تعلقي جي ڳوٺ غلام چانڊيي جي معزز سيد گهراڻي جي نيڪ مرد سيد حاجن شاهه بخاري جي گهر هڪ حسين جميل ننيگر سيد احمد شاهه بخاري سياري واري سرنهن ڦولار واري منڌ منجهه 16 جنوري 1930ع اڄ کان 90 سال اڳ ڀاڳ ڀري گهر ۾ جنم ورتو ، ڇٽي جو نالو ( سيد پنهل شاهه بخاري ) رکيو ويو مڱر اسلامي مهيني عرس (ربيع الاول ) ۾ جنم ٿيڻ سبب سندس امڙ امراءَ خاتون وري پيار منجهان (عرسو ، عرسو ) سڏيندي هئي جڏهن ته اسڪول جي رجسٽر منجهه وري ( سيد احمد شاهه بخاري ) نالو درج ٿيو ، هن سٻاجهڙي سيد جو جنم سنڌ جي ساهه، سنڌو دادلي درياهه جي ڀر منجهه ٿيو ڪنهن کي اها پروڙ نه رسي ته اڳتي هلي هي سنڌ ڌرتي جي ڏکن سکن جو ترجمان امڙ امراءَ ۽ سيد حاجن شاهه بخاري جو لاڏلو پٽ ڦرهي هٿ ۾ ڪري ڪتابڙا ڪڇ منجهه ڪري ٻاراڻي مٺڙي سنڌي ٻولي منجهه ٻاراڻو گيت پيو جهونگاريندي نظر آيو پاڻ سال 1944ع ڌاري سنڌي فائنل (ڦلجيءَ اسڪول ) منجهان 14 سالن جي عمر ۾ پڙهي پاس ڪري سرڪاري نوڪري تپيداري اختيار ڪيائين مڱر سندس کي اها نوڪري طبيعت مطابق نه هجڻ سبب ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي پاڪستان آزاد ٿيڻ واري سال 1947ع ڌاري پڙهڻ پڙهائڻ واري پيغمبري پيشي سان سلهاڙجي تعليم وارو شعبو اختيار ڪري ڳوٺ حاجي غلام الرسول خشڪ ۾ پرائمري استاد بڻيو ،تنهن بعد سال 65ع 1964ع ڌاري جنت نماءَ زمين واري ٽڪري تي قائم ٿيل سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري منجهان (سنڌي ادب منجهه ايم _اي ) واري سند ورتائين استاد بخاري سال سال 1963ع کان سال 1966ع تائين (ڪي _ اين شاهه خيرپور ناٿن شاهه جي اسڪول ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر طور پڻ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو پاڻ سال 1967ع ڌاري لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج منجهه سنڌي شعبي جو ليڪچرار مقرر ٿيو استاد بخاري مختلف وقتن تي شاعري ۾ تخلص تبديل ڪندي (ڇهه ڀيرا ) تخلص استعمال ڪيو پهريون شاعري ۾ تخلص احمد شاهه هو پوءِ ( آسي) ان بعد ( دردي ) ۽ (بخاري ) به استعمال ڪيائين ، مگر پوءَ جلدي پاڻ کي( استاد )سڏرايائين .سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهوري ماڻي .سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت ،درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي، استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃان پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو.استاد بخاري ننڍي هوندي تمام ذهين هوندو هو اسڪول جي شاگردن ۾ به نمبر اول تي هوندو هو. جڌهن اسڪول جي اسيمبلي جو گهنٽ وڄندو هو ته پنهنجي مٺڙي مڌر آواز سان گيت هروز پيو چوندو هو. سندس ڳائڻ سان به بيحد دلچسپي هوندي هيئس ۽ هڪ موسيقار جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هوپاڻ گها گهر، يڪتارو، مٽ نهايت بهترين نموني سان وڄائڻ ڄاڻيندو هو ان وقت جي مشهور مقبول شاعرن جي شاعري جا الاپ پيو ورجائيندو هو .اڪثر استاد سڳورا سندس اسڪول بند ٿيڻ مهل يا وري رسيس جي مهل ڪجهه ٻول ٻڌائڻ لاءِاستاد بخاري کي فرمائش ڪندا هئا. ائين ئي سندس دل ۾ شاعري ڪرڻ جا اڌما پيا ايندا هئا ۽ پوءِ ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس 1947ع ۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعده شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري ) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ڪري چڪو هو ليڪن علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني بهرو وٺڻ لاءِ 1950/51 ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي 1950 ع واري زماني کان وٺي عمومن مشاعرن ۾ پئي بهرو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو .سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هوته اتي وڃي پهچندو هيس. سندس تعلق بزم طالب المولي انجمن ،آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ بحرو وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري استادن کان داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته

    اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو

    ۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو

    استاد بخاري کي کڻي دفن ڪيو

    ڌرتي کان مڱر ڌار ، اهو ڪيئن ٿيندو .

    .استاد بخاري صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري هڪ سادو انسان هو سندس شاعري ۾ به سادي ٻولي نروار نموني سان جاءِبجاءِ ملي ٿي پنهنجي شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي جيڪا ٽماهي رسالي ( مهراڻ ) ۾ پئي ڇپجي هئي. ان وقت عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان شاعري ڇپائڻ ۾ حوصله افزائي پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذڙڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع ،ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي،استاد بخاري شاعرن منجهه سمورن خوبين جو مالڪ هو، استاد بخاري هڪ ته سونهن جو پوڄاري ٻيوهو استاد بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي سونهن محبت ۽ پيار ڀري شاعري وسيلي نوان جذبا نئين آٿت ڏئي قوم ۾ اتساه پيدا ڪيو انهن کي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ راه ڏيکاري ۽ پنهجي شاعري وارن ٻولن ۾ صلاح ٿو ڏي ته

    سون بازار مان ڳهني وٺبو آ

    فيض مرشد کان پني وٺبو آ

    جو سمجهي ته اوهان جو حق آ

    حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ

    استاد بخاري سونهن جو شيدائي ۽ پيار جو فدائي هو هن پنهجي شاعري ۾ سونهن پيار کي امرتا بخشي هئي. استاد بخاري جا

    سندس شاعري جا 25 کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، اوتيون جوتيون ،لهر لهر دريا ءِ سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي ،نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو۽ووڪ ،ميلا ملهالا، لهر لهر لالڻ ،وطن ۽ ويساه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي نه مارئي ،هڙئي ئي هيج وطن جا، تڙتڙ تيڏيان ڳالهيان ،گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت وغيره سندس ٻيوڪا في اهڙو ڪلام جيڪوشعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهومختلف اخباري رسالن ۾ ٽريل پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيه جي شهر لنڊن ما بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي سمهاري ڇڏيو موت سندس وڌيڪ هن عظيم شاعر کي جئيڻ جي مهلت نه ڏني آخر ڪار استاد بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو شاعري جو آخري ڀيرو سٽون لکي 9 آڪٽوبر 1992ع جمعي ڏينهن هجري سن مطابق 11 ربيع آخر 1413هه تي ڪراچي ۾ 62 سال 8 مهينا 23 ڏينهن زندگي جا گذاري سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو سندس جي اڄ 16 جنوري 2020ع تي سندس جي 90 هين سالگرهه دادو کان علاوه سڄي سنڌ جي شهر منجهه ملهائي ويندي ، استاد بخاري پاڻ شاعري واري زبان ۾ ٻڌائي ٿو ته

    هونئن ته مٽي جي چپٽي آهيان ،

    جيئي سنڌ ،ته سڀڪي آهيان

    سانگين سان گڏ سالگرهه مان ،

    وڇڙي ويس ته ورسي آهيان .

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو