پروفيسر مختيار سمي جو لکيل اهم ڪتاب: دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو ٻيو)

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پروفيسر مختيار سمي جو لکيل اهم ڪتاب: دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو ٻيو)

    [آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جون يونيورسٽيون]


    رياضت ٻرڙو

    پروفيسر مختيار سمي جو تعلق ته لاڙڪاڻي سان آهي پر هُن پاڻ کي جوڙي سڄيءَ دنيا سان ورتو آهي، سو به تعليم ۽ تعليمي ادارن جي حوالي سان، جا ڳالهه کيس ٻين گهڻن ئي انهن سنڌي ماڻهن کان منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي جن يا ته دنيا جا سير سفر ڪري سفرناما لکيا آهن يا وري دنيا جي مختلف تعليمي ادارن مان اعلى تعليم پِرائي يا ته پنهنجي ملڪ ۾ موٽي آيا آهن يا وري انهن ئي ملڪن جا رهواسي ٿي ويا آهن ۽ اتي رواجي حياتي گذاري رهيا آهن. پر، پروفيسر مختيار سمي جي ڳالهه ئي اور آهي!
    پروفيسر مختيار سمي، ويجهڙ ۾، ٻه زبردست ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ سلسلي هيٺ ٻن ڀاڱن ۾ لکيا آهن، جن مان پهريون ڀاڱو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ نومبر 2017ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڀاڱو ”آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جون يونيورسٽيون“ ڊسمبر 2019ع ۾ ڇپيو آهي. پهرئين ڀاڱي ”يورپ جي يونيورسٽين“ ۾، دنيا جي اِن ترقي يافته کنڊ يورپ جي مختلف ملڪن جي بهترين ۽ مشهور 44 يونيورسٽين بابت جامع ڄاڻ ڏنل هئي، جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ”آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جون يونيورسٽيون“ ۾، انهن ملڪن جي 38 يونيورسٽين بابت ڪارائتي ڄاڻ ڏنل آهي. يعني، مختيار سمي صاحب انهن ٻن ڪتابن ۾، ايشيا ۽ آفريقا کنڊن کي ڇڏي، رهيل دنيا جي اعلى 82 تعليمي ادارن بابت اهم ڄاڻ مرتب ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ڪو به ليکڪ نه هوندو جنهن دنيا جي ايڏن نمايان تعليمي ادارن بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو هوندو. جڏهن ته ”دنيا جون درسگاهون“ سلسلي جو ٽيون ڀاڱو ”ايشيا جون يونيورسٽيون“ لکجي ته چڪو آهي، صرف مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ کان رهيل آهي، جنهن ۾ پڻ لڳ ڀڳ 50 يونيورسٽين بابت معلومات ضرور شامل هوندي! اهي سمورا مضمون، ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ کان اڳ ”ڪاوش دنيا“ ۾ مسلسل ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن.
    پر، هتي اسين ڳالهه ڪنداسين پروفيسر مختيار سمي جي نئين ڇپيل ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جي ٻئي ڀاڱي جي، جنهن ۾ آمريڪا جي 25-هن، ڪئناڊا جي ستن، آسٽريليا جي پنجن ۽ مڪسيڪو جي هڪ يونيورسٽيءَ بابت ڪارائتي ڄاڻ ڏنل آهي.
    هن ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ [ڀاڱو ٻيو] (آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جون يونيورسٽيون) جو پهريون ڇاپو ڊيمي سائز ۾، ڊسمبر 2019ع ۾، مجلد، 300 رپين جي قيمت ۾، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر مان ڇپجي، ناليج سينٽر لاڙڪاڻي پاران پڌرو ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ 12 رنگين صفحا ليکڪ جي تصويرن تي مشتمل آهن جيڪي مختلف ملڪن ۽ اتان جي تعليمي ادارن ۾ نڪتل آهن، جڏهن ته سنڌي مواد جا 227 صفحا ۽ انگريزي مواد جا 5 صفحا شامل آهن. ڪتاب جو انتساب ”اعلى تعليم حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ رهندڙ سنڌ جي نوجوانن جي نالي“ ڪيل آهي، جنهن مان پڻ انهن سنڌي نوجوانن سان محبت جو اظهار ٿئي ٿو ۽ کين اتساهه ملي ٿو جيڪي اعلى تعليم پرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيا آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ پاران ٻن صفحن تي مشتمل ”پنهنجي پاران“ شامل آهي جنهن ۾ هو، هِن ڪتاب جي محرڪ بابت ڄاڻائيندي، نيڪ نيتيءَ سان لکي ٿو: ”ترقي يافته ملڪن جا اعليٰ تعليمي ادارا نه رڳو پنهنجي ملڪ پر دنيا جي ٻين ملڪن کان ڪهي آيل شاگردن لاءِ به تعليم، تربيت ۽ ريسرچ جا هڪجيترا موقعا ۽ سهولتون فراهم ڪندا آهن. اهڙا معياري تعليمي ادارا ملڪ جي ترقيءَ سان گڏوگڏ ان جي ڏيهان ڏيھ عزت، عظمت ۽ نيڪناميءَ جو سبب پڻ بڻبا آهن. منهنجي هميشه اها خواهش رهي آهي ته دنيا جي اهڙن ناميارن معياري تعليمي ادارن جي ڄاڻ سنڌ جي نوجوانن تائين به پھچايان ته جيئن اهي به پنھنجي ذهانت ۽ محنت وسيلي انھن ادارن ۾ پھچي اعليٰ تعليم حاصل ڪري دنيا سان ڪلھوڪلھي ۾ ملائي هلن.“ ڪتاب جو تفصيلي ”مهاڳ“ نامياري اديب ڊاڪٽر احسان دانش ”روشنيءَ جو آبشار“ عنوان سان لکيو آهي جنهن ۾ هن نه صرف سمي صاحب جي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن جي اپٽار ڪئي آهي ته جيئن ڪتاب پڙهندڙ سندس شخصيت مان به اتساهه حاصل ڪن، پر ڪتاب جي اهميت ۽ ڪارج تي مفصل ۽ جامع نموني روشني وڌي آهي. هڪ هنڌ، هُو لکي ٿو: ”مختيار صاحب جو هي پورهيو، رڳو هڪ ڪتاب ناهي پر سنڌي نوجوانن کي دنيا جي يونيورسٽين جي آگاهي ڏيڻ سان گڏ کين انهن يونيورسٽين تائين رسائڻ جي سلسلي ۾ هڪ مِشن به آهي.“ هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر راشد پيرزادي جو لکيل تاثر ”اعلى تعليم لاءِ بهترين رهنمائي“ ۽ پروفيسر ڄام جماليءَ جو انگريزيءَ ۾ لکيل ليک ”A Guidance Gospel for Scions of Sindh“ پڻ شامل آهي.
    هن ٻئي ڀاڱي ۾ جن اهم يونيورسٽين بابت معلومات ڏنل آهي تن ۾ هارورڊ، مئسچوسٽس، اسٽئنفورڊ، ڪئليفورنيا، شڪاگو، مئريلينڊ، ڪولمبيا، وسڪانسن، هيوسٽن، آمريڪن، ورجينا، مڇيگن، ڊيوڪ، واشنگٽن اسٽيٽ، ٽيڪساس، ٽورنٽو، ڪيلگري، مڪگل، ونزر، سڊني، ميلبورن، گرفٿ، نيشنل آٽونامس وغيره شامل آهن.
    مختيار سمي صاحب نه صرف آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جي يونيورسٽين بابت هِن اهم ڪتاب ۾ ڀرپور ڄاڻ ڏني آهي، پر جن شهرن ۾ اهي يونيورسٽيون شامل آهن، انهن بابت به معلومات ڏني آهي ۽ انهن يونيورسٽين جي شروع ٿيڻ جي تاريخ پڻ ٻڌائي آهي، جنهن منجهان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيئن نه سادين ڪوششن سان وڏا تعليمي ادارا قائم ٿي سگهيا آهن ۽ اسان پڻ اهڙيون ڪوششون وٺي ناميارا تعليمي ادارا قائم ڪري سگهون ٿا، ڳالهه صرف مڪمل وابستگيءَ ۽ لڳاتار اپاءَ وٺڻ جي آهي.
    اهم ڳالهه هيءَ به آهي، ته انهن تعليمي ادارن مان جيڪي سنڌ ۽ پاڪستان جون شخصيتون پڙهي نڪتيون آهن، تن بابت پڻ انهن مضمونن ۾ ڄاڻايو ويو آهي، جنهن سان نوجوان پاڻ بابت به سوچي سگهن ٿا ته اهي به انهن يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ کين يونيورسٽين جي اسڪالرشپن بابت پڻ آگاهي ڏني وئي آهي جن جي مدد سان بنا ڪنهن مالي پريشانيءَ جي انهن يونيورسٽين ۾ پڙهي سگهجي ٿو، جتي ڪيتريون ئي نوبل انعام يافته شخصيتون تدريسي خدمتون پڻ سرانجام ڏئي رهيون آهن.
    بهرحال، سائين مختيار سمي جو هيءُ ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ هڪ اَملهه تحفو آهي جيڪو خاص ڪري نوجوانن جي زبردست تعليمي رهنمائيءَ جون واٽون ڏيکاري ٿو، اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهي ٿو، علمي آگاهي ڏئي ٿو، روشنيءَ واسطي رهنمائي ڪري ٿو ۽ ڏاهپ جي ڏيئن تائين وٺي وڃي ٿو. هيءُ ڪتاب سنڌ جي هر گهر ۾، هر اسڪول ۾، هر ڪاليج ۾ ۽ هر تعليمي اداري ۾ هجڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب سنڌ جي هر نوجوان جي شعور کي وڌائڻ جي واهه ڏَسيندڙ ۽ ڏيکاريندڙ آهي.
    riazatburiro@gmail.com

    ڪاوش ميگ 2 فيبروري 2020ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو